اروڙ روهڙي سکر جو سير
هيءَ دنيا هڪ مسافر خانو آهي جتي هر مسافر پنهنجي جيون جا چار پل گهاري جوڳي نه ڪنهن جا مٽ تحت رمتو بڻجي ٿو، سو ايئن اسان به سدائين سفر ۾ هوندا آهيون. ها انسان هونئن به مسافر ئي ته آهي جو ڪڏهن ڪٿي ته وري ڪڏهن ڪٿي، ڪنهن نه ڪنهن چنتا جي چڪر منجھ چڪر پيو ڏيندو رهي، پر جي ان سفر جو مشاهدو ڪبو ته هي اسان جيڪا ٿڪ ڀڃڻ خاطر ننڊ ٿا ڪريون يا ڪجھ لمحن لاءِ آرام ٿا فرمايون سو به حقيقت ۾ اسان جي زندگيءَ جي سفر جو حصو آهي. ڇو ته اسان ته ستل آهيون، پر وقت ڪنهن وقفي کانسواءِ هلندو ٿو رهي، ايئن ئي اڄ وري هتي جنهن سير سفر جو ذڪر ڪبو اهو آهي اروڙ روهڙي ۽ سکر سنڌ جو سير.
ها ته تاريخ 2020-12-09 تي اربع جي ڏينهن ڳڙهي ياسين کان ماستر نبيداد مهر، شاهزيب مهر، صفدر علي مهر، ڪريمداد مهر ۽ ڪجھ ٻيا دوست موٽرسائيڪلن تي ڳوٺ کاهي ڳڙهي ياسين کان امروٽ شريف (هتي کيرٿر ڪئنال جي وچ ۾ مسجد آهي جنهن کي پاڻي واري مسجد به چوندا آهن)، رڪ (رڪ ريلوي اسٽيشن جتي ڀڳت ڪنور رام کي بيگناهه شهيد ڪيو ويو هو). جهلي ڪلواڙي (هي شهر سنڌو درياهه جي بند سان آهي جنهن کي جهلي بند چيو ويندو آهي). باگڙجي ۽ گوسڙجي (هتي درگاهه فاضل شاهه جيلاني رح آهي ڪنهن وقت ۾ هتي بي بنياد دشمنين تحت ماڻهن کي چريو چئي کين زنجيرن سان وڻن ۾ ٻڌو ويندو هو، جنهن سلسلي کي بعد ۾DC شڪارپور سڀاڳو خان جتوئي ختم ڪرايو هو) کان بعد سنڌو درياهه جي مٿان اڏيل 66 دروازا ڪراس ڪري وڃي اروڙ پهتاسين. مان ڪوشش ڪندس ته اوهان کي سفر جي واپسيءَ تائين سڀ ڪجھ تاريخي حوالن سان پڙهايان ته جيئن اوهان جي ڄاڻ ۾ اضافي جو سبب بڻجي سگهي.
اروڙ:
روهڙي شهر کان پرڀرو تاريخي شهر اروڙ واقع آهي جيڪو راجا ڏاهر جي دور ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ پڻ رهيو آهي. اروڙ ان زماني ۾ درياهه سنڌ تي واقعي هو ان کانپوءِ ڪنهن زلزلي يا جاگرافي تبديلي سبب يا درياهه سنڌ جي وهڪري تبديل ٿيڻ سان گڏ هي شهر به ڦٽندو رهيو آهي.
روهڙي شهر کان ڏکڻ اوڀر ۾ اروڙ جي ٽڪريءَ تي هن ڦٽل شهر جا نشان ملن ٿا جيڪو ڪنهن زماني ۾ سنڌ جو تخت گاهه، عظيم بندرگاهه ۽ تجارتي شهر هو. اروڙ هاڪڙي درياهه تي هڪ وسندڙ ۽ ڳتيل آبادي وارو شهر هو، جنهن جو بنياد انهن ڏينهن ۾ پيو جڏهن هتي تهذيب ۽ تمدن جي نشونما ٿي. آثار قديمه جا ڄاڻو لکن ٿا ته نئين پٿر جي دور جي انسانن جي اجهن جا آثار سنڌ ۾ لڪي ۽ کيرٿر جبلن جي غارن ۽ روهڙيءَ وارين ٽڪرين ۾ اڪيچار آهن، جتي اڄ به اروڙ جي کنڊرن ۽ آسپاس ۾ اهڙا ڪيترا آثار ڏسي سگهجن ٿا.
