سانگهڙ، جيڪو زرعي، معدنيات، سماجي ۽ سياسي حوالي سان انتهائي اهم ضلعو آهي. گذريل ڪجهه سالن کان خطرناڪ روڊ حادثن جي صورتحال جي گهيري ۾ اچي ويو آهي. اها افسوسناڪ حقيقت هاڻي ڪنهن کان لڪل ناهي ته سانگهڙ جا روڊ، جيڪي ماڻهن جي آمدرفت ۽ سهولت لاءِ ٺهيا هئا، اهي هاڻي موت ورهائي رهيا آهن. روزانو ٿيندڙ حادثن جي خبرن سان شهر جي فضا مسلسل سوڳوار رهي ٿي ۽ ماڻهو سفر ڪندي پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪن ٿا. گذريل ٽن مهينن اندر سانگهڙ شهر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ حادثن سبب 22 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. جڏهن ته درجنين ماڻهو سخت زخمي ٿي معذوري جو شڪار بڻجي چڪا آهن.
اهي انگ اکر فقط شمارياتي نتيجا ناهن، پر افسوسناڪ ڪهاڻيون آهن انهن گهراڻن جون، جن جا ڪمائيندڙ هٿ ختم ٿي ويا، جن جا ٻار يتيم ٿي ويا، هر فوت ٿيل ماڻهو جي پويان پوري ڪائنات ٽٽي پوي ٿي، جيڪا ڪنهن به رپورٽ ۾ نظر نٿي اچي. حادثن جو سڀ کان بنيادي ۽ سنگين سبب ڳري ٽريفڪ آھي، جنھن جو لنگهه شهر جي وچ مان آهي. سانگهڙ شھر وٽ ويڪرو ۽ معياري باءِ پاس موجود نه آهي، جنهن ڪري ٽرالر، ٽرڪ، لوڊر ٽريڪٽر ٽراليون ۽ ڳريون گاڏيون شهر جي تنگ رستن مان گذرن ٿيون، نتيجي ۾ حادثا وڌن ٿا. ڳري گاڏي جڏهن تنگ ۽ ڀريل روڊ تي تيز رفتاري سان هلي ٿي ته موٽرسائيڪل سوارن، پيادل ماڻهن ۽ رڪشائن لاءِ ڪنهن خوف کان گهٽ ناهن. ڪيترائي ڊرائيور بنا تجربي، بنا تربيتي سرٽيفڪيٽ ۽ ڪڏهن ڪڏهن نشي جي حالت ۾ ڊرائيونگ ڪن ٿا، جيڪو صورتحال کي وڌيڪ خطري ۾ وجهي ٿو.
سانگهڙ شهر جي اندر حددخلين جو راڄ آهي. دڪاندارن جا وڌايل ڇپرا، روڊن تي سامان، غير قانوني دڪان ۽ پارڪنگ جي غلط روايتن روڊن کي تنگ ڪري ڇڏيو آهي. نتيجي ۾ ٽريفڪ جام، بي ترتيبي ۽ تنگ وقت جي دٻاءُ ڪري حادثن جي شرح وڌيڪ ٿي رهي آهي. جڏهن رستو تنگ هوندو آهي ته گاڏيون پاڻمرادو هڪ ٻئي سان ٽڪرائڻ جي ويجهو ٿي وينديون آهن. پيادل ماڻهن لاءِ به ڪا جاءِ محفوظ ناهي، جنهن سبب ڪيترائي حادثا روزانو جنم وٺن ٿا. ٽريفڪ پوليس روڊن تي موجود ضرور هوندي آهي، پر ان جي ڪارڪردگي انتهائي غير تسلي بخش آهي. شهر ۾ نه مڪمل سگنل سسٽم آهي، نه ٽريفڪ کي منظم ڪرڻ لاءِ اهلڪار، نه مناسب ٽريننگ ۽ نه ئي ڪو جديد نگراني وارو نظام. نتيجي طور ٽريفڪ پوليس جو ڪردار گهڻو ڪري روڊ تي بيهڻ تائين محدود نظر اچي ٿو. جڏهن ته حادثن جي روڪٿام لاءِ موثر حڪمت عملي ڪانهي.
