بلاگنئون

ڪتاب “ديد جو درشن” تي اڀياسي نظر

شاعري سمنڊ آھي، شاعر اُن سمنڊ جو ناکُئو. شاعري صحرا آھي، شاعر اُن صحرا ۾ ڦٽل گل، شاعري آڪاس آھي، ۽ شاعر اُن آڪاس تي وهائو تارو. يعني شاعري جون منزلون مٿي آھن، جن کي شاعر طئي ڪري پهچي ٿو، پر اڪثر ڪري شاعريءَ جي رستن تي، شاعر سفر ئي ڪندا رهندا آھن، ڇاڪاڻ ته شاعريءَ جي سفر ۾ رات به ٿيندي آھي، ته ڏينهن به ٿيندو آھي. شاعريءَ جي رستي تي پن ڇڻندا آھن، ته پن ڇڻ جي مند خزان محسوس ٿيندي آھي. شاعريءَ جي رستي تي گل ٽڙندا آھن، ته بهار جي مند محسوس ٿيندي آھي. شاعري جي رستي تي ڪوهيڙ هوندو آھي، ته سياري جي مند محسوس ٿيندي آھي، ۽ شاعري جي رستي تي جڏهن سج پنهنجي اُس جي تيزي ڏيکاريندو آھي، ته لڱ ساڙيندڙ گرمي جي مند محسوس ٿيندي آھي. شاعر به اُنهن مندن، موسمن، ڪيفيتن، حادثن، دردن سان سلهاڙيل مسافر هوندو آھي، جيڪو هر مند جي ڪيفيت، هر مند جي رنگيني، سان گڏ پنهنجي دل جي موسمن جي ڪيفيتن کي، پنهنجي خيالن ذريعي ڪنهن نه ڪنهن تخليق جو نانءُ ۽ روپ ڏيئي لکندو آھي.
منهنجي خيال مطابق شاعريءَ ۾ شاعر جو تعارف خود شاعري ڪرائيندي آھي، پنهنجي شاعري سان سڃاتو ويندڙ شاعر سائين زيب ڪنگو به اهڙو ئي شاعر جنهن جي شاعري ئي سندس سڀ کان وڏو ۽ گهرو تعارف آھي، ڇو جو ڀلي انسان ڪنهن به ميدان ۾ هجي، هو پنهنجي ڪم، پنهنجي محنتن، ۽ پنهنجي فن ذريعي ئي سڃاتو ويندو آھي.
آئون جيڪڏهن سائين زيب ڪنگو کي، مختلف ڪيفيتن ۽ منظرن سان سلهاڙيل شاعر چوان، ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته مون محسوس ڪيو آھي، جيڪي شاعر پنهنجي زندگيءَ ۾، پنهنجي زندگيءَ جي درد کي اظهارڻ جو فن رکندا آھن، اُهي ڪڏهن به مايوسين جو شڪار ناهن ٿيندا، ڇاڪاڻ ته هو درد کي تخليق جو روپ ڏيئي، پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪندا آهن.
زيب ڪنگو جي شاعريءَ ۾ روايتي لاڙن جا ڪجهھ پهلو به ملن ٿا ته جديدت جي اُپٽار به ملي ٿي جنهن مان اُهو ثابت آھي ته جهڙي به نموني سائين زيب جي دل اظهار ڪرڻ گهريو آھي، تيئن ئي اُن کي هُن پني تي اوتاري پيش ڪيو آھي. دل جي خيال، فطرت جي رنگن جي احساس کي، جهڙي نموني به زيب سائين محسوس ڪيو آھي اُن کي اُهڙي نموني ئي لکيو آھي جيڪا زيب سائين جي شاعريءَ جي سڃاڻپ آھي.
اُميدن، آسن، انتظارن، سڏڪن، دردن، چاهتن، سان ڀرپور شاعريءَ جو اڄ اسين اڀياس ڪنداسين ۽ محسوس ڪنداسين ته زيب جي شاعري حساسيت سان ڪيتري سلهاڙيل آھي.
جو مزو انتظار ۾ آھي
عشق ايڏو اڏار ۾ آھي
ريس ان سان ڀلا ڪجي ڪهڙي
جو به تنهنجي نهار ۾ آھي
هڪڙو مدهوش مان ڪٿي آھيان
مئڪدو ئي خمار ۾ آھي.!
اسان زيب ڪنگو کي پڙھڻ وقت اُهو محسوس ڪري سگهون ٿا ته هو اظهار جو ڪيترو پختو آھي، ۽ ڪيترو هو شعر جي خوبصورتي جو فن رکي ٿو، ۽ ڪيترو هُو پنهنجي انداز سان پڙهندڙ کي موهي ٿو، اُهو سڀ انهيءَ ڪري ته هو سادو اظهار ڪرڻ ڄاڻي ٿو. هو من گهڙت ڳالهين کان ڪوهين ڏور رهي ڪري پيار جي حقيقتن ۽ سچائين جي وادين ۾ رهي ٿو، شايد اُن ڪري ئي هو پنهنجي شاعريءَ ۾ پڙهندڙن کي دل ۾ احساس جي سگھه بخشي ٿو.