آرين سنڌ جي وسيلن ۽ شاهوڪار شهرن کي قبضي ۾ آڻڻ وقت اروڙ کي محفوظ ۽ مٿانهين جڳھ تي ڏسي قبضو ڪيو، ويدن جي زماني ۾ هتي هڪ راڻي راڄ ڪندي هئي جنهن جو نالو روماسا هو جيڪا نهايت ٻاجهاري ۽ فن موسيقيءَ جي ماهر پڻ هئي سندس شان ۾ ڪيئي اشلوڪ ملن ٿا. مها ڀارت ۽ رامائڻ جي زماني ۾ اروڙ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو. اروڙ جا پويان حڪمران چندر ونسي اروڙ ونسي خاندان جا هئا، جن جو لقب راءِ هو، جن 450ھ/1058ع کان 642ھ/1166ع تائين حڪومت ڪئي. چندر ونسي کان اڳ سورج ونسي راجپوتن مان راجا بليڪا جي پٽن 1100 ق. م ڌاري هن شهر تي راڄ ڪيو ۽ ان کي اوج تي رسايو ان دور ۾ به اروڙ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو، جڏهن سڪندر مقدونيءَ سنڌ تي ڪاهه ڪئي تڏهن هُو اروڙ آيو هو. هتان جو راجا موسيڪانس هو جنهن ساڻس سخت مقابلو ڪيو. لئمبرڪ جي لکت موجب ان وقت جي سنڌ کي يونانين موسيڪانس چيو آهي ۽ ان جي گاديءَ جو هنڌ اروڙ هو راءِ سهارس جي ڏينهن ۾ جڏهن ايران جي شهنشاهه نيمروز سنڌ تي ڪاهه ڪئي تڏهن راءِ سهارس سندس مقابلو ڪيو. 93ھ/712ع ۾ جڏهن عربن اروڙ تي حملو ڪيو تڏهن به هيءُ شهر سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو. عربن جي سنڌ تي قبضي کانپوءِ اروڙ جو ٺٺ ٺانگر ختم ٿي ويو، جڏهن ارغونن سنڌ تي غاصبانه قبضو ڪيو تڏهن هتان جي حريت پسند ڌاريجن کي سزا ڏيڻ ۽ باغي تحريڪ کي روڪڻ لاءِ شاهه بيگ اروڙ ۾ ڇانوڻي هنئي ۽ ڌاريجن سان ٽي چار لڙايون لڙي کين شڪست ڏئي بعد ۾ قتل ڪيائين ۽ اروڙ کي برباد ڪري اتان جون سرون کڻائي بکر ۾ پنهنجي ماڻهن جي رهائش لاءِ ڪالونيون ٺهرائڻ ۾ ڪم آندائين.
اروڙ تاريخ جي هر دور ۾ شروع کان وٺي عربن جي آمد تائين سنڌ جو تخت گاهه رهيو آهي. هن شهر کي مضبوط عالم پناهه ڏنل هئي ۽ اروڙ محلاتن، عاليشان عمارتن ۽ باغن جي ڪري مشهور هو. هندستان جا ڪيترائي راجا اروڙ جي راڄڌانيءَ کي ڍل ڀريندا هئا. هتي علم ۽ ادب وڏي ترقي ڪئي قاضي اسماعيل، شيخ مخدوم محمد قطب، قاضي ستابو شاهه، شڪر گنج ۽ ڇُٽو عمراڻي هتان جا مشهور بزرگ ٿي گذريا آهن. سنڌ جي پهرين تاريخ هن سر زمين تي لکي وئي. قاضي ستابو هتان جو وڏو عالم هئڻ سان گڏ اروڙ ۽ بکر جو محتسب اعليٰ هو.
اروڙ مشغول ترين بندرگاهه ۽ شهر هو جيڪو هاڪڙي جي رخ مٽجڻ ڪري ڦٽي ويو ۽ بعد ۾ وري عربن منصوره کي وڃي گاديءَ جو هنڌ بڻايو.
