زال جي گذاري وڃڻ کانپوءِ جڏهن پهريون ڀيرو ابرار بازار ۾ سودو وٺڻ آيو هو ته سندس ٻنهي ڪلهن کان ڪپڙي جا ٿيلها ٿي لڙڪيا. هو سڀني کان اڳ ڀاڄيون وٺڻ لاءِ ترسيو، ڀاڄي واري سانوري همراهه کيس مرڪي سلام ڪيو ته هن به مرڪي کيڪرايو هئس. جيئن ڀاڄي واري ٽماٽن جي تور ڪري ان کي پلاسٽڪ جي ٿيهلي ۾ وڌو ته ابرار جو منهن هيڊو ٿي ويو ۽ بنا ڪجهه چئي ڀاڄي وارو دڪان ڇڏي ڪنڌ جهڪائي اڳيان وڌڻ لڳو. ڀاڄي واري کيس وائڙن جيان تڪيندي سڏيو:
صاحب ڇا ٿيو… ترسو ته سهي؟
پر ابرار هن جي ڳالهه اڻ ٻڌي ڪري ڪنڌ جهڪائي اڳيان وڌي ويو. وچ ۾ ٻه ٽي ڀاڄيءَ جا دڪان آيا، پر انهن تي پلاسٽڪ جون ٿيلهيون ٽنگيل ڏسي ڪنهن به دڪان تي ڪونه بيٺو ۽ فروٽ وٺڻ لاءِ ترسيو. فروٽ واري ڇوڪري جي هٿ ۾ پلاسٽڪ جي رنگ برنگي لڙين واري ڏنڊي هئي جنهن تي ڪاري ۽ ڳاڙهي ٽيپ وڪوڙيل هئي. اهو ڇوڪرو رکي رکي انهن پلاسٽڪ جي لڙين کي فروٽ تي هڻي انهن تي ويهندڙ مکين کي اڏائي رهيو هو. ابرار جڏهن اهو لقاءُ ڏٺو ته کيس الٽي اچڻ جو احساس ٿيو. اهو بازار ۾ ڪو نرالو لقاءُ ڪونه هو، جڏهن کان ابرار هوش سنڀاليو هو ۽ بازار ۾ گهمڻ ڦرڻ لڳو هو ته اهو ئي لقاءُ ڏٺو هئائين. هو پاڻ به مهيني ۾ ٻه ڀيرا بازار اچي پهرئين پلاسٽڪ جون وڏيو ٿيلهيون ئي وٺندو هو ۽ انهن ۾ سامان ڀرائي گهر موٽندو هو. پر زال جي گذاري وڃڻ کانپوءِ جڏهن پهريون ڀيرو هن بازار ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي هلندڙ ڪارونهوار ڏٺو ته هن جي ڪيفيت عجيب ٿي وئي. هو اڃان ان پيڙهه مان نه نڪتو هو جو ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪچرو گڏ ڪري ان کي تيلي ڏني هئي، بازار پلاسٽڪ جي سڙڻ جي ڌپ سان ڀرجي وئي، اهو زهريلو دونهون هوا سان ملڻ لڳو. ابرار هڪدم پنهنجي منهن تي ڪپڙي واري ٿيلهي چاڙهي تڪڙيون وکون کڻندي اتان نڪرڻ جي ڪئي. بازار ۾ موجود ماڻهن کي لڳو ته هو زال جي گذاري وڃڻ جي ڏک ۾ چريو ٿي پيو هو. ان ڏينهن کانپوءِ هن بازار وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو.