ريس ان سان ڀلا ڪجي ڪهڙي
جو به تنهنجي نهار ۾ آھي
هن بند کي ڏسجي ته دل ۾ خودبخود دل مان هڪ صدا جيڪا واھه واھه جي صورت ۾ نڪري ٿي، اُها ڪيتري نه هڪ عجيب ڪيفيت ۾ وجهندڙ آھي.مون کي ته پڙهندي اُهو به محسوس ٿيو ته سائين زيب جي شاعري حسناڪيءَ جي سرحدن کي اُن ڪري به ڇهي ٿي جو اُها ڏُکايل دل جي روئاريندڙ منظر جي عڪاسي ڪري ٿي.
۽ اُن کان به وڌيڪ اهڙا ڪيترائي شعر جن کي پڙهندي حسناڪيءَ جي سرحدن کان سائين زيب جي شاعري ٽپي وڃي ٿي اُهو چوندي ته اسين زيب جي دل جي اهڙي صدا، اهڙي پڪار، ڏات جي رنگن مان نڪتل اهڙا پوپٽ آھيون جيڪي دل جي هر ڪيفيت مان گُذري اوهان تائين پهتا آهيون.!
روز تنهنجي ديد جو درشن ڪيان
روز پنهنجي قلب کي روشن ڪيان
هيءَ محبت منهنجي ڪل ميراث آهي
لوڪ سارو ڇو ڀلا دشمن ڪيان
ٻول پيارو ۽ هجي سهڻو سخن
پاڻ کي هن راھه ۾ هر فن ڪيان.
هر احساس رکندڙ، سچيت ۽ شاعر ماڻهو نفرتن جي بيابانن تي رهندڙ مخلوق نه پر، محبتن، الفتن ۽ پيار جي پٽن تي رهندڙ مخلوق آھي. شاعر نفرت کان ڪوڙ کان ايتري قدر نفرت ڪندو آھي جيتري قدر ڀاڳيو چور کان نفرت ڪندو آھي، اُن کان به وڌيڪ مثال آهن شاعر جي سچائيءَ ۽ پيار جا جن کي هو سڄي دنيا ۾ ڏسڻ چاهي ٿو.! زيب ڪنگو به محبتن کي پنهنجي ميراث سمجهي ٿو، پنهنجي ڪُل ڪمائي هو محبتن کي سمجهي ٿو، ۽ نفرتن کان پري رهڻ چاهي ٿو. اُنهيءَ ڪري ئي اهڙو اظهار دل جي سرزمين تان هڪڙي گل جيان ڦٽي نڪتو آھي.!
گلدستو هو منهنجي هٿ ۾
تو وٽ ڪنهن لئه هار ٻه ٽي ها
مرڪن سان گڏ ڪير ڏسي هي
ڳل تي لڙڪن لار ٻه ٽي ها
سائين زيب جي شاعريءَ جي چونڊ ڪرڻ اُن ڪري به مشڪل آھي، ڇاڪاڻ جو سڀني غزلن ۾ پنهنجا منظر، پنهنجي معنائن جي مهڪار آھي، جن کي پڙهندي هر جاءِ تي هر غزل کان ٻيو غزل وڌيڪ حسناڪ لڳندڙ آھي، دردن سان ٽمٽار سموري شاعري ٿر جيان لڳي ٿي، جن تي زيب سائين روهيڙي جي گل جهڙي مهڪار به اوتي آھي، ته جهانگين جي جهوپن جهڙا هزارين اوسيئڙا ۽ ارمان به اڏيا آھن، مون کي اڀياس ڪندي حيرت ٿي ته زيب سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ايترو هر جاءِ تي هر سٽ ۾ درد اوتڻ ڪنهن کان سِکيو آھي، مون کي محسوس ٿيو ۽ شعر پڙهندي معلوم ٿيو ته ڪنهن جي وڇڙڻ جو صدمو ۽ زماني جا اوکا اولڙا سڀ ڪجهھ سِيکاري ڇڏيندا آھن، پر اوهان کي حيرت ٿيندي ته زيب سائين دردن کي من ۾ سانڍي، پوءِ به جيئڻ جو حوصلو رکندڙ شاعر آهي، هنن سٽن ۾ ڏسو:
زندگي مان اڃان زيب ناهي ٿڪو
راھه ۾ موڙ هئا حل مگر ڇو نه هو.!
زيب ڪنگو جي شعرن کي پڙهي ائين لڳي ٿو ڄڻ ته هي شعر هڪ درد جي عڪاسي ڪن ٿا ڄڻ ته هي شعر شاعر خاموشي سان روئيندي لکيا آھن، يقينن سائين زيب ڪنگو جهڙا شاعر جڏهن به لکندا آھن، پڙهندڙ کي پنهنجي ساحري، پنهنجي جادوئي فن ۾ گرفتار ڪري ڇڏيندا آھن، درد سان، پيار سان، سڏڪن سان، منظرن سان، يادگيرين سان، بي وفائي جي داستانن سان ۽ وفا جي نعرن سان احساس رکندڙ ماڻهو پنهنجا مداح بڻائي ڇڏيندا آھن.
