ايڊيٽوريلنئون

پاڪستان ۾ کنڊ مافيا هڪ ڀيرو ٻيهر متحرڪ ۽ کنڊ مهانگي

کنڊ هڪ اهڙي غذائي شيءِ آهي، جيڪا امير ۽ غريب جي گهر ۾ روزمره استعمال ٿئي ٿي. ڪيترين ئي مصنوعات ۾ به کنڊ جو استعمال ٿئي ٿو. جڏهن کنڊ جي قيمت ۾ واڌ اچي ٿي ته ان مان ٺهندڙ هر شيءِ جي قيمت ۾ ازخود اضافو اچي وڃي ٿو ۽ مارڪيٽ ۾ مهانگائي جي لهر کي سڌيءَ طرح محسوس ڪيو وڃي ٿو.

پاڪستان جي بيورو آف شماريات ملڪ ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ وڏي واڌ جي تصديق ڪئي آهي. اداري پاران جاري ڪيل تازن انگن اکرن موجب ملڪ ۾ کنڊ جي پرچون قيمت 190 رپيا کان وڌي 200 رپيا في ڪلو گرام تائين پهچي چڪي آهي. ڪجهه شهرن ۾ ته اها 200 رپين کان به مٿي ٿي وئي آهي. شماريات بيورو ۽ پلاننگ ڊويزن مطابق کنڊ جي قيمت ۾ واڌ جو بنيادي سبب ملڪ مان کنڊ جو پرڏيهه اماڻڻ آهي.

پاڪستان کنڊ جي وڏي پيداوار ڪرڻ وارن ملڪن مان هڪ آهي، پر ان هوندي به پاڪستان جي عوام کي کنڊ سستن اگهن تي ملڻ هڪ خواب بڻجي چڪو آهي، ڇو ته شگر مافيا کنڊ جو هڪ وڏو حصو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ٻاهر موڪلي ڇڏي ٿي يا وري ڪاروباري طبقو ان جي ذخيرا اندوزي ڪري عوام کي کنڊ خريد ڪرڻ جي سهولت کان محروم رکي ٿو. ذخيرا اندوزي قانوني طور تي هڪ ڏوهه آهي، پر ڪاروبار ڪرڻ وارا ماڻهو ان ڏوهه کي بار بار ڪن ٿا. ڇو ته قانون انهن کي پنهنجي گرفت ۾ نٿو آڻي. کنڊ جي مصنوعي کوٽ پيدا ڪري شگر مافيا کنڊ جي قيمتن ۾ واڌ آڻي ٿي.

حڪومت جي غلط پاليسين جي ڪري عوام جيڪو محنت سان ڪمائي پنهنجي خاندان وارن کي ٽن وقتن جي ماني مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ان کي ڪڏهن اٽو نٿو ملي ته ڪڏهن ان کي کنڊ نٿي ملي ۽ جيڪڏهن ملي ٿي ته اها ايتري قيمت ۾ جو خريدار جي مٿان هڪ دٻاءُ اچي ٿو. عام ماڻهو جو بجيٽ کنڊ ۽ اٽي جي قيمت ۾ اضافي سان متاثر ٿئي ٿو ۽ عوام کي پنهنجن ٻين ضروري خرچن کي گهٽ ڪري کائڻ ۽ پيئڻ جي شين جي لاءِ پنهنجو خرچ پورو ڪرڻو پوي ٿو.

جڏهن ته اسان ڏسون پيا ته اسان جي ملڪ ۾ اعليٰ عهدن تي ويٺل اشرافيه يا سياسي رهنما جيڪي هن وقت اسيمبلين ۾ يا سينيٽ ۾ ويٺل آهن انهن جي پگهارن ۾ تمام وڏا اضافه ڪري انهن کي مالا مال ڪيو ويو آهي، پر غريب ماڻهو جنهن جي خريد ڪرڻ جي سگهه هونئن ئي تمام گهٽ آهي ۽ هو تمام گهڻين مجبورين سان منهن ڏيئي رهيو آهي، اهڙي حالت ۾ کنڊ جي قيمت ۾ اضافو جنهن جو مطلب اهو آهي ته هاڻي جيڪڏهن ڪو ننڍڙو ٻار کير ۾ کنڊ ملائي پي ننڊ ڪري ٿو ته کيس ڦڪو کير پيئڻو پوندو.