پنجاهه سالن جي ابرار گذريل پنجن سالن کان شهري زندگيءَ مان جند ڇڏائي، دونهانٽيل شهر کان پرڀرو هڪ ويران علائقي ۾ هٽڙي ٺاهي ان ۾ رهڻ لڳو. ائين ته هو ڄائو، پڙهيو ۽ پرڻيو به انهيءَ شهر ۾ ئي هو، پر شهر کي عجيب نموني بدلجندي ڏٺو هئائين. جڏهن هو اڃان ٻار هو ته شهر ننڍڙو ۽ سهڻو هوندو هو، روڊن رستن جي ٻنهي پاسن کان وڏا گهاٽا وڻ هوندا هئا، گهرن ۾ باغيچا هوندا هئا، جتان سج لٿي مهل رات جي راڻيءَ جي خوشبوءِ ايندي هئي ته سموري ڏينهن جا ڄڻ ٿڪ ئي لهي ويندا هئا. وڻن مان قسمين قسمين پکين جون سريليون ٻوليون ٻڌڻ ۾ اينديون هيون. هڪ ڀيرو راند کيڏندي هو گهاٽي وڻ جي ڏار تي چڙهي ويو هو ۽ ان تي ويٺل ننڍڙي پنج رنگي پکي کي ڏسي وائڙو ٿي ويو هو. شهر ۾ وڏا ڪشادا ميدان هئا ۽ پبلڪ پارڪ هئا. پوءِ هوريان هوريان شهر ترقي ڪرڻ لڳو، ڪشادن ميدانن ۽ پبلڪ پارڪن تي قبضا مافيا اچي ڪڙڪي… ڏسندي ئي ڏسندي شهر ۾ اوچيون عمارتون اڏجڻ لڳيون، اهڙيون اوچيون ڄڻ آسمان کي چميون ڏينديون هجن. ماڻهو وڌڻ لڳا ۽ هوريان هوريان شهر مان وڻ ٽڻ ۽ پکي پکڻ گم ٿيڻ لڳا، ڄڻ ڪنهن انهن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو هجي. نيٺ اهو وقت به آيو جو شهر کي اڃان وڏو ڪرڻ لاءِ الحاج ميان منصور ٻن فيڪٽرين هڻڻ جو اعلان ڪيو. هڪڙي سگريٽ ٺاهڻ واري فيڪٽري، ٻي پلاسٽڪ مان ٿيلهيون ٺاهڻ واري فيڪٽري. فيڪٽرين تائين وقت سر پهچڻ لاءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ضرورت پئي ته ان لاءِ وري ميان منصور پنهنجي ئي ڀاڻيجي کي ٽرانسپورٽ جو ٺيڪو ڏنو.هن جا هٿ ايترا ته مضبوط هئا جو کيس نه لهر هئي ۽ نه وري ڪو لوڏو. ڀاڻيجي پبلڪ ٽرانسپورٽ لاءِ اهڙيون بسون هلرايون جيڪي رڳو پيون دونهون ڇڏينديون هيون. ڏسندي ئي ڏسندي شهر ماحولياتي گدلاڻ جو بدترين نمونو بڻجي پيو، فيڪٽرين، بسن ۽ گاڏين جي دونهين جي ڪري سڀ ڪجهه ڌنڌلو ڌنڌلو ٿي پيو وڻ ۽ ٻوٽن تي ڪارنهن ڄمڻ لڳي. ماڻهن ۾ دم سان گڏ چمڙيءَ جون ڪيتريون ئي بيماريون ٿي پيون، نالا زهريلي ڪيمڪيلن سان ڀرجي ويا. جيئن ٿوري هوا لڳندي هئي ته هر پاسي کان پلاسٽڪ جون ٿيلهيون اڏامندي نظر اينديون هيون. ائين لڳندو هو ڄڻ سمورو شهر ئي پلاسٽڪ جي هڪ وڏي ٿيلهي ٿي پيو هجي.
ابرار کي پلاسٽڪ جي ٿيلهين واري فيڪٽري ۾ اڪائونٽس برانچ ۾ نوڪري ملي، تن ڏينهن ۾ هن جو پگهار ست هزار هو. ڪاليج سائيڊ کان بي ڪام ڪري ترت ئي کيس نوڪري ملي وئي ته هو ايترو خوش هو جو فيڪٽري جي مالڪ ميان منصور جي وڏي حياتي لاءِ ٻه نفل پڙهيا هئائين ۽ دوستن سان ڪچهري ۾ ويهي اڪثر ان ڳالهه جو ذڪر ڪندو هو ته ميان منصور جي ڪري ڪهڙي نموني شهر ترقي ڪئي هئي ۽ ڪيئن سڀني کي گهر ويٺي ئي نوڪريون ملڻ لڳيون هيون، هو ان ڳالهه تي به زور ڏيندو هو ته معاشي خوشحالي ئي اصل خوشحالي هئي ۽ اهي جيڪي ميان منصور خلاف ڪا ڳالهه ڪندا هئا سي ناشڪرا هئا.
