آمريڪا ڊگهي عرصي کانپوءِ پنهنجي ايجنٽ ۽ غير قانوني ڪمن ۾ سندس ساٿ ڏيندڙ، ابو محمد الجولاني کي قبول ڪري ورتو ۽ تسليم ڪيو ته هو پاڻ ۾ هڪ ئي آهن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، سعودي عرب ۾ شام جي عبوري صدر احمد الشرع سان ملاقات ۾، کيس اسرائيل سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ ۽ ملڪ مان پرڏيهي دهشتگردن کي ڪڍڻ جو مطالبو ڪيو. وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري ڪيرولائن ليوٽ جو چوڻ آهي ته صدر اردگان ۽ محمد بن سلمان شام تي پابنديون هٽائڻ تي آمريڪي صدر جو شڪريو ادا ڪيو.
احمد الشرع 1982ع ۾ سعودي عرب جي شهر رياض ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ، حسين الشرع، هڪ شامي تعليمي ۽ عرب قوم پرست ليکڪ آهي، جيڪو اصل ۾ گولان هائيٽس جو رهواسي آهي. هو عرب سوشلسٽ بعث پارٽي جي عراقي شاخ ۽ جمال عبدالناصر جي خيالن کان متاثر هو. هو گولان جي رهواسين جي هڪ خاندان مان آهي جيڪي اسرائيلي جنگ ۽ 1967 جي ناڪامي دوران بي گهر ٿيا هئا. سندس پيءُ، حسين الشرع، جي جوانيءَ ۾ شام کان قاهره تائين قومپرست ڪم ۾ هڪ واضح تاريخ ۽ سرگرمي هئي، پر هن پنهنجي سموري سياسي سرگرمي ختم ڪري ڇڏي. احمد الشرع جو پيءُ، حسين الشرع، 1979 ۾ سعودي وزارت پيٽروليم پاران معاشي محقق جي حيثيت سان معاهدو ڪرڻ کانپوءِ سعودي عرب جو سفر ڪيو، جتي هن ڪيترائي خاص ڪتاب لکيا. هن سعودي اخبارن الرياض ۽ الجزيره ۾ سياسي ۽ معاشي مضمون پڻ لکيا 1988 ۾ سندس پيءُ رياض ۾ پيٽروليم واري وزارت مان پنهنجي نوڪري تان استعيفيٰ ڏني ۽ شام واپس وڃڻ جو فيصلو ڪيو ته احمد الشرع 1989 ۾ پنهنجي خاندان سان گڏ سعودي عرب کان دمشق هليو ويو، جڏهن هو اٺن سالن جو هو ته دمشق جي اولهه ۾ مزيح پاڙي ۾ رهندا هئا. احمد الشرع پنهنجي پيءُ جي ملڪيت واري هڪ گروسري اسٽور ۾ پارٽ ٽائيم ڪم ڪندو هو. هو پنهنجي پاڙي ۾ الشافعي مسجد ۾ اڪثر ويندو هو. سترهن سالن جي عمر ۾، هو هڪ پابند مذهبي ماڻهو بڻجي ويو، جيتوڻيڪ سندس پيءُ مذهبي نه هو. احمد الشرع دمشق يونيورسٽي ۾ طب ۽ ميڊيا جي تعليم حاصل ڪئي. انهيءَ عرصي دوران، هو جمعي ڏينهن دمشق کان حلب تائين محمود قول آغاسي (ابو القاقع) جي خطبن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ سفر ڪندو هو. هن پنهنجي تعليم مڪمل نه ڪئي. ڇاڪاڻ ته هو 2003 ۾ آمريڪي حملي کانپوءِ عراق هليو ويو ته جيئن عراق تي آمريڪي قبضي خلاف مزاحمت ۾ حصو وٺي سگهي ۽ ابو مصعب الزرقاوي جي اڳواڻي ۾ القاعده ۾ شامل ٿي سگهي. احمد الشرع شادي ڪئي هئي يا کيس ٻار به هئا، ان بابت ڪابه ڄاڻ ناهي. جهادي نظريي ۾ شامل ٿيڻ جي دور ۾، شايد سندس جهادي پسمنظر ۽ سندس شادي جي ڪري، شايد ڳجهي طور تي، تمام گهڻي رازداري رکي وئي آهي. احمد الشرع جي ڊرامائي تبديلي تڏهن شروع ٿي جڏهن هو 2003 ۾ عراق تي آمريڪي حملي دوران عراق ۾ القاعده ۾ شامل ٿيو ۽ اردني ابو مصعب الزرقاوي جي اڳواڻي ۾ سني عراقي بغاوت ۾ ٽي سال وڙهيو. هن کي آمريڪي فوجين گرفتار ڪيو ۽ 2006 کان 2011 تائين قيد ۾ رهيو. سندس آزادي شام جي انقلاب جي شروعات سان گڏ سني گروپن ۽ القاعده پاران عراق ۾ عراقي ۽ آمريڪي جيلن تي قبضي ۽ حملي سان گڏ ٿي. هو جيل مان آزاد ٿيو ۽ هن النصره فرنٽ قائم ڪئي، جيڪا القاعده جي شامي شاخ آهي. 2012 ۾، القاعده جي مدد سان ۽ بشارالاسد جي بعث حڪومت خلاف شام جي خانه جنگي ۾ حصو وٺڻ لاءِ ۽ جبھة النصره جي امير جي حيثيت سان، الشعراء اتر اولهه ادلب صوبي ۾ هڪ مضبوط قلعو قائم ڪيو. هن وقت، ابوبڪر البغدادي جي اڳواڻي ۾ عراق ۾ القاعده، النصره کي عراقي تنظيم سان ضم ڪرڻ ۽ ان کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هي تڪرار النصره جي اڳواڻ احمد الشرع ۽ اسلامي رياست جي اڳواڻ ابوبڪر البغدادي جي وچ ۾ کليل تڪرار جو سبب بڻيو ۽ ٻنهي گروهن جي وچ ۾ ٽڪراءُ، دشمني ۽ جهيڙن تي ختم ٿيو. احمد الشرع القاعده جي هڪ اعليٰ دهشتگرد جي نالي سان ابو محمد الجولاني جي نالي سان مشهور ٿيو، جڏهن سندس تنظيم وڏين جنگين ۾ حصو ورتو، پر اهي داعش کان الڳ هيون، جنهن رقه ۽ شام جي ڪجهه حصن کي ڪنٽرول ڪيو هو. واشنگٽن احمد الشرع جي گرفتاري لاءِ لکين ڊالر جي آڇ ڪئي، بعد ۾ احمد الشرع جبھت النصره جو نالو بدلائي حيات تحرير الشام رکيو ۽ هو ترڪي سان رابطن ۽ داعش ۽ هٿياربند شامي ڪردن سان وڙهڻ ۾ ترڪي جي مدد کانپوءِ ان جو اڳواڻ بڻيو. دمشق جي زوال کانپوءِ، هن پنهنجو نالو الجولاني کان بدلائي احمد الشرع رکيو، جيڪو سندس اصل نالو هو، جڏهن سندس فوجون دمشق پهتيون ۽ بشارالاسد ملڪ ڇڏي ويو ته احمد الشرع شام جي حڪومت جون واڳون سنڀاليون ۽ هٿيارن جي زور تي اقتدار تي قابض ٿي آمريڪا جو ساٿاري بڻيو، ڇو ته القاعده جو سربراهه اسامه بن لادن خود آمريڪا جو پاليل هو ۽ 9/11 جو بهانو ڪري افغانستان ۾ طالبان تي حملا ڪري پنهنجي پسند جي حڪومت قائم ڪئي. ساڳئي نموني شام ۾ پنهنجي حڪومت ٺاهي ۽ آهستي آهستي هڪ سخت گير اسلامي اڳواڻ کان روايتي چادر اوڍي هڪ سول فوجي اڳواڻ ۾ تبديل ٿي ويو جيڪو اڃان تائين پنهنجي ڏاڙهي برقرار رکي، پر ڪجهه حد تائين مغربي طرز جو لباس ۽ يوڪريني صدر وانگر فوجي وردي پائيندو رهيو آهي. الجولاني پنهنجو پهريون ميڊيا انٽرويو 2013 ۾ الجزيره ٽي وي کي ڏنو، پر سندس چهرو اسڪارف ۾ ويڙهيل هو، ان وقت هن شام کي اسلامي قانون موجب هلائڻ جو مطالبو ڪيو هو. 2016 ۾ هو روايتي لباس ۾ ظاهر ٿيو ۽ هڪ نامعلوم هنڌ تان تقرير ڪندي القاعده سان پنهنجا لاڳاپا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هي پهريون ڀيرو هو جو سندس چهرو ڏيکاريو ويو هو ۽ آهستي آهستي شامين مٿان حڪمران بڻجي ويو. ائين سعودي بادشاهه محمد بن سلمان کيس هڪ دلير اڳواڻ قرار ڏنو آهي. ٽرمپ جي تازي عرب ملڪن جي دوري ۾ ايڪس تي هڪ ٽوئيٽ ۾، ڪيرولائن لکيو ته صدر ٽرمپ شام جي صدر کي ٻڌايو ته هن وٽ پنهنجي ملڪ لاءِ ڪجهه تاريخي ڪم ڪرڻ جو هڪ شاندار موقعو آهي. ان کان اڳ سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان شام جي صدر احمد الشرع ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق رابطي دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جو جائزو ورتو ويو. ٻنهي اڳواڻن شام جي تازي صورتحال سميت سلامتي ۽ استحڪام کي وڌائڻ لاءِ جاري ڪوششن تي به ڳالهيون ڪيون ۽ صدر ٽرمپ سان ملاقات لاءِ ماحول سازگار ڪرڻ جو چيو جنهن کانپوءِ ٽرمپ الجولاني سان ملاقات ڪئي ان دوران ٽرمپ چيو، “پٽ، تنهنجو فاصلو ناقابل برداشت آهي.” اسان ڪيتري وقت تائين پنهنجي رشتي کي راز ۾ رکنداسين؟ اچو ته دنيا کي ٻڌايون ته اسين هڪ ئي آهيون ۽ هڪ ئي مشن جا سپاهي آهيون.