چٽان شاهه ٽڪري:
اروڙ جي ويجهو هڪ ٽڪرين جو سلسلو آهي جنهن کي چٽان شاهه جي ٽڪريءَ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. اتي هڪ اهڙي به چٽان آهي جيڪا چئن حصن ۾ ورهايل آهي ۽ چار هڪ جيترا ٽڪر اٿس، گهڻو ڪري ڪنهن جيولاجيڪل تبديلين سبب اها ٽڪري چئن حصن ۾ ورهائجي وئي هجي. جيتوڻيڪ ان سان ڪيتريون ئي ڳالهيون ۽ روايتون منسوب آهن جيئن ڪجھ مقامي ماڻهو چون ٿا ته ڪالڪان ديوي ۽ حضرت علي عليه السلام جي هڪ ساٿيءَ وچ ۾ لڳل جنگ سبب لڳل مُڪ هڻڻ سبب اهو جبل چئن حصن ۾ ورهائجي ويو آهي. ڪالڪا ديوي جو مندر هتان بلڪل ويجهو آهي. هن ٽڪريءَ جي عجيب بناوٽ آهي ۽ انهيءَ جي چوٽيءَ تي هڪ مسجد پڻ تعمير ٿيل آهي.
هي جبل اروڙ جبل جي قطار ۾ هڪ بلڪل ئي منفرد قسم جو جبل آهي، جيڪو بلڪل ئي اڪيلو آهي، يعني ڀر منجھ ٻيو ڪوبه جبل ناهي. هي جبل مٿان کان هيٺ تائين چار ڦاڪون ٿيل آهي. مطلب جيئن ڪو هڪ گول مٽول گدرو هجي ۽ ان جون چار ڦاڪون يا چار حصا ٿيل هجن ان جبل تي چڙهڻ نهايت ئي مشڪل عمل آهي، پر پوءِ به اسان ڪوشش ڪري مٿي چوٽيءَ تائين چڙهي وياسين ۽ اتي جو سرسري مشاهدو پڻ ڪيو جتي هڪ بنا دروازن جي ننڍڙي مسجد جنهن تي ڪو تعميراتي سن وغيره درج نه هو، پر تعمير جي لحاظ کان ڪجھ ڏاهاڪا پراڻي محسوس ٿي رهي هئي ۽ غازي عباس عه جو عَلم پاڪ پڻ جهولي رهيو هو. ان جبل تي چڙهبو ته چوڌاري نظر نهار تائين اوهان کي سڀ ڪجھ نظربو. مطلب پري پري جي آبادي ڳوٺ کجيون جبل وغيره ٻيو ته ان جبل تي چڙهي اوهان انهن ڦاڪن کي ڏسندا ته توهان کي جبل جو ترو صاف نظر ايندو.
تاريخي حساب سان مختلف راين ۽ روايتن تحت چيو ٿو وڃي ته هن جبل کي حضرت علي ڪرم الله وجھ جن يا سندن ڪنهن ساٿيءَ تلوار يا صلوات سان چار حصا ڪيو هو، وڌيڪ الله کي خبر ته هن جبل جي ڪهڙي حقيقت يا تاريخ آهي. باقي جيترا وات اوتريون ڳالهيون سو هر ڪو پنهنجي معلومات تحت ڳالهيون ڪندو ٿو رهي. هن جبل کي ڪو ڦاڪن وارو جبل ٿو چوي ته ڪو چيريل ۽ وڍيل ٿو سڏي. ڇو ته هيل تائين ڪٿان به ڪنفرم ناهي ته جبل جي تاريخ ڇا آهي بس هرڪو ٻڌ سڌ تي پيو هلي. ها مگر هن جبل تي اڪثر ماڻهن جي اچڻ ۽ گهمڻ جو انگ سوايو ٿو رهي، ڇو ته هي جبل به هڪ عجوبو ئي آهي.
مزار شاهه شڪر گنج رح:
هيءَ درگاهه اروڙ ۾ ڪالڪا ديويءَ جي مندر کان پهريان ٿورڙي ئي مفاصلي تي موجود آهي، جتي اسان دعا گهري ڪجھ پل ٿڪ ڀڳو ۽ مٽن منجهان ٿڌو پاڻي پيتو ۽ پوءِ وري پنهنجي منزل طرف روانا ٿياسين. هن بزرگ بابت ڪا خاص ڄاڻ ميسر نه ٿي سگهي، ها البته اتي موجود فقيرن جي چوڻي موجب ته هي بزرگ هتي تڏهن کان آباد آهي جڏهن اروڙ سنڌ جو تخت گاهه هو.