هڪ شام جو ڪم پورو ڪري هو بس جي انتظار ۾ ٻاهر نڪري اچي بيٺو جو هن جي نظر ٽن چئن ماين سان بيٺل انجم ڏانهن وئي. هو کيس ڏسندو ئي رهجي ويو. هڪ ته هوءَ قد جي ڊگهي هئي ٻيو وڏيون ڪاريون ڪجليون اکيون هئس ۽ ٽيون وري کاڏي تي مسو هئس. هو فيڪٽري جي ڪواليٽي ڪنٽرول واري حصي ۾ ٽائپسٽ هئي. هوريان هوريان مردن ۽ ماين جو انگ وڌڻ لڳو. ان هوندي به ابرار سڀني کان نظرون چورائي انجم کي ڏسي ٿي ورتو. بس اچي وئي هئي، هرڪو سيٽ حاصل ڪرڻ جي چڪرن ۾ تڪڙو بس ۾ چڙهڻ لڳو، پر ابرار آخري منٽ تائين به اکين جي راند ڪرڻ ٿي چاهي ۽ نتيجي ۾ سمورو رستو بس ۾ بيهي آيو. ڏهه کن مسافر هن جي ئي پاڙي وٽ لٿا، انجم به انهن مان هڪ هئي، هو ٻن ماين جي وچ ۾ ٿي هلي، اهي مايون هن کان عمر ۾ وڏيون هيون، ابرار هنن جي پٺيان هلندو ٿي آيو. نيٺ اهي مايون هڪڙي گهٽي ۾ مڙي ويون، جڏهن ته ابرار ٻه گهٽيون پار ڪري فليٽن جي عمارت ڏانهن وڌي ويو. ان رات هو دير تائين جاڳندو رهيو ۽ انجم جي منهن کي ياد ڪندو رهيو. صبح جو سوير ئي گهران نڪري اچي بس جي انتظار ۾ بيٺو، ٻه بسون مٽيون، پر هو انهن ۾ ڪونه چڙهيو، آفيس وڃڻ بدران هو اتي انجم جي انتظار ۾ بيٺل هو. نيٺ انجم ساڳين ٻن ماين سان گڏ ايندي نظر آيس ته هن جي منهن تي مرڪ اچي وئي. وري ٻنهي جون نظرون هڪ پل لاءِ مليون ۽ پوءِ انجم نظرون جهڪائي ڇڏيون هيون.
هن دونهانٽيل شهر ۾ انجم جو بيمار ماءُ کانسواءِ ٻيو ڪير به ڪونه هو. وڏي ٻوڏ جي ڪري لڏپلاڻ ٿي هئي ته انجم ۽ سندس ماءُ به ڳوٺان لڏي اچي شهر ۾ رهڻ لڳيون هيون. ڳوٺ ۾ ٿيل ٻنيءَ جي تڪرار تي هن جي پيءُ کي مٿي ۾ ڪهاڙي لڳي هئي ۽ ان جي ڪري هو مري ويو هو. ٻوڏ جي تباهي کانپوءِ وري جڏهن ڳوٺاڻن کي پنهنجن ڳوٺن ڏانهن ورائڻ جو وقت آيو هو ۽ شهر ٻاهران لڳايل ٽينٽ سٽي کي ختم ڪرڻ جو اعلان ٿيو هو ته انجم جي ماءُ ٻين ڳوٺاڻن جيان ڳوٺ ورڻ بدران ڌيءَ سان گڏ شهر جو رخ ڪيو هو. اهي شهر جي ڪچي آبادي ۾ اچي رهيون هيون ۽ پوءِ پلاسٽڪ جي ٿيلهين واري فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ هڪ مائي انجم جي ماءُ کي فيڪٽري ۾ وٺي وئي هئي جتي هو ٻين ماين سان گڏ ٿيلهين کي ويڙهي پيڪ ڪري وڏن ڪارٽنن ۾ اڇلائيندي هئي. انجم ڪاليج جي پڙهائي سان گڏ ڪميوٽر سينٽر تي ٽائپنگ جو ڪورس به ڪرڻ لڳي. شروع وارا سال ته سڀ ڪجهه صحيح هو، پر پوءِ هڪ ڏينهن انجم جي ماءُ کي سهڪو ٿيو، اهو سهڪو اهڙو هو جو هو سهڪندي سهڪندي بيهوش ٿي وئي. فيڪٽري ۾ ڪم ڪندي ڪندي هن جي ڦڦڙن تي اثر پيو هو. بيماري جي شروع وارن ڏينهن ۾ ته هن ان ڳالهه کي نظرانداز ڪري فيڪٽري ۾ پنهنجو ڪم جاري رکيو، پر بيماري گهر ڪرڻ لڳيس ۽ هوءَ وڃي کٽ تي پهتي. سڄو ڏينهن پئي کنگهندي هئي. هڪ ڀيرو سهڪي ۾ پاڻي ڀرڻ لاءِ اٿي ته وڃي ڦهڪو ڪيائين جنهن جي ڪري ساڄي ٽنگ ڀڄي پيس. اهي ڏينهن انجم ۽ هن جي ماءُ لاءِ قيامت مثل هئا. هو کٽ تي پيل ماءُ جي واتان صبح شام رڳو هڪڙي ئي ڳالهه ٻڌندي هئي:
الله سائين هاڻي مون کي پنهنجو ڪر ته هن عذاب مان جند آجي ٿئيم…
اهي ڳالهيون ٻڌي انجم ماءُ جي پاسي کان ويهي ڳوڙهن ڳاڙن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڪري سگهندي هئي. هڪ شام جو فريدا هن جي ماءُ کي ڏسڻ آئي، هوءَ پاڻ سان گڏ فروٽ به وٺي آئي هئي. انجم رڌڻي ۾ هن لاءِ چانهه ڪرڻ وئي، فريدا هن جي ماءُ سان حال احوال ڪرڻ لڳي.
ادي سمجهه ۾ نٿو اچيم ته هاڻي گهر جو گاڏو ڪيئن گهلبو؟ انجم جي ماءُ چيس.
الله سائين پاڻهي ڪا نه ڪا واٽ ڪڍندو! فريدا دلاسو ڏيندي چيس.
هاڻي ته هلڻ کان به هلاڪ آهيان، سڄو ڏينهن کٽ تي پئي هوندي آهيان. انجم جي ماءُ چيس.
منهنجي ڪنن تائين ڳالهه پهتي آهي ته پاڻ واري فيڪٽري ۾ نيون نوڪريون آيون آهن، انجم کي سڀاڻي مون سان فيڪٽري موڪل ته باجي سان ملرايانس، پڪ اٿم ڪا نه ڪا واٽ نڪري ايندي.
انجم جي ماءُ هاڪار ڪندي ڪنڌ لوڏيو هو. ويندي مهل فريدا انجم کي ڪجهه ڏوڪڙ به ڏئي وئي هئي. ٻئي ڏينهن هوءَ فريدا سان گڏ فيڪٽري آئي ۽ کيس ٽائپسٽ جي نوڪري ملي. فريدا انجم لاءِ ٻي ماءُ مثل ٿي پئي هئي، هو فيڪٽري ايندي ويندي هن سان ئي هئي.
ٻن هفتن تائين ابرار انجم سان اکين جي راند ڪندو رهيو، هن ۾ ايتري همت نٿي ٿي جو انجم سان ڳالهائي سگهي. اها فريدا ئي هئي جنهن اکين جي ٿيندڙ ان راند کي ماپي ورتو هو ۽ هڪ ڏينهن واپسيءَ تي هن انجم کي چيو هو:
او هو همراهه تو مان ته نظرون ئي نٿو ڪڍي. انجم هڪ ڀيرو ابرار ڏانهن ڏسي نظرون جهڪائي فريدا کي چيو:
ابرار ۽ انجم جي شادي ۾ فريدا جو اهم ڪردار هو، هن لاءِ ڄڻ اها پنهنجي ئي ڌيءَجي شادي هئي، ڏاج تي خوب خرچ ڪيو هئائين. شادي جو ڀت به سٺو ڪيو هئائين ۽ فيڪٽري ۾ سڀني کي سڏ ڏنو هئائين. ابرار ڪرائي جو فليٽ ڇڏي انجم ۽ هن جي ماءُ سان گڏ رهڻ لڳو هو. شادي کي وقت گذرڻ لڳو، پر کين ٻار ڪونه ٿيو. ان هوندي به ٻئي پاڻ ۾ خوش هئا. شادي جي ٽين سال انجم جي ماءُ گذاري وئي. انجم هنجون هاري روئڻ لڳي هئي ۽ ابرار هن کي دلاسا ڏيندو رهيو هو.
ٻنهي جو خيال هو ته بس تي فيڪٽري ايندي ويندي کين ڏکائي ٿئي ٿي، اسڪوٽي وٺڻ لاءِ هنن ڪاميٽي رکي، فريدا کين پهريون نمبر وٺرائي ڏنو هو، پئسا مليا ته ابرار اسڪوٽي وٺي آيو هو. انجم اسڪوٽي تي پٺيان ويهي، ابرار کي اڪثر ڪنڌ تي هلڪڙو چڪ هڻندي هئي، ابرار ڇرڪجي هيڏانهن هوڏانهن ڏسي چوندو هئس: ماڻهو نه ڏسن…
اهو ٻڌي هوءَ ٽهڪ ڏيندي هئي، انهيءَ ٽهڪ ۾ ابرار لاءِ ستن سرن جو سرگم ڀريل هوندو هو. هڪ ڏينهن اهي فيڪٽري کان موٽي رهيا هئا جو اوچتو انجم کي سهڪو شروع ٿي ويو ۽ ان سان گڏ کيس رت جي الٽي آئي، اهو ڏسي ابرار پريشان ٿي ويو. ان رات اهي ستل هئا جو وري انجم کي سهڪي جو دورو پيو ۽ وري رت جي الٽي ڪيائين. ابرار هن کي پاڻي پياريو هو، رت جي الٽي صاف ڪئي هئائين، پر انجم کي فرحت نه ملي ته کيس اٿاري سهارو ڏئي ٻاهر وٺي آيو، کيس اسڪوٽي تي ويهاريائين ۽ اسپتال جو رخ ڪيائين. سرڪاري اسپتال جي ڊيوٽي ڊاڪٽر بيزاري مان هن جو چڪاس ڪيو ۽ ڪجهه دوائون ڏئي انهن مان جان ڇڏائي هئائين.
ڏهين ڏينهن وري انجم جي حالت خراب ٿي وئي ۽ هوءَ ويتر رت جون الٽيون ڪرڻ لڳي، هن ڀيري فريدا به آئي هئي، ابرار ٽيڪسي ڪرائي آيو هو ۽ انجم کي اسپتال وٺي ويو. ڊاڪٽرياڻي هن ڀيري کين ٽيسٽن ڪرائڻ جو چيو. رپورٽون پڙهي ڊاڪٽرياڻي جي منهن جا تاثر مٽجي ويا هئا. ابرار سمجهي ويو هو ته ڪا گڙٻڙ هئي.
اوهان جي گهر واريءَ کي ڦڦڙن جو ڪينسر ٿي چڪو آهي، هن جي ڦڦڙن تي پلاسٽڪ جي ڪيمڪل جي ڪري ڦٽ ٿي ويا آهن. ڊاڪٽرياڻي ابرار کي ٻڌايو هو. اهو ٻڌي هن کي لڳو ڄڻ اسرافيل توتڙي وڄائي قيامت جي گهڙيءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو هجي. انجم هيڻي ٿيڻ لڳي، ڳالهيون ڪيموٿراپي تائين وڃي پهتيون، ابرار وسان ڪونه گهٽايو، پر پوءِ به انجم کي بچائي ڪونه سگهيو. هن جي سس سان گڏ زال کي به پلاسٽڪ جي ٿيلهين واري فيڪٽري ۽ ان جي ڪيميڪلن ڳڙڪائي ڇڏيو. ابرار کي ان ڳالهه جو اهڙو صدمو رسيو جو هن کي پلاسٽڪ جي هر شيءِ کان فوبيا ٿي پئي. گهر جي هر اها شيءِ جيڪا پلاسٽڪ جي هئي کي ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪيائين. پلاسٽڪ ۾ کيس سس، زال ۽ ان کانپوءِ پنهنجو به موت نظر ٿي آيو. هوريان هوريان هن پلاسٽڪ جي شين کي هٿ هڻڻ ئي ڇڏي ڏنو ۽ هر اها شيءِ جيڪا پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ ايندي هئي ان کي واپرائڻ بند ڪري ڇڏيائين. ماڻهو کيس چريو سمجهڻ لڳا. پر شهر جو سمورو وهنوار ته ڄڻ هليو ئي پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي، هوريان هوريان کيس سمورو شهر پلاسٽڪ جي هڪ وڏي ٿيلهي مثل لڳڻ لڳو ۽ پوءِ پنج سال اڳ شهر ۾ سڀ ڪجهه ڇڏي ويراني ۾ اچي پنهنجي هٽڙي اڏيائين.