روڊ حادثن ۾ معذور بڻيل ماڻهو سڀ کان وڌيڪ تڪليفن جو شڪار ٿين ٿا. ڪمائيندڙ فرد جي معذوري جي ڪري پورو گهر معاشي مشڪلاتن ۾ اچي وڃي ٿو. علاج، ريهيبليٽيشن، دوائون ۽ روزگار جا مسئلا انهن خاندانن کي وڌيڪ دردناڪ حالت ۾ وجهي ڇڏين ٿا. سانگهڙ ۾ وڌندڙ روڊ حادثن جي ذميواري ڪنهن هڪ اداري يا فرد تي نٿي وجھي سگهجي، اها گڏيل بي ڌياني جو نتيجو آهي. سڀ کان پهرين ته ضلعي انتظاميه پنهنجي ذميواري نڀائڻ ۾ ناڪام رهي آهي، جيڪا باءِ پاس جي تعمير، روڊن جي وسعت ۽ منظم شھري منصوبابندي ۾ دير ڪندي رهي. ساڳي وقت ٽريفڪ پوليس به مڪمل طور تي پنهنجي ڪردار ۾ موثر نظر نٿي اچي؛ نه رفتار ڪنٽرول ڪرڻ، نه ٽريفڪ جو نظام سنڀالڻ ۽ نه ئي ٽرئفڪ کي منظم ڪرڻ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ڪامياب رهي آهي. ان کان علاوه هاءِ وي کاتو پڻ غير معياري روڊن جي تعمير، بار بار مرمتي ڪم نه ڪرائڻ ۽ منصوبن ۾ لاپرواهي سبب برابر جو ذميوار آهي. شهر جي اندر غير قانوني حددخليون ڪندڙ دڪاندار ۽ بااثر ماڻهو به هن بدتر صورتحال جا اهم محرڪ آهن، جن روڊن کي تنگ ڪري ٽرئفڪ کي جام ۽ خطرناڪ بڻائي ڇڏيو آهي. جڏهن ته ڳري گاڏين جا ڊرائيور ۽ ٽرانسپورٽ مالڪ تيز رفتاري، بغير لائسنس ڊرائيونگ ۽ بغير سيڪيورٽي ضابطن جي سفر ڪري ماڻهن جون جانيون خطري ۾ وجهن ٿا. انهن سڀني ڌرين جي گڏيل غفلت سانگهڙ کي موت جي ڪناري تي آڻي بيهاريو آهي. ممڪن حل زندگي بچائڻ لاءِ ضروري قدم، جديد بائي پاس جو فوري تعمير آهي.
ٽريفڪ پوليس کي جديد ٽريننگ ۽ نگراني نظام ڏيڻ، غيرقانوني حد دخليون مڪمل طور ختم ڪرڻ. باءِ پاس روڊن جي نئين سر تعمير جيڪي گذريل 30 سالن کان تعمير نه ٿيا، نه ئي مرمت ٿي ۽ رٿابندي. ڳري ٽريفڪ لاءِ سخت قانون ۽ سخت نگراني ٿئي. سماجي تنظيمن کي عوام ۾ آگاهي مهم ھلائڻ گھرجي .سانگهڙ شھر جا روڊ جيڪي ماڻهن جي سهولت لاءِ ٺهيا هئا، اهي هاڻي خطري جي علامت بڻجي ويا آهن. جيڪڏهن فوري قدم نه کنيا ويا ته ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ قيمتي جانيون ضايع ٿي سگهن ٿيون. حڪومت، انتظاميه، ٽريفڪ پوليس ۽ عوام سڀني کي گڏجي ميدان ۾ لهڻو پوندو ته جيئن سانگهڙ شھر کي محفوظ بڻائي سگهجي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته روڊن کي زندگي ڏجي ۽ موت جي انهيءَ بي رحمي کي روڪيو وڃي.