بلاگ

شمس العلماءِ علامه دائود پوٽا لائيبريري

حيدرآباد ۾ ڪاليج جي تعليم وٺڻ دوران ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن پڙهڻ جي شوق ۽ علامه دائود پوٽو لائبريري جي ويجهو هئڻ ڪري روزانو وڃڻ ٿيندو هو. لائبريري ۾ مطالعي دوران هڪ پوڙهو ملازم اسان جي آڏو رجسٽر رکندو هو جنهن ۾ لائبريري ۾ هر ايندڙ فرد پنهنجو نالو ۽ ايڊريس لکي صحيح ڪندو هو. اهو پوڙهو ملازم اسان نوجوانن کي اِن آس ۽ اميد سان دعا به ڪندو هو ته شال اوهين پڙهي وڏا آفيسر ٿيو ته اسان سنڌين جي قسمت بدلجي پوي. ان وقت قوم پرستي ۽ پنهنجائپ جو اهڃاڻ عروج تي هو. بنا ڪنهن لوڀ ۽ لالچ جي هڪٻئي جي مدد ڪرڻ جو جوش ۽ جنون پروان چڙهيل هو. ڪنهن به اداري ۾ وڃبو هو ته هرڪو کلي کيڪار ڪندو هو. 1970ع جي عام چونڊن ٿيڻ بعد ٿوري ئي عرصي ۾ فوجي حڪومت جو خاتمو ٿيو. سويلين حڪومت قائم ٿي ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو صدر بڻجي چڪو هو. هڪ ڏهاڙي علامه دائود پوٽو لائبريري جيڪا ان وقت سنڌ ميوزيم جي هڪ ڪشادي هال ۾ قائم هئي تنهن ۾ اسان پنهنجي مطالعي ۾ مصروف هئاسين ته ڪجهه آفيسرن سان گڏ هڪ قدآور سهڻو جوان، فل سوٽ ۾ ملبوس اسان جي سامهون گذري رهيو هو. ساڻس گڏ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو (تڏهوڪو چيئرمين) فيروز نانا گڏ هو جيڪو کيس لائبريري بابت ٻڌائي رهيو هو ته هن لائبريري کي ٿورو ئي عرصو گذريو آهي ته وجود ۾ آئي آهي. شهر کان پري ضرور آهي، پر گهڻي قدر هتان جي آسپاس جا رهواسي لائبريري مان فيضياب ٿي رهيا آهن. مستقبل ۾ لائبريري جي الڳ عمارت جوڙڻ جو منصوبو تيار آهي. اسان ان گفتگو کي روبرو ٻڌي رهيا هئاسين ۽ پوءِ خبر پئي ته هي شخص سنڌ جو گورنر ممتاز علي ڀٽو صاحب آهي. اسان جي خوشيءَ جي انتها ڪانه هئي جو گورنر صاحب کي روبرو پنهنجي درميان موجود ڏٺوسين. اسين سڀ گورنر صاحب جي مان ۾ اٿي بيٺاسين. گورنر صاحب اسان سڀني سان هٿ ملايو ۽ سنڌ جي روايتي انداز ۾ خير عافيت پڇي. سچ ته اسان کي سنڌ جي گورنر پاران پنهنجائپ جو احساس ٿيو. انهن 50 سالن گذرڻ دوران ڪڏهن علامه دائود پوٽو لائبريري ۾ وڃڻ ٿيندو هو جيڪا هڪ شاندار عمارت ۾ قائم آهي. ڇا ته ان وقت جي سنڌي آفيسرن جا خواب ۽ خيال هئا جيڪي سندن محنت ۽ اورچائي سان حقيقت جو روپ ڌاري ويا. لکين واڌايون ۽ ٿورا ڏينهن ان وقت جي لاڳاپيل اعليٰ سنڌي آفيسرن ۽ وزيرن جا جيڪي محدود وسيلن هوندي، اهڙن ادارن کي بيهاري ويا، جيڪو سندن جي سنڌ سان محبت ۽ همدردي جو اهڃاڻ آهي. شمس العلماءِ علامه عمر بن محمد دائود پوٽو لائبريري ۾ وڃڻ سان سنڌ جي نوجوان نسل کي پنهنجي بهتر مستقبل جي لاءِ ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن ۾ چهٽيل ڏسبو آهي ته دل ۾ فرط جذبات ۾ ڳوڙها به ڳڙي پوندا آهن ته سنڌي قوم کي ڄٽ چوڻ ۽ بنائڻ ۾ پراون ۽ پنهنجن وسان ڪين گهٽايو آهي، پر ان جي باوجود هيءَ قوم جستجو ۽ جاکوڙ ۾ مصروف عمل آهي. هن لائبريري مان فيضياب ٿيندي ڪيترن ئي نوجوان ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن CSS ۽ ٻين کاتن جي تحريري ٽيسٽن ۾ پاڻ موکايو آهي. سال 1996ع ۾ ان وقت جي مرڪزي وزير فخر زمان (وزارت ثقافت) پاران پنجاب جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي ڄاڻ رکندڙ جي وفد کي سنڌ جي مڙني ادبي ۽ ثقافتي ادارن جو دورو ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو، جن علامه دائود پوٽو لائبريري جو معائنو ڪندي جڏهن سنڌي نوجوانن کي ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن پڙهڻ کي پنهنجي اکين سان ڏٺو ته دنگ رهجي ويا ته ذلتن جي ماريل هيءَ قوم ڪيڏي نه زنده دل آهي. اڄ به علامه دائود پوٽو لائبريري جي ٻاهران وڻن جي ڇانو ۾ سائي ڇٻر ۽ پوليمر بينچن تي ويٺل پنهنجي بهتر مستقبل جي تلاش ۾ ”ڄاڻ“ کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪوشان آهن.