هن وقت کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو پاڪستان جي عام ماڻهو جي روزاني زندگي کي وڌيڪ ڏکيو بڻائيندو ۽ سندن بجيٽ جي مٿان اضافي دٻاءُ وجهندو، جنهن جا نتيجا ڪنهن به صورت ۾ نڪري سگهن ٿا. ٿي سگهي ٿو ته عوام وڌندڙ مهانگائي جي اثر جي ڪري رستن تي به نڪري اچي. ان سڄي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته حڪومت پاڪستان وفاقي سطح تي ۽ صوبائي سطح تي مضبوط قدم کڻي کنڊ جي قيمتن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي. کنڊ جي اسمگلنگ ڪرڻ ۽ ذخيرا اندوزي ڪرڻ تي ايمانداريءَ سان ڪنٽرول ڪري. اهڙن ماڻهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي جيڪي ذخيرا اندوزي يا کنڊ غير قانوني طريقي سان پرڏيهه اماڻڻ ۾ ملوث هجن، انهن کي سخت قانوني ڪارروائي ڪري سزائون ڏنيون وڃن.

ان کان علاوه سرحدن تي نگراني وڌائي وڃي ته جيئن کنڊ ۽ ٻين کاڌي پيتي جي شين جي غير قانوني اسمگلنگ کي روڪي سگهجي. حڪومت کي کنڊ جو ڊيٽابيس ٺاهڻ جي به سخت ضرورت آهي ته جيئن حڪومت وٽ کنڊ جي پيداوار، سپلاءِ ۽ استعمال بابت هڪ جامع ڊيٽابيس موجود هجي ته جيئن مارڪيٽ ۾ شفافيت اچي سگهي ۽ ذخيرا اندوزيءَ کي جاچي سگهجي.

ان کان علاوه ڊگهي عرصي واري کنڊ جي پاليسي جوڙڻ به نهايت ضروري آهي، جيڪا سياسي مداخلت کان پاڪ هجڻ گهرجي. اسان جي ملڪ ۾ ٿئي ايئن ٿو ته ڪمند جو فصل پوکڻ وارو آبادگار جنهن کي ان ڳالهه جي اميد هوندي آهي ته کيس ملن مان ڪمند جا سٺا اگهه ملندا، پر ان کي سٺا اگهه نٿا ملن، جنهن جي ڪري آهستي آهستي ڪمند پوکجڻ گهٽجي رهيو آهي ۽ ايئن چئي سگهجي ٿو ته اسان جي سپلاءِ چين متاثر ٿي رهي آهي، ان کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ آبادگارن کي ڪمند جي سٺن اگهن کان وٺي پرچون مارڪيٽ تائين سپلاءِ چين کي بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي.

ان ڳالهه جو به بندوبست ڪيو وڃي ته هارين کي اعليٰ معيار جو ڪمند پوکڻ، ٻج، ڀاڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي فراهم ڪئي وڃي ته جيئن گهٽ ايراضيءَ تي وڌيڪ ۽ سٺو ڪمند پيدا ٿي سگهي ۽ ان جون قيمتون به بهتر ڏنيون وڃن.

اسان کي زرعي تحقيق جي طرف به نظر ڊوڙائڻي پوندي ته ڇا اسان بدلجندڙ وقت سان گڏ ڪمند جا ڪي نوان نسل پيدا ڪري سگهيا آهيون، جيڪي کنڊ جي وڌيڪ پيداوار ڏئي سگهن، ان بابت به اسان جي حڪومتن کي سوچڻو پوندو. جڏهن ته اسان وٽ هر صوبائي سطح تي زرعي يونيورسٽيون موجود آهن، پر اڃان تائين ان تي ڪا اهڙي تحقيق نظر نٿي اچي.

شگر ملن جو باقائدگي سان اسٽاڪ آڊٽ ڪيو وڃي ته جيئن ڪنهن به هير ڦير کي روڪي سگهجي. اهو به ضروري آهي ته شگر ملن ۾ جديد مشينون استعمال ڪيون وڃن جيڪي آٽوميٽڪ هجن ته جيئن انساني مداخلت گهٽجي وڃي ۽ شفافيت اچي سگهي. اميد آهي ته حڪومت عوام جي درد کي محسوس ڪندي هڪ جامع، شفاف ۽ سخت حڪومتي پاليسي ٺاهي کنڊ جي قيمتن جي بحران کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي.