عبدالحميد ميمڻ/حميد سنڌيءَ جو جنم 12 آڪٽوبر 1939ع تي نوشهرو فيروز ۾ محمد اسماعيل ميمڻ جي گهر ۾ ٿيو، هن لاڙڪاڻي، دادو، سکر ۽ ٻين شهرن مان تعليم حاصل ڪئي. بي اي ۽ ايم اي ايڪانامڪس ۾ ڪرڻ کانپوءِ مانچسٽر برطانيه مان “هائر ايجوڪيشن ايڊمنسٽريشن جو ڪورس مڪمل ڪيائين، عملي زندگيءَ ۾ شروعات بئنڪ جي نوڪريءَ سان ڪندي 1970ع کان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪم ڪيائين اڳيان هلي وڏن عهدن تي رهيو، سنڌ الاجيءَ جو ڊائريڪٽر، تعليم کاتي ۾ ڊائريڪٽر ڪاليجز، پبلڪ اسڪول حيدرآباد جو پرنسپال، ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ خيرپور يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو چيئرمين ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو چيئرمين رهيو. 1999ع ۾ رٽائر ڪيائين، ادبي طور سندس خدمتن جي لاءِ اهو چونديس ته بنيادي طور هُو ڪهاڻيڪار هو، سندس ڪهاڻين جا مجموعا “سيمي” 1958ع، اُداس واديون 1965ع “ويريون” 1981ع، “راڻا جي راجپوت” 1984ع، “جاڳ به تنهنجي جيءَ سان، 1996ع” “دردونديءَ جو ديس” 2002ع، “سومون سڀ ڄمار” 2007ع، “سوني زنجير” (ترجمو ڪهاڻيون) آهن. هُو گهڻ پاسائين شخصيت هو “روح رهاڻ” رسالي جو اجراء ۽ روح رهاڻ آچر جي گڏجاڻي سنڌي ادب جي تاريخ جا اهم موڙ آهن ته زندگي پبليڪيشن معرفت ڪافي ڪتاب شايع ڪرايائين، آخر تائين ادب ۾ سرگرمِ عمل رهيو کيس سندن ڪم تي ڪيترائي ايوارڊ مليا جن ۾ “تعمغه امتياز” ۽ “اعزاز فضيلت” خاص آهن.
پاڻ هر سال پابندي سان لطيف ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ، مقالا پڙهندڙ هو ۽ ڪيترن ئي سُرن تي ٿيل ڪانفرنس جي ڪتابن کي شايع ڪرايائين، (مون کي جيڪي حميد صاحب ڪتاب تحفي طور ڏنا انهن ۾ روح رهاڻ جي پرچن سان گڏ سندن ڪهاڻين جا ڪتاب ۽ لطيف ڪانفرنس جا سهيڙيل ڪتاب آهن جن جي ئي ڪري مون سندن ڪهاڻيڪار جي حيثيت تي طويل تحقيقي مقالو لکيو جو کين گهڻو پسند آيو ۽ سنڌي ٻولي ريسرچ جرنل ۾ ڇپيو).
لطيف شناسيءَ تي سندن ترتيب ڏنل ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب آهن: سُر ليلا چنيسر جو پهريون ڇاپو 1986ع ۾ حميد سنڌيءَ ترتيب ڏنو جو ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران 84 صفحن تي ڇپيو. هن ڪتاب ۾ ڪول 11 مضمون ۽ مقالا محمد حسين ڪاشف رحيم بخش قمر، عنايت الله زنگيجو ۽ ٻين جا آهن. سر گهاتو: 192 صفحن تي 1987ع ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران ڇپيو، جنهن ۾ “سر گهاتو، محمد اسماعيل شيخ، سر گهاتو هڪ جدوجهد” ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. “سر گهاتو جو فڪري پس منظر” رشيد ڀٽي، “سر گهاتو جو مطالعو” نعيم تقوي، “سر گهاتو” تنوير عباسي، “سر گهاتو” جو اصل مقصد، اسد الله شاهه بخاري ۽ ٻين جا ليک شامل آهن.
سر ڪاموڏ: 1988ع ۾ 228 صفحن تي حميد صاحب ترتيب ڏيئي شايع ڪرايو. سر مارئي: 1990ع ۾ 206 صفحن تي ڇپيو جنهن ۾ شاهه جي شيدائين، سر مارئيءَ جي باري ۾ مختلف موضوعن تي لکيو آهي. سر ڪاپائيتي: 1991ع ۾ 184 صفحن تي ڇپيو جنهن ۾ “سر ڪاپائتي جو تاريخي پس منظر” ڊاڪٽر نواز علي شوق، “سرڪاپائتي جو مطالعو” محمد عمريو سفاڻي، “ڪاپائتيءَ جو تاريخي پس منظر” ڊاڪٽر نواز علي شوق، “ڪاپائتيءَ جي ڪهاڻي ۽ ثقافتي جائزو، پريتم پياسي”، پورهئي جي هاڪاري ساک ڪاپائتي “ڊاڪٽر شمس سومرو”، سر ڪاپائتي سرت سجاڳيءَ ۽ جاکوڙ جو سڏ، سيد بچل شاهه بخاري ۽ ٻيا ليک آهن.