ڪالڪا ديوي مندر:
اروڙ جي غار ۾ ڪالڪا ديوي هندومت ۾ شوِ ديوتا پنهنجي تباهه ڪندڙ روپ ۾ ڪالي ديويءَ جو مڙس آهي. هن کي ڪاليڪا، مهاڪالي، ڪالي ما، ڪالي ماتا به چيو ويندو آهي. ڪالي ديويءَ کي سنهڙي، سڪڙي ڀيانڪ شڪل ۽ چئن هٿن واري ديوي طور ڏيکاريو ويندو آهي. اڄ به اروڙ جي جبلن جي غار اندر صديون پراڻي ڪالي مندر تي پوڄاري سيس نمائڻ ايندا آهن. ان ديوي جي اڪثر سنڌ ۾ وڏي مڃتا آهي، ڪيترائي ياتري اچي هتي باسون باسيندا آهن. اتي نوراتڙيءَ ۾ وڏو ميلو لڳندو آهي، ديوي ماتا تي هزارين ناريلن جي ڀيٽا چڙهندي آهي. ڪالڪا ديوي جي مورتي هوبهو ڪلڪتي جي ڪالي مندر ۾ رکيل مورتي جهڙي آهي.
هي مندر اروڙ جبل جي وچ واري قطار ۽ وڏن جبلن جي وچ ۾ مٿانهين جاءِ تي ۽ هڪ اونهي ڊگهي غار جي اندر آهي، جتي پري پري کان هندو ياتري پوڄا پاٺ خاطر اچن ٿا. هتي ڪيترائي مختلف قسمن جا بت نظر اچن ٿا جيڪي شيشي جي ٺهيل شوپيسن ۾ تالو لڳائي رکيا ويا آهن، جن جي ان وقت هندن جي عقيدي مطابق پوڄا ٿي رهي هئي. هتي ايندڙن جي لاءِ هر قسم جي سهولت موجود هئي ۽ غار جي اندر بجلي جو نهايت ئي سهڻو سيبتو انتظام ٿيل هو ته جيئن غار جي اندر ڪنهن کي به ڪا تڪليف يا مونجھ محسوس نه ٿئي. ان کان علاوه پري پري جي ياترين لاءِ رهڻ جو به جوڳو بندوبست ٿيل نظر آيو. باقي اهو معلوم نه ٿي سگهيو ته اهو مندر ڪيترو قديم آهي، پر پوءِ به هڪ اندازي موجب هن مندر کي قديم مندر چئي سگهجي ٿو ۽ ڪالڪا ماتا ديوي مندر هندن جي عقيدي تحت وڏن مندرن ۾ شامل ٿئي ٿو.
مسجد محمد بن قاسم:
هيءَ مسجد محمد بن قاسم جنهن بابت تاريخ لکي ٿي ته سنڌ کي فتح ڪرڻ بعد هتي الور/اروڙ ۾ محمد بن قاسم تعمير ڪرائي هئي، جنهن بابت تاريخدان ۽ محقق اهو به لکن ٿا ته هيءَ مسجد برصغير جي تاريخي ۽ قديم مسجد آهي. جڏهن ته هن وقت انهيءَ مسجد جون صرف ديوارون ئي بچيون آهن. نه ته باقي مسجد زبون ٿي چڪي آهي، پر پوءِ به انهيءَ مسجد ۾ پنج وقت آذان ۽ نماز باجماعت ٿيندي آهي ۽ اوسي پاسي جا معصوم ٻار قرآن شريف جو علم حاصل ڪرڻ ايندا آهن ۽ اها مسجد آثار قديمه جي زير نگرانيءَ هيٺ آهي، پر افسوس اهو به آهي ته آثار قديمه وارن هن تاريخي مسجد جي ڪا خاص سارسنڀال نه لڌي آهي. ها پر فارملٽي واسطي هڪ بورڊ لڳايو ويو آهي، جنهن تي لکيل آهي ته برصغير جي قديمي مسجد. ها هونئن به اسان سنڌي ماضيءَ کي بچائڻ جي حوالي سان اڪثر ڪري غير ذميوار ۽ ناڪام قوم ثابت ٿيا آهيون.
