نومبر جي مھيني اچڻ سان گڏ موسم ۾ تبديلي اچڻ شروع ٿي وئي آهي ۽ راتيون ٿڌيون ٿيڻ شروع ٿي ويون آھن. ٿڌ وڌڻ سان سنڌ جي ڍنڍن ڍورن تي سائيبيريا ۽ ٻين علائقن مان پرڏيھي پکين جي آمد پڻ شروع ٿي ويندي آھي. انھن پکين ۾ آڙي، ھنج، تلور، باز، ٻگھه، ڪونجون ۽ ٻين ڪيترن ئي قسمن جا پکي شامل ھوندا آھن، جيڪي پنھنجن علائقن جي ٿڌ برداشت نه ڪري سگھندا آھن ۽ انھن علائقن ۾ ٿيندڙ سخت برفباري جي نتيجي ۾ کين کاڌ خوراڪ حاصل ڪرڻ ۾ سخت ڏکائيون پيش اينديون آھن. ھزارين ڪلو ميٽرن کان سفر ڪري ايندڙ انھن مھمان پکين مان وچ رستي تي ڪيترائي پکي پنھنجن ولرن کان وڇڙي ويندا آھن ۽ ڪيترائي سفر جون صعوبتون نه سھي موت جي منھن ۾ ھليا ويندا آھن. کاڌ خوراڪ جي ڳولها ۽ موسم جي سختين کان بچڻ لاءِ ايندڙ ھنن معصوم پکين کي ڪھڙي خبر ته جن ماڳن کي ھو پنھنجي لاءِ حفاظتي ماڳ سمجھي رھيا آھن اتي ھزارن جي تعداد ۾ نه صرف اتان جا مقامي، پر غير ملڪي شڪاري پڻ انھن جي انتظار ۾ ويٺا آھن. انھن مھمان پکين کي اھا خبر به نه ھوندي ته ھو جن کي پنھنجو محافظ سمجھي رھيا آھن اھي سندن جان وٺڻ لاءِ سندن پناهه گاھن ۾ ڄار وڇايو ۽ ھٿيار کنيو ويٺا آھن.
انھن لڏپلاڻ ڪندڙ پکين جو سنڌ جي ايڪو سسٽم جي حوالي سان اھم ڪردار آھي. جيئن ته اھي پکي ڏورانهن علائقن مان لڏپلاڻ ڪري ھتي پھچن ٿا. ان دوران ھو مختلف علائقن ۾ جيڪا خوراڪ کائين ٿا ان جو ٻج انھن جي معدي وسيلي ھڪ جڳھ کان ٻي جڳھ تي پھچي ٿو جنھن سان حياتياتي تنوع کي ھٿي ملي ٿي. ان کان علاوه ھي پکي زمين ۽ فصلن کي نقصان ڏيندڙ جيتن کي کائي انھيءَ نقصان ۾ گھٽتائي آڻين ٿا. پرڏيھي پکين جي شڪار جي حوالي سان سنڌ جي جھنگلي جيوت واري کاتي ڪجھ قانون ٺاھيا آھن، جن مطابق ھنن پکين جو شڪار صرف جھنگلي جيوت واري کاتي طرفان مھيا ڪيل پرمٽ (اجازت نامي) کانپوءِ محدود پيماني تي ڪري سگھجي ٿو، پر ڏٺو اھو ويو آھي ته ڪيترائي شڪاري ھن قانون جي لتاڙ ڪري پکين جي ھڪ وڏي انگ کي پنھنجن ھٿيارن ذريعي موت جو کاڄ بڻائين ٿا ۽ ان تي فخر ڪن ٿا. مھمان پکين جي پناھه گاھن جن ۾ ھاليجي ڍنڍ، ٺٽو، لنگھ ڍنڍ لاڙڪاڻو، نيرڙي ۽ جھٻو، ليگون انڊس ڊيلٽا بدين ۽ ٻيا علائقا شامل آھن، ۾ ڄارن وسيلي ٿيندڙ غير قانوني شڪار کي روڪڻ لاءِ سنڌ جي جھنگلي جيوت جي بچاءُ وارو کاتو تمام گھڻو ڪم ڪري رھيو آھي، پر عملي ۽ وسيلن جي کوٽ سبب ھن اداري جو بروقت ھر جڳھه تي پھچڻ ناممڪن آهي. ھنن پکين جي اچڻ واري مند ۾ وچ اوڀر وارن ملڪن مان پڻ شڪارين جو وڏو تعداد سنڌ جو رخ ڪري ٿو ۽ اھڙين شڪار گاھن ۾ خيمن جا شھر آباد ٿي وڃن ٿا. ھنن پرڏيھي پکين ۾ ڪجھ اھڙا پکي پڻ آھن جن جو نسل مستقبل قريب ۾ ختم ٿيڻ جو خطرو آهي، جنهن ۾ ڳجھن جا ڪجھ قسم ۽ پيليڪن وغيرہ شامل آھن. جيڪڏھن غير قانوني ٿيندڙ شڪار تي ضابطو نه آندو ويندو ته ڪجھه عرصي کانپوءِ اھي پکي ماضيءَ جو قصو بڻجي ويندا.
سنڌ ۾ موسمياتي تبديليءَ وگھي ھر سال مھمان پکين جو انگ گھٽجي رهيو آهي. لڏپلاڻ ڪندڙ پکين جي تعداد ۾ گهٽتائي جو سبب پاڻي جي ذخيرن ۾ گهٽتائي آهي. ڇاڪاڻ ته اهي لڏپلاڻ ڪندڙ آبي پکي آبي زمينن ۽ انهن ۾ قدرتي کاڌي جي دستيابي سان لاڳاپيل آهن. موسمياتي تبديليءَ سان گڏ غير قانوني طور ٿيندڙ شڪار پڻ ھنن پکين جي تعداد ۾ گهٽتائيءَ جو وڏو سبب آھي. سنڌ جي جھنگلي جيوت جي بچاءُ واري کاتي مطابق 2023 ۾ لڏپلاڻ ڪري ايندڙ پکين جو تعداد 12 لک هو جيڪو 2024 ۾ تقريبن 6 لک 4 ھزار تي پھتو ۽ ھلندڙ موسم ۾ اھو ڪاٿو 5 لک 45 ھزار لڳايو ويو آھي. 2023 ۾ پکين جي وڏي انگ جي اچڻ جو ھڪ وڏو سبب اھو پڻ ھو ته 2022 وارين ٻوڏن جي ڪري سنڌ جون ڪافي ڍنڍون ۽ ويٽ لينڊز مٺي ۽ تازي پاڻيءَ سان ڀرجي چڪا ھئا ۽ ھنن پکين کي تمام وسيع ۽ عريض جڳھ رھڻ لاءِ ملي وئي. ھنن مھمان پکين جي نسلن کي بچائڻ لاءِ حڪومت کي سخت قسم جا اپاءُ وٺڻا پوندا جن ۾ غير قانوني شڪار ڪندڙن کي سزائون ڏيڻ شامل آھن. عوام تي به اھو فرض عائد ٿئي ٿو ته ھو حڪومت، خاص طور جھنگلي جيوت جي بچاءُ واري کاتي سان ڀرپور تعاون ڪن ۽ جتي به انھن کي غير قانوني شڪار ٿيندي نظر اچي، فورن ان جو اطلاع علائقي ۾ موجود قانون لاڳو ڪرڻ وارن ادارن کي ڏين.