ڪير صحرا ۾ سڏيندو ٿو وڃي
پير واريءَ تي ڇڏيندو ٿو وڃي
سڏ پڙاڏي جي پٺيان ڊوڙان پيو
پر اڃان هو ڏور ٿيندو ٿو وڃي
جيتري ڪوشش وسارڻ جي ڪئي
زيب ويتر ياد ايندو ٿو وڃي.
شاعر جي جذبن جي شاعريءَ ۾ اهڙي ادائگي واقعي حيرت ۾ وجهندڙ آھي. زيب ڪنگو جي شاعري اُنهن سڀني رنگن جو نالو آھي جيڪي رنگ دل، اکين، احساسن، ڪيفيتن کي ڇُهندا آھن. ڪوئي صحرا ۾ سڏيندو ٿو وڃي ۽ پير واريءَ تي ڇڏيندو ٿو وڃي، آئون سڏ پڙاڏن جي پٺيان ڊوڙان پيو، ليڪن اڃان هو ڏور ٿيندو ٿو وڃي. هي اُهي احساس آھن زيب ڪنگو جي شاعريءَ جا جيڪي تمام گهڻو متاثر ڪندڙ ۽ حواسن تي ڇانئجي وڃن ٿا، جيڪي ڪنهن جي وڇوڙي جي صدا بڻجي ڪنهن جي وڇوڙي جي سرحد بڻجي اکين ۾ لڙڪ آڻي ڇڏين ٿا. يعني اُن مان معلوم ٿيو ته زيب ڪنگو جي شاعريءَ ۾ اُهي عنصر، اُهي احساس آھن جيڪي ڪنهن جي دل جي صدا بڻجن ٿا ڪنهن جي پڪار ڪنهن جي سڏڪن جا پڙاڏا بڻجن ٿا، پر زيب جي شاعريءَ ۾ مايوسي جو عنصر ناهي. جيئن تيئن درد سان، سڏڪن سان ۽ وڇڙيل پيار سان عمر گذارڻ جو وچن ورجايل آھي، جيڪا ڳالھه پڻ سائين زيب جي شاعريءَ جي خوبصورتي کي ڇُهي ٿي.
درد ٿي احساس مان نڪرن پيا
لڙڪ منهنجا جهول ۾ سڏڪن پيا
ڪونه ٿو هاڻي قلم اڳتي وڌي
لفظ ڪاغذ تي ڪري تڙپن پيا.
زيب ڪنگو جي سموري شاعريءَ جي سونهن ست رنگي رنگن جهڙي سهڻي ۽ خوبصورت آھي. سائين زيب جو ڪتاب “ديد جو درشن” به انهن ئي ست رنگي رنگن سان سينگاريل هڪ گلدستو آھي جنهن ۾ زيب سائين پنهنجا درد سڏڪن اندر جا اڌمان پيش ڪيا آھن.
ڪتاب “ديد جو درشن” ۾ غزلن جا گلاب ۽ شعرن جون پنکڙيون آھن. گلاب پنکڙين سان سونهندا آھن ۽ پنکڙيون گلابن سان گڏ سونهنديون آھن، يعني سموري ڪتاب ۾ غزل ئي آھن، اُهي غزل جيڪي زيب سائينءَ جي اندر جي اڌمن جي آڙ مان تخليق ٿي نڪتا آھن.
صدما اُڌمان به پنهنجي جاءِ تي، پر جيڪڏهن ڏسون ته زيب سائين سونهن کي پڻ چاهيندڙ شاعر آھي، تنهنڪري درد سان گڏ سونهن جي سٽَن به کيس ڪيترائي غزل تخليق ڪرايا آھن جنهن جو مثال ڪيترن ئي شعرن ۾ ملي ٿو:
ڪين جهٽ بند ڪر پرين کڙڪي
ڪو ته ڏس انتظار ۾ آھي
سونهن چمڪا ڪري جتي يارو
زيب انهي قطار ۾ آھي.
ڪتاب “ديد جو درشن”، جو مهاڳ سنڌ جي خوبصورت شاعر معشوق محسن ابڙو لکيو آھي. جنهن زيب ڪنگو جي شاعري جي سونهن کي سهڻي طرح سان تراشيو ۽ چِٽيو آھي. بيڪ ٽائٽل تي خوبصورت شاعر ديدار معصوم ۽ اندرا پوناوالا شبنم جا رايا لکيل آھن. ان کان علاوه راين ۾ سهڻن شاعرن مفتون ڪورائي، امداد سهتو، شھمير سومرو جا رايا شامل آھن. ڪتاب پنهنجي خوبصورتي سان نهايت بهترين ۽ هٿن ۾ گلن جيان لڳندڙ آھي، اُميد، پڪ ۽ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته سائين زيب ڪنگو جو هي ڪتاب دلين جي صحرا جهڙي سرزمين کي ضرور آباد ڪندو.!
گيت منهنجا سادڙا تو وٽ پڳا
مانُ تن کي تو ڏنو ويچار سان