بلاگ

حياتان

حياتان جي وارتا ھن جي اندر ۾ اماڙي لڳائي ڇڏي ھئي ۽ سڄي رات سمهي ڪونه سگهيو ھو. اڄ سانول جو اندر سندس ابتڙ مزاج زال جي روز جي جهڪ جهڪ واري معمول کان وڌيڪ ڪڙھيو ھو.

زال جي اڻ وڻندڙ ورتاءُ، شڪ، الزام تراشي ۽ اجائي چوڪسي سانول جو سڪون برباد ڪري ڇڏيو ھو.

دماغ جو رڳون ڦاٽندي محسوس ٿيس ته ننڊ جو گوريون واپرائڻ لڳو. لکڻ پڙھڻ، سوچڻ ۽ لوچڻ جي سگھ توڙي صلاحيت موڪلائي ويس. جڏھن کيس چرئي ٿيڻ جي خدشي اچي ورايو ته ھن ڪنهن جي ڪجلين اکين جي اونهائين ۾ پناھون ڳوليون. جڏھن زندگي ڌر تتي بڻجي پئي تڏھن ڪنهن جي وارن جي ڇانوري جي تلاش کيس ڪنهن طوائف جي ڪوٺي تي ته ڪونه وٺي وئي، پر پئسي سان جيڪا نه ماسي سا به ماسي، ھڪ ماسي سان آڻي ملايو.

سانول جي حياتان سان پهرين ملاقات ماسي حاجاڻي جي گهر ٿي ھئي.

ڪچڙي ڪلي جهڙي نوخيز نازنين حياتان جو حسن ھن کي موھي ويو. مکڙي جي حجابي ورتاءُ سندس ھنئين ۾ ھڻي وڃي ھنڌ ڪيو.

اڄ جواني جي بهار تنهنجي مٿان پوري طرح مهربان آھي ۽ زندگي جي اھا بهار ڏاڍي مختصر ٿيندي آھي. سانول حجابن ۾ ويڙھيل حسن جي تعريف ڪرڻ کان رھي نه سگهيو.

”توڻي جو آئون جواني جو گهڻو حصو گهاري چڪو آھيان، پر مون کي اھڙي دلبر جي گهرج آھي جيڪو سموري زندگي جو ساٿي ٿئي. جنهن جي وارن جي ڇانءُ ۾ زندگي جي تپندڙ صحرا جي طويل سفر جا ٿڪ ڀڄي پون، جنهن جي گفتگو جي مٺاڻ ۾ زندگي جون سڀ تلخيون وسري وڃن، جنهن جي انتظار ۾ زماني جون ٻيون سڀ اذيتون بي اثر ٿي پون، اھڙو دلبر جنهن جي ھر پور ۽ سور ۾ به سرور ھجي، سانول من اندر جي ڳالھ چپن تي چاڙھي.

”تون چوين ٿو سنگت ساھ سريکي ھلي، سا ھلي ڪونه سگهندي، جيترو وقت ھلي ھلائينديس، ڏٽو ڪونه ڏبو، آئون ٻئي جي مڱ آھيان“ حياتان ڄڻ ڊڄندي ڊڄندي چپڙن جي وٿين مان لفظن جا پوپٽ اڏاريا.

تنهنجو مڱيندو توسان ڪيترو پيار ڪري ٿو… ۽ تون ساڻس…؟؟ سانول بي ساختگي مان پڇي ويٺو.

مائٽن جي مرضي تي منهنجو مڱڻو منهنجي ماروٽ سان ٿيو آھي، جي آئون توسان دل لڳائي ويٺيس ۽ تنهنجي خيالن ۾ ھونديس ته منهنجو گهر ڪونه ٿيندو، منهنجو گهر ڦٽو ته منهنجي ڀاءُ جو گهر به ڦٽي ويندو، ڇو ته ان جو مڱڻو منهنجي نڻان سان ٿيل آھي. حياتان پنهنجو پاڻ کي پوتي جي پلاند ۾ سوڙھو ڪندي وراڻيو.

پوءِ توکي ھتي ڪهڙي مجبوري آندو آھي؟ سانول کي حياتان جي مجبور ٿي ھتي اچڻ جو گمان ٿيو.

سانول جي اھڙي سوال تي حياتان جيتوڻيڪ نهڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو، پر سندس چپن جي ٿرٿراھٽ ويتر وڌي وئي.

ڳوري چٽي قدآور ۽ بدن ۾ ڀريل حياتان جي گهرن نيرن نيڻن جي اونهائين ۾ ھيسيل ھرڻي جهڙو خوف ڀريل ھو. ڳالهايائين ٿئي ته سندس سنهڙا، جواني جي رس ۾ ڀريل چپ ٿرٿرائڻ ٿئي لڳا.

ھي ڇرڪڻي ڇوري ڪيڏي نه کري ۽ معصوم آھي، سانول سوچيو.

تون پنهنجي ذات، خاندان ۽ گهر بابت جي مناسب سمجهين ته مون کي ڪجھ ٻڌائي، سانول ڳراٺڙي پائيندي کانئس پڇيو.