تاريخ شاهد آهي ته تڪفيري گروهن هميشه اسلام ۽ مسلم امت جي پٺي ۾ ڇرو هنيو آهي. هي اهي ئي ماڻهو آهن جن اسلام جي نالي تي اهڙا ڏوهه ڪيا جن جو فائدو اسلام جي دشمنن يعني آمريڪا ۽ اسرائيل کي ٿيو. وڏي افسوس جي ڳالهه آها آهي ته اڄ به، ڪجهه جاهل ۽ گمراهه ماڻهو الجولاني جهڙن بدڪردارن کي “مجاهد” سمجهن ٿا، جيتوڻيڪ اهي اصل ۾ هڪ اسلام مخالف ايجنڊا جا هٿ ڪنڊا آهن. بيگناهه شامي شهرين تي ظلم ڪندڙ الجولاني کي آزادي جي جنگجو سمجهڻ عقل ۽ مذهب ٻنهي جي خلاف آهي. هن شام کي ابراهيم معاهدي تي صحيح ڪرڻ ۽ ملڪ مان پرڏيهي دهشتگردن کي ڪڍڻ جي ترغيب ڏني. اهو ياد رکڻ گهرجي ته ابراهيم معاهدو آمريڪا پاران تجويز ڪيل هڪ شروعات آهي جنهن جو مقصد وچ اوڀر جي ملڪن ۽ اسرائيل جي وچ ۾ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ آهي. سعودي عرب ۾ هڪ سيڙپڪاري ڪانفرنس ۾ ٽرمپ پنهنجي تقريبن ڪلاڪ ڊگهي تقرير ۾ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جو به ذڪر ڪيو، جڏهن ته صدر ٽرمپ شام جي صدر سان ملاقات دوران روس، يوڪرين ۽ غزه ۾ جنگ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڪيرولائن ليوٽ جي مطابق، احمد الشرح چيو ته کيس اميد آهي ته شام اوڀر ۽ اولهه جي وچ ۾ هڪ اهم واپاري ڪڙي بڻجي سگهي ٿو. ٽرمپ شام جي صدر کي پنج هدايتون ڏنيون جن تي فوري عمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو:
(1) ابراهيمي معاهدي تي صحيح ڪريو ته جيئن شام اسرائيل سان پنهنجا لاڳاپا معمول تي آڻي سگهي. (2) غير ملڪي دهشتگردن کي شام ڇڏڻ جو حڪم ڏيو. (3) خاص طور تي فلسطيني دهشتگردن کي ملڪ مان ڪڍو. (4) نام نهاد اسلامي رياست يا داعش کي ٻيهر قدم ڄمائڻ کان روڪڻ لاءِ آمريڪا سان تعاون ڪريو. (5) اتر اوڀر شام ۾ گروپ جي حراستي مرڪزن جي نگراني ڪريو.
شام جو صدر ٽرمپ جي سڀني هدايتن تي لبيڪ چوندو رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ شام تي آمريڪي پابنديون هٽائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته هو شام کي هڪ عظيم ملڪ بڻجڻ جو موقعو ڏيڻ چاهي ٿو. مطلب ته سعودي يهودي ۽ شامي سڀ گڏجي اسرائيل کي تسليم ڪرڻ لاءِ عالمي سطح تي نئين جنگ جي تياري ڪري رهيا آهن، ان ڪري ايران ۽ سندس حمايتي ملڪن کي محتاط رهڻو پوندو. عرب ملڪن ٽرمپ جي دوري دوران بي حيائيءَ جي انتها ڪري خدا جي پسنديده دين کان لاتعلقي اختيار ڪري ڇڏي آهي، جنهنڪري غزه ۽ فلسطين جو وجود ميسارجي ويو آهي. هاڻي سنجيده مسلم ملڪن کي آمريڪا ۽ اسرائيل سميت عرب ملڪن جي منافقانه روين جي سخت مخالفت ڪرڻي پوندي، ان ۾ ئي اهل اسلام جي بقا ۽ سلامتي قائم ۽ دائم رهي سگهي ٿي.