درگاهه حضرت پير سيد مقصود علي شاهه:
هيءَ درگاهه نالي حضرت پير سيد مقصود علي شاهه رح روهڙي شهر کان ٿوري فاصلي تي اولھ طرف واقع آهي ۽ خاص ڳالھ اها ته هي مزار به تمام مٿانهين جبل تي آهي ۽ جبل جي چوڌاري هن وقت سٺي آبادي رهائش پذير آهي. جڏهن ته اتر منجھ درياهه سنڌ آهي ۽ ڀرسان ئي پنجاب ويندڙ موٽروي به آهي. ٻيو ته جبل جي چوٽيءَ تي هجڻ سبب مزار کي چوڌاري ديوار ڏنل آهي ته جيئن ڪو ناخوشگوار واقعو جنم نه وٺي سگهي. ان مهل اتي هڪ جهونڙو فنڪار پيٽ گذر خاطر مختلف صوفي شاعرن جا چپڙي يڪتاري تي ڪلام ڳائي رهيو هو.
مان به وقت بوقت سنڌ جا مختلف ماڳ مڪان درگاهون مزارون گهمندو رهندو آهيان. سو خاص ڪري اها ڳالھ مشاهدي ۾ آئي آهي ته الله پاڪ جي پيارن ولين، بزرگن، درويشن، صوفين، ڪامل پيرن جون مزارون هڪ ته آبادي کان پري ڏٺيون اٿم ٻيو وري انهن جون درگاهون ۽ مزارون جبلن يا وري مٿانهين وارن هنڌن تي ڏٺيون اٿم. جيئن پورٽ قاسم وٽ سيد شاهه حسن، ڪلفٽن ۾ عبدالله شاهه غازي، اورنگي ۾ منگهو پير، ڪاٺوڙ روڊ تي سمندري بابا، مڪلي ۾ عبدالله شاهه اصحابي وغيره. ها پر ايئن به ٿي سگهي ٿو ته اهي الله جا عاشق لوڪ کان پاسيرا رهي ڪري ئي جهنگن جبلن برپٽن بيابانن ۾ الله جي عبادت ۾ مصروف رهي کيس راضي ڪري رضا حاصل ڪندا هوندا. ها بيشڪ دل جو سڪون الله جي ذڪر ۾ آهي.
سائين مقصود شاهه بادشاهه جو ديدار درشن ڪري موٽرسائيڪلن جو رخ روهڙي شهر طرف موڙيوسين.
روهڙي:
روھڙي ضلعي سکر جو هڪ قديم شهر ۽ روهڙي تعلقي جو صدر مقام آھي، جتي پاڪستان جو سڀ کان وڏو ريلوي پليٽ فارم ۽ جنڪشن آھي. ھي شهر درياهه سنڌ جي ڪنڌيءَ تي واقع آهي. درياهه جي ٻئي ڪپ تي ان جو جوڙيوال شهر سکر واقع آهي.
روهڙيءَ ۾ حضور پاڪ ﷺ جن جو وار مبارڪ پڻ آهي جنهن جي زيارت جو سلسلو 952ع کان شروع ٿيو ۽ هتي ناميارن بادشاهن به حاضريون ڏنيون. روهڙي شهر کي تاريخي ۽ اهم مقام حاصل آهي ۽ هن شهر جو اسلام جي پکيڙڻ ۾ به اهم ڪردار رهيو آهي. روهڙي شهر ۾ سوا لک اوليائن، پيرن، فقيرن ۽ صوفي بزرگن جون مزارون آهن، ان لاءِ روهڙي کي حضرت روهڙي شريف جو لقب به حاصل آهي، جنهن تي شهر واسين کي فخر به آهي. هن شهر ۾ حضور پاڪ ﷺ جن جو وار مبارڪ هڪ وڏو اعزاز آهي.
