دنيا جي سياسي نقشي تي جيڪا سڀ کان اهم ۽ خاص حقيقت نروار ٿي سامهون اچي ٿي، اها قومي مفادن جي بالادستي آهي. رياستون نه ڪنهن جون مستقل دوست هونديون آهن نه دشمن؛ انهن جون پاليسيون ۽ فيصلا صرف قومي مفادن جي چوڌاري گهمندا آهن ۽ اهي ئي مفاد عالمي لاڳاپن جو بنياد آهن. اهي ئي جنگين ۽ دوستين جا سبب پڻ هوندا آهن.
بين الاقوامي سياست ۾ اخلاقي اصولن ۽ انسان دوستي جي نعرن جو اڪثر استعمال محض هڪ پردو هوندو آهي، جنهن جي پٺيان معاشي۔فوجي ۽ جاگرافيائي مفاد لڪل هوندا آهن، جيڪڏهن ڪو طاقتور ملڪ جنگ روڪڻ يا ٺاھ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته اهو به ان وقت ڪري ٿو. جڏهن کيس خطرو هجي ته جنگ جي نتيجي ۾ هن جو معاشي يا اسٽرٽيجڪ مفاد متاثر ٿي رهيو آهي. انساني فلاح ۽ بهبود مجض هڪ همدرداڻي خوش فهمي آهي، جنهن کي ميڊيا ۽ بيان بازي ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي.
تازو پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ جو مثال ورتو وڃي ته آمريڪي مداخلت جو اصل ڪارڻ نه ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن هو، نه انساني همدردي بلڪه اصل سبب چيني فوجي ٽيڪنالوجي جو جنگ جي ميدان ۾ ڪامياب استعمال ۽ ان کانپوءِ پيدا ٿيڻ واري عالمي برتري جو ڊپ هو. جڏهن پاڪستاني هوائي فورس ڀارتي ائير بيس کي شديد نقصان رسايو، جيڪا روسي S-400 دفاعي نظام سان ٽمٽار هئي ته دنيا سڄي جو ڌيان چيني ٽيڪنالوجي ڏانهن ڇڪجي ويو. آمريڪا جيڪو اڳ ان جهڳڙي کان لاتعلق هو، هڪدم چرپر ۾ اچي ويو. ڇاڪاڻ ته هن جي دفاعي هڪ هٽي چئلينج ٿي رهي هئي.
اهوئي اهڙو مقام آهي جتي هٿيار ٺاهيندڙ ڪمپنيون ۽ عالمي ملٽري انڊسٽريل ڪامپليڪس پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن. اهي ڪمپنيون نه صرف ملڪن جي پاليسين تي اثر انداز ٿينديون آهن، بلڪه ڪو وقت جنگ جا سبب به پيدا ڪنديون آهن . انهن جا معاشي مفاد ايترا وڏا هوندا آهن جو ڪيترن ئي ترقي پذير ملڪن جون ساليانيون بجيٽون به انهن جي مقابلي ۾ نيچ هونديون آهن.
تاريخ جا صفحا ان امر جي شاهدي ڏين ٿا ته عالمي طاقتون جهڳڙن کي هوا ڏيڻ جي لاءِ سازشون ڪنديون آهن، ڪشمير جو مسئلو هجي يا وچ اوڀر جي گهرو ويڙھ، هر هنڌ هٿيارن جي گهرج وڌائڻ ۽ سفارتي دٻاء وڌائڻ جي پٺيان اهڙائي مفاد ڪم ڪندا آهن. 1947ع ۾ برصغير جي ورهاست، ڪشمير جهڙي نازڪ مسئلي کي منجهائي رکڻ، انهن سڀني جي پٺيان به ساڳئي پراڪسي ڪنٽرول جي جيڪا سوچ هئي ته جيئن خطو ڪڏهن به مضبوط نه ٿي سگهي. دنيا جون ڪيتريون ئي نالي واريون ڪمپنيون، جيڪي مغربي طاقتن جي اثر هيٺ آهن، مسلسل اهو چاهين ٿيون ته عالمي سطح تي ڪا نه ڪا چڪتاڻ برقرار رهي ته جيئن هٿيارن جون منڊيون قائم رهن. آمريڪا جڏهن افغانستان کان واپس وڃي رهيو هو ته سوئيڊن جهڙي هڪ امن پسند ۽ تهذيب يافته ملڪ هن کي چيو ته اسان جا ڪجهه جهاز ٽيسٽ ڪرائي ڏي ۽ پوءِ سوئيڊن جي ٺاهيل جهازن جي وسيلي به بمباري ڪئي وئي، ان کانپوءِ خطي ۾ هٿيارن جي ٽيسٽنگ جو لاڙو وڌيو ۽ جنگ جي ميدان کي هڪ “ٽيسٽنگ ليب” جي طور تي استعمال ڪيو ويو.
ان سموري صورتحال ۾ جيڪي سوال جنم وٺن ٿا اهي هي آهن ته: (1) ڇا دنيا جون جنگيون واقعي مفادن تي ئي وڙھيون وينديون؟ (2) ڇا ڪمزور رياستون سدائين وڏين طاقتن جي ٻارڻ طور تي سڙنديون رهنديون؟ (3) ڇا ترقي پذير دنيا ڪڏهن پنهنجا دفاعي ۽ سياسي فيصلا آزاد طريقي سان نه ڪري سگهنديون؟
ممڪن قدم ۽ نتيجا:
* گڏيل قومن جهڙي اداري کي وڌيڪ خود مختيار ۽ طاقتور بڻايو وڃي ته جيئن هو صرف طاقتور ملڪن جو پٺو نه بڻجي.
* هٿيارن جي صنعت تي بين الاقوامي سطح تي سخت قانون ۽ نگراني جا ادارا ٺاهيا وڃن.
* عالمي ميڊيا کي خريد ٿيل مشين جي بجاءِ حقيقي تحقيقي صحافت ڏانهن وڃڻ گهرجي .
نتيجو: بين الاقوامي سياست جو ميدان اخلاقيات کان وڌيڪ مفادن تي بيٺل آهي. جيڪڏهن دنيا ان حقيقت کي تسليم ڪري پنهنجيون پاليسيون مرتب نه ڪيون ته ننڍڙا ملڪ سدائين وڏين طاقتن جي بارود تي رقص ڪندا رهندا. انهيءَ نظام کي بدلائڻ جي لاءِ هڪ عالمي سياسي بيداري، معاشي خود مختياري ۽ گڏيل دفاعي حڪمت عملي ضروري آهي، نه ته اهي عالمي طاقتون هوريان هوريان ننڍڙن ملڪن کي ڳڙڪائينديون وينديون.