اسان پنهنجي عزت جو سودو ڪرڻ لاءِ ڳوٺ ڇڏي شهر ڪونه آيا ھئاسين. بابا چوندو ھو ته وڏيري جو قرض وڃي وڌندو، واھن ۾ پاڻي آھي ڪونه، ٻنيون ڪٿان ٿين، دوا درمل ته گهوريو، وڏيرو ھاڻي ته داڻن لپ ڏيڻ کان به پڙ ڪڍي بيٺو آھي. تنهنڪري ھلو ته ھلي شهر وسايون، شهر بحر آھي، مزدوري ملي پوندي، اھي ڳالهيون ڳڻي ابي اسان کي آڻي شهر ۾ رھايو. ڳهيلي ڳوٺاڻي حياتان سندس گهراڻي جي ڳوٺ کان شهر ڏانهن لڏپلاڻ جو سبب ٻڌائيندي چيو.

شهر ۾ ته مزدوري ملڻ جا وڌيڪ موقعا ميسر آھن، سانول ڄڻ ڳالھ کي اڳتي وڌائڻ جي التجا ڪئي.

ڪجھ مهينن جي ھڻ ھڻان کانپوءِ شهر ۾ به مزدوري ملڻ محال ٿي پئي، ھاڻي گهر جي مسواڙ جا پئسا به ڀرڻا ٿا پون، پاڻي پاڙي مان ڀريون سو به ڪڏھن ڀرڻ ڏين ته ڪڏھن ڪونه، بجلي جو خرچ جو وڌي ٿو، گهر ۾ ننڍڙو ڀاءُ ڌار بيمار رھي، ابو گهر جون اھي حالتون ڏسي بيزاري مان رڻ منهن ڪري ويو ھليو، گهر جو بار اچي امان مٿان پيو، زال زائفان ڇا ڪري؟

ٻئي ڪنهن مٽ مائٽ مدد نه ڪئي؟ سانول جي سوال حياتان کي وڌيڪ ڳنڀير ڪري وڌو.

”ڪير ڪنهن جو ڪونهي، ڏکئي وقت ۾ پنهنجا پراون کان به پري ٿيو وڃن، ھڪڙو مشڪلاتن مٿان مشڪلاتون، مٿان وري ماما اچي منهنجو سڱ ڇڪيو.

مڱڻو ته ٿيو ھاڻي وري پرڻو پيو گهري، ھڙ ۾ ڪجھ ھو ئي ڪونه، امان ويچاري ڏاج ڪٿان آڻي، نڪ کي مر به نٿي لڳائي سگهجي.“

پوءِ؟ سانول ڊگهو ساھ ڀريندي ڳالھ کي اڳتي وڌائڻ جي خاموش اپيل ڪئي.

لاچار امان اچي ايلاز ڪيا، چئي ”ڌيءَ مائي حاجاڻي چوي ٿي ھڪڙو سٺو ماڻهو آھي، پڙھيو لکيو آھي جي حياتان ساڻس سنگت ۾ ٿيندي ته ڏکيو ڏينهن ڪونه ڏسندي، ھو اسان کي ڏاج ۽ ڪاڄ ۾ به اڪيلو ڪونه ڪندو. پهرين ته امان کي به ست سريون ٻڌايم، پر پوءِ گهر جون حالتون ڏسي ۽ امان جي ايلازن تي پاڻ کي آڻي تنهنجي اڳيان اڇلايو اٿم، ھاڻي جيڪا تنهنجي مرضي، حياتان ڳالھ پوري ڪري منهن ڀت طرف موڙي ڇڏيو.

سانول حياتان جون ڳالهيون ٻڌي اندر جي آرسي ۾ پنهنجو پاڻ کي ھڪ بگهڙ وانگر ڀانئيو.

”آس پاس گدلي سينور مٿان نيل ڪنول جهڙي پاڪ ۽ پوِتر، معصوم ۽ خوبصورت حياتان بکايل بگهڙن جي ھن گهاٽي جهنگ ۾ ڪيترو پاڻ بچائيندي“ سانول سوچيو.

”ھن ماڪ ڦڙن جهڙي معصوم ۽ پوِتر نيل ڪنول جي ڪنوارپ مٿان ڪارنهن جو داغ لڳائڻ وارو ڪير به ٿي سگهي ٿو. اھو وحشي بگهڙ گهٽ ۾ گهٽ آئون ڪونه ٿيندس“ ھن دل ئي دل ۾ فيصلو ڪري ورتو ھو. ان ڏينهن سانول خاموشي سان ٥٠٠ رپين جو ھڪ نوٽ حياتان جي ھٿ ۾ ۽ ١٠٠ جا ٻه نوٽ حياتان جي ماءُ جي ھٿ ۾ ڏئي اتان ھليو ويو ۽ ڪجھ ڏينهن حياتان کيس وسري وئي.