هتي سيدن کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي بزرگ عالم ۽ فاضل ٿي گذريا آھن. سنڌ جو ھڪ وڏو شاعر قادر بخش بيدل ۽ سندس فرزند محمد محسن بيڪس به ھن ئي سر زمين ۾ دفن ٿيل آھن، جتي ذوالعقد جي مهيني ۾ بيدل جو ۽ رمضان شريف ۾ بيڪس جو ميلو لڳندو آھي.
بيدل فقير:
بيدل فقير عرف فقير قادر بخش بيدل سنڌ جي ڪلاسيڪي ادب/شاعريءَ ۽ تاريخ جو اهم نالو آهي. هو هڪ باڪمال شاعر وڏو عالم ۽ اعليٰ پائي جو مفڪر ۽ صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪلام شاهه لطيف ۽ سچل سرمست کانپوءِ سنڌ ۽ هند ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو. فقير قادر بخش بيدل جي شخصيت سنڌ جي ادبي ۽ فڪري تاريخ ۾ گهڻ رخي رهي آهي. هو هڪ ئي وقت سنڌي، اردو، هندي، فارسي ۽ عربي ٻولين جو شاعر، نثر نويس ۽ جيد عالم به هو. هو هڪ ئي وقت قرآن، حديث، فقه وغيره جو وڏو ڄاڻو هو. ان سان گڏ هو تاريخ ۽ ادب جو گهرو مطالعو رکندڙ ۽ برصغير جي موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو هو.
سنڌو درياهه جي مٿان لئنسڊائون پل روهڙي ۽ سکر کي ملائي ٿي جنهن ڪري هنن شهرن کي جڙوان/جاڙا شهر به سڏيو ويندو آهي. هتي ستين جو ٿان يا آستان پڻ آهي ته وري ساڌ ٻيلو به درياهه جي وچ ۾ آهي. هتي ريلوي جنڪشن اسٽيشن پڻ آهي، هتان کان ريلون پنجاب ڪراچي ۽ بلوچستان طرف روانيون ٿين ٿيون. روھڙي ۾ ھڪ وڏو سيمينٽ جو ڪارخانو پڻ موجود آھي.
ايئن اسان جو اهو سيلاني ٽولو موٽرن تي گهمندو سير ڪندو روهڙي شهر جي نظارن جو ديدار ڪندو سنڌو بادشاهه کي نمي سلام ڪندو لئنسڊائون پل تان لنگهي وڃي درگاهه حضرت سيد صدرالدين شاهه رح تي رسيو، جتي ديدار ڪري دعا گهريسين. هيءَ مزار روهڙي ۽ سکر کي ملائيندڙ سنڌو درياهه واري پلين جي وچ ۾ قائم آهي، جتي پري پري کان زائرين ۽ عقيدت مند ايندا آهن ۽ هتي ٻارهوئي ميلو متل هوندو آهي.
لينسڊائون پل:
پاڪستان ۾ هڪ پراڻي ريلوي پل آهي جيڪا سکر ۽ روهڙي جي وچ ۾ سنڌو ندي تي واقع آهي. هيءَ پل 25 مارچ 1889ع تي جڙي راس ٿي. 6 مئي 1962ع ۾ ايوب پل جي اڏاوت کانپوءِ هن پل کي ريل گاڏين جي لاءِ بند ڪيو ويو ۽ ريلوي ٽريفڪ نئين پل تي منتقل ڪئي وئي. هاڻي هيءَ پل صرف ننڍين گاڏين جي لاءِ استعمال ٿيندي آهي. ھن پل جو نالو برٽش انڊيا جي وائسراءِ لارڊلينس ڊائون جي نالي تي رکيو ويو. پل جي ڊيگھ 790 فوٽ ان جي تعمير تي 40 لک خرچ آيا. لوھ جي ھي پل انجنيئر لنڊن ۾ ڊزائين ڪري اتي ٺاھي، ان جو فريم لنڊن ٻاھران جوڙي بعد ۾ ان کي کولي بحري جهاز وسيلي ڪراچي آندو ويو ۽ ان کي موجوده جاءِ تي جوڙي نصب ڪيو ويو. مولائي شيدائي لکيو آهي ته انڊس اسٽيٽ وئلي ريلوي ۽ سنڌ پشين ريلوي لائينن جي کلڻ ڪري ڪوئيٽا کي لاهور ۽ ڪراچيءَ سان گڏائڻ ضروري فوجي مسئلو هو، ٻيو ته انڊس فلوٽيلا ڪمپني جي فلاٽن ۽ جهازن وسيلي ريلوي مال گاڏن کي روهڙي آڻڻ ۽ نيڻ ۾ هڪ ته وقت ضايع ٿيندو هو ته ٻيو ڪمپنيءَ کي خرچ ڏيڻو پوندو هو. تنهنڪري سکر ۽ روهڙي وارين درياهه جي شاخن تي لوهي پل تعمير ڪرائڻ جو فيصلو اٽل هو. پل اڏڻ جي رٿا 1872ع کان حڪومت هند جي زير غور هئي جنهن جي منظوري 1883ع ۾ ڏني ويئي. 1885ع ۾ انگلينڊ کان مال اچڻ ۾ دير ٿي ويئي ته ڪم رڪجي ويو. 1887ع ۾ وري ڪم شروع ٿيو، سو 1889ع ۾ مڪمل ٿيو. هن پل جا ٻه حصا آهن روهڙيءَ وارو حصو جو ڪئنچين تي بيٺل آهي ۽ هن جي ڊيگھ 820 فوٽ آهي. سکر واري شاخ ٽن ٿنڀن تي بيٺل آهي ۽ ڊيگھ ۾ 600 فوٽ آهي. پل جي افتتاحي رسم ممبئيءَ جي گورنر لارڊري ادا ڪئي، جنهن لاءِ سکر ميونسپالٽي بکر جي قلعي ۾ وڏو شاميانو جهنڊين سان سينگاريل کوڙيو هو. هن موقعي تي سنڌ جو ڪمشنر مسٽر چارلس پرچرڊ ۽ خيرپور جو والي هزهائنس سر مير علي مراد خان ۽ هندستان ۽ پنجاب جي وڏن ماڻهن حاضري ڏني. گورنر تقرير ۾ چيو ته افغانستان سان واپار ترقي ڪندو. پل تي چاليهه لک رپيا خرچ ٿيو ۽ ٺيڪو انگلينڊ جي ڪمپني ويسٽ ووڊائنڊ ايلي کي ڏنو ويو ۽ مسٽر رابرٽن انجنيئر جي نگراني هيٺ ڪم هليو. وائسراءِ لارڊ لينسڊائون جي نالي تي پل لينسڊائون برج سڏجڻ لڳي. سکر جا ڀاڳ کلي ويا ڇو ته هيءَ پل دنيا جي عجائبات ۾ شمار ٿئي ٿي. تنهنڪري پري پري کان ماڻهو ڏسڻ اچن ٿا. انڊس فلوٽيلا ڪمپنيءَ جو ڪاروبار 1889ع ۾ پل کلڻ کانپوءِ بند ٿي ويو ۽ سکر تجارتي مرڪز بڻجي ويو.
سکر:
سکر لفظ سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ سک مان نڪتل چيو وڃي ٿو جنهن جي معنيٰ آرام يا سڪون آھي. سکر پاڪستان جي صوبي سنڌ جو ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد کانپوءِ ٽيون نمبر وڏي ۾ وڏو شهر ۽ اترين سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي. ھي شهر سنڌو درياهه جي اولهندي ڪپ تي واقع آهي. درياهه جي اوڀر واري ڪپ تي تاريخي شهر روھڙي واقع آهي. اھي ٻئي شهر پلين وسيلي پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن. سکر جو شهر سکر بئراج جي ڪري پڻ مشهور آهي جيڪو دنيا جو سڀ کان وڏو بئراج آهي. جنهن کي 66 دروازا آهن. انتظامي لحاظ سان سکر ضلعي ۽ ڊويزن جي حيثيت رکي ٿو، ھي شهر آباديءَ ۾ پاڪستان جو ٻارهون نمبر وڏو شهر آهي. سکر ضلعي ٿيڻ کان پهرين ضلعي شڪارپور جي ڪنٽرول هيٺ هو.