ان واقعي جي گذرڻ کان ڏيڍ ٻن مهينن بعد مائي حاجاڻي جي سڏائڻ تي سانول سندس گهر ويو. مائي لهواريون اوڀاريون ڪندي نيٺ حياتان جو سر کنيو، چئي ”ڇوري جو دماغ خراب ٿي ويو آھي، سنوت ئي نٿي ڏي، اڄ داٻو ڏئي گهرايو اٿمانس ته يا پئسا ڏي يا اچي سانول سان…“

سانول کي مائي حاجاڻي جو ھي ٽڪساٽ بنھ نه آئڙيو، سانول جو مٿو چڪرائڻ لڳو. مائي حاجاڻي کي ڪجھ چئي ئي چئي ايتري ۾ حياتان به اچي نڪتي. سندس اکيون پاڻي سان ڀريل ھيون، اھڙو ڳالهائي جهڙي ڀت، سانول ۽ حياتان جي اندر ۾ احساسن جو طوفان نوح برپا ھو.

سانول کي به ڪا ڳالھ سمجھ ۾ نٿي آئي، ڇا چوي؟ ڇا ڪري؟

مون توکي سٺو ماڻهو سمجهيو ھو، تو ھن کي ڇا چيو ”حياتان منهنجا ٧٠٠ رپيا کائي وئي“

”اھا ڳالھ ھئي ته روبرو سڌو ھليو اچين ھا.

ھاڻ اچ… اچ… پنهنجي حوس پوري ڪري منهنجي جسم مان پنهنجا پئسا وصول ڪر“ حياتان جو ھر لفظ سڏڪن جي سمنڊ مان غوطا کائي ٿئي نڪتو.

سڏڪن جي سمنڊ مان طويل غوطو کائيندي حياتان چيو ”جيڪڏھن اسان وٽ ست سئو ھجن ھا ته منهنجي ماءُ مون کي تو لاءِ ڇو آڻي ھا“ حياتان جا سڏڪا سڄي ماحول کي سوڳوار بڻائي ويا.

تنهنجون ڳالهيون ٻڌي جيئڻ جي امنگ جاڳي ھئي ”اي الله اسان کي ڇو ھي جهان ڏيکاريئي؟ تنهنجو ڪهڙو ٿورو ٿيو؟ حياتان چپن ۾ ڀڻڪي ۽ لڙڪن ھاڻيون اکيون کڻي نراسائي مان اڀ ڏي ڏٺو. معصوم جذبن ۽ احساسن جي قتل تي سنڌ جو آسمان سوڳوار ھو. حياتان جي اکين ۾ سڄي سنڌ ھئي ۽ سنڌ جي اکين ۾ لڙڪ، ھر لڙڪ ۾ ھزارين حياتائون ھيون. سانول پنهنجو پاڻ کي سنڌ جي بي وسي مٿان تماشبين بڻيل ڏٺو، سانول جو ساھ گهٽجڻ لڳو کيس سمجھ ۾ نٿي آيو ته ڇا ڪري. ھن پنهنجو پاڻ کي بلندين تان ڪرندي محسوس ڪيو. ھي جيڪو حياتان جي نظرن ۾ ڪري چڪو ھو. جيتوڻيڪ ان ۾ ھن جو ڪوبه ڏوھ ڪونه ھو، مائي حاجاڻي حياتان کي پنهنجي پاپن جي پڃري ۾ قابو ڪرڻ لاءِ ھي تدبير ڪئي ھئي. مائي حاجاڻي کي اٿندي ويهندي حياتان جي واتان سانول جي ساراھ جا ڍڪ به نه ٿي آئڙيا. تنهنڪري ھن ھڪ تير سان ٻه نشانه ورتا ھئا.

انهيءَ واقعي کي به ڏينهن ۽ ھفتا گذري ويا، پر ھن دفعي حياتان جو تصور سانول جي دل ۽ دماغ تان نه لٿو، سانول بکايل بگهڙن جي ھن جهنگ ۾ حياتان کي وحشت جو نشانو بڻجڻ کان بچائڻ ٿي گهريو. سانول کي سواءِ ھڪ جي ٻي تدبير نٿي سجهي. ھن ڏاج ۽ ڪاڄ جو ذمو پنهنجي ڪلهن تي کڻي حياتان جي ماءُ کي جلد کان جلد شادي لاءِ راضي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو ھو.

رٿيل تدبير کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ ھن صبح سويلي حياتان جي گهر جو رخ ڪيو.

”ادي حاجاڻي حياتان ۽ ماڻس ھاڻ ھاڻ رڪشي ۾ چڙھي الائي ڪيڏانهن ھليا ويا آھن“ حياتان جي گهر جي گهٽي ۾، سانول کي ڏسي مائي حاجاڻي جي اڌ چري ڀيڻ فاتحاڻي انداز ۾ اطلاع ڏنو.

۽ حاجاڻي کٽي وئي، رڪشي جي ڦيٿي کان وقت جو ڦيرو تکو ڪونه ھو. سانول سوچيو.

ھي ڇرڪڻي ڇوري شايد ھاڻي پنهنجو پاڻ ڪڏھن به بچائي نه سگهي سانول چپن ۾ ڀڻڪيو، سندس پير ڳرا ٿي پيا ھئا.

حياتان جي گهر کان سانول جي گهر جو فاصلو پورو ٿيڻ ۾ شايد زمانا لڳن، ھن کي محسوس ٿيو.

***