معصوم شاهه جو منارو:
مير معصوم شاهه جو منارو سکر سنڌ ۾ واقع هڪ قديم عمارت آهي. جنهن کي سنڌ جي نامور مورخ قادرالڪلام شاعر طبيب ڪتب نويس بکر جي سلطان محمود خان ۽ مغل شهنشاهه جلال الدين اڪبر جي امير مير معصوم شاهه بکري (پيدائش 944ھ وفات 1014ھ) تعمير ڪرايو.
هن مناري جي تعمير جي شروعات مير محمد معصوم بکري 1003ھ ۾ ڪئي، جنهن کي مير صاحب جي وفات کانپوءِ سندن فرزند مير بزرگ 1027ھ ۾ مڪمل ڪرايو. هي منار هڪ اوچي جابلو ٽڪريءَ تي واقع آهي. هن منار تي پڪيون سرون ۽ چوني جو پٿر استعمال ٿيل آهي. هي منار بنياد کان 84 فوٽ ويڪرو آهي، ڊيگھ به 84 فوٽ اٿس ۽ گولائي ۾ ڏاڪڻ جي ڏاڪن جو تعداد به 84 اٿس. منار جي چوٽِي گنبذ نما آهي منجهس پڪيون سرون تمام پڪيون آهن، جيڪي هينئر گاٺ ڪري چمڪڻ لڳيون آهن، اهو هڪ عجيب حساب آهي. ڏاڪڻ ڦيريدار حساب تي جڙيل آهي (واهه ڪاريگر جي ڪاريگري) جنهن تي ماڻهو چڙهي وڃي پري پري جو نظارو ڏسي سگهن ٿا. مطلب نظر نهار تائين جو باآساني نظارو ڪري سگهجي ٿو. ڪافي عرصي کان چوٽيءَ کي ميونسپالٽيءَ وارن چوڌاري پنڃرو هڻائي ڇڏيو آهي. ڇو ته اڳ ڪيترا ماڻهو مٿان ٽپ ڏيئي خودڪشي ڪندا هئا. عام روايت آهي ته منار لاءِ سرون اروڙ جي قديمي عمارتن مان پٽرائي آنديون هئائون ۽ ڪن جو خيال آهي ته شڪارپور کان گهرايل هيون.
سکر اڄ به واپار جي لحاظ کان بهترين شهر آهي ته وري سير و تفريح جي مناسبت سان پڻ شاهڪار شهر آهي. هتي گهنٽا گهر هن شهر جي سونهن آهي، اهڙيءَ طرح هي شهر گهمندا اسان واپسيءَ جو سوچيوسين. ڇو ته سج هاڻي آرام ڪرڻ جي آخري مرحلن ۾ هو، ان ڪري ئي اسان شهر کي باءِ باءِ ڪندي شڪارپور طرف روانا ٿياسين ۽ جهان خان، لکي غلام شاهه، ڄامڙا، سنڌ واهه ۽ بيگاري کان اڳتي جهاز چوڪ کان وڌي لکيدر وٽ شڪارپور جي مشهور ديوان جي هوٽل تان فالودو کائي تازا ٿي وري بائيڪن کي ڪڪ هڻي ڪرن در کان لنگهي اڇي مسيت، کمڻ، ڪرن شريف (هتي رسول الله صلم جن جو وار مبارڪ آهي جتي هر سال اسلامي سال جي ذوالحج مهيني جي 09 تاريخ تي وار مبارڪ جو ديدار ڪرايو ويندو آهي. ان ڏينهن هتي عيد جو سمان هوندو آهي). قابالو ۽ وڪڙ کان ٽپي ڳوٺ کاهيءَ پهچي گاڏيون بند ڪيونسين ان وقت رات جا 8 ٿيا هئا.
ايئن ٻين سفرن وانگر هي اسان جو تاريخي سفر به هڪ يادگار رهندو. ڇو ته هن سفر ۾ اسان ماضيءَ جي پروڙ ڪئي ۽ نت نوان منظر قلمبند ڪياسين، نئين ڄاڻ ملي. ها هونئن به گهمڻ ڦرڻ سان انسان جي صحت به سٺي رهندي آهي ته وري ديس جي ماضيءَ ۽ تاريخ سان دوستي به ٿي پوندي آهي. سو جڏهن به وقت ملي يا وقت مان وقت ڪڍي اهل اعيال سميت سير و تفريح ڪندا ڪريو.
تاريخي حوالا:
مدد: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا.
***