سر بلاول جو مطالعو: حميد صاحب ترتيب ڏئي 191 صفحن تي 1992ع ۾ ڀٽ شاهه مرڪز تان شاهه لطيف جي 247 هين عرس جي موقعي تي شايع ڪرايو جنهن ۾ “سر بلاول نالي پوڻ جو سبب ۽ مضمون” ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، “سر بلاول جا تاريخي ڪردار ۽ واقعا” رقيه غلام نبي شاهاڻي، “ابڙو سمون” محمد حسين ڪاشف، “جادم جکرو ۽ لجپال لطيف” نصرت حسين ابڙو، مهڙ مڙني مرسلين الحاج رحيم بخش قمر لاکو، سر بلاول ۾ شاهه رح جي سند رسوچ ۽ عارفاڻو اُهاءِ، فقير امداد علي سرائي ۽ ٻيا آهن.
سر رامڪلي: 1993ع ۾ 285 صفحن تي حميد صاحب مرتب ڪيو جو ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز تان شايع ٿيو.
سر کاهوڙي: شاهه صاحب جي 249 هين عرس تي شايع ٿيل هن ڪتاب جي 128 صفحن تي آيل مقالا “سر کاهوڙيءَ ۾ ڪردارن جا چند نالا” ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، “سک نه ستا ڪڏهين” خادم عباسي، “کاهوڙڪي کير”، عنايت الله زنگيجو، “کاهوڙيءَ ۾ الله لوڪ فقيرن جا اوصاف” پروفيسر الهڏنو سومرو، “سر کاهوڙيءَ ۾ زندگي گذارڻ جا روحاني راز” رضيه شيخ ۽ ٻيا آهن، 1994ع ۾ حميد سنڌيءَ طرفان ترتيب ڏنل سر کاهوڙيءَ جا مضمون ۽ مقالا محققن جي محنت جو مظهر آهن. سر بروو سنڌي: حميد سنڌيءَ 1995ع ۾ 287 صفحن تي ترتيب ڏيئي شايع ڪرايو. سر ڪارايل: 1996ع ۾ 268 صفحن تي شاهه لطيف جي 252 هين عُرس مبارڪ جي موقعي تي ڇپيو جنهن ۾ “سر ڪارايل” ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، “سر ڪارايل جو لساني جائزو” ڊاڪٽر هدايت پريم، “سر ڪارايل ۾ لطيف سائين جا ڏنل اهڃاڻ، ڊاڪٽر محمد اسحاق ابڙو، “سر ڪارايل”، پروفيسر محسن چنا، “ويا مور موري”، نصرت حسين ابڙو، “سر ڪارايل ۾ انسانيت جو عنصر” ۽ ٻيا آهن.
سر سامونڊي: 1979ع ۾ 263 صفحن تي ڇپيو جنهن جا مقالا نگار رقيه غلام نبي، اياز پنهور، زيب نطاماڻي، سيد بچل شاهه بخاري، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو ۽ ٻيا آهن. سر سارنگ: 1998ع ۾ 299 صفحن تي شايع ٿيو، جنهن جا مقالا نگار ڊاڪٽر نواز علي شوق، محمد ابراهيم سنڌي، رضيه شيخ، ادل سومرو، نذير ناز، مخمور مهيري ۽ ٻيا آهن، حميد سنڌيءَ مٿيان سڀ ڪتاب ترتيب ڏنا آهن.
سنڌ جا سونهان شاهه- سچل: شاهه لطيف ۽ سچل سرمست جي شاعريءَ جي فڪري اڀياس تي مشتمل حميد سنڌيءَ جو ڪتاب ناري پبليڪيشن 2019ع ۾ شايع ڪيو، جنهن جي ارپنا همعصر ليکڪا ماهتاب محبوب جي نانءُ آهي، مقدمو بعنوان “آدم جي ڪهاڻي، لطيف ۽ سچل جي زباني” خود ليکڪ لکيو آهي، هن ڪتاب ۾ حميد صاحب جا 12 لطيفي مضمون آهن ۽ تيرهون ليک ڪتاب ڪنڌيءَ ڪونئر ٽڙن جو سندن لکيل مهاڳ آهي، ٻئي ڀاڱي ۾ سچل سرمست جي شاعريءَ تي اٺ مضمون ۽ هڪ مضمون ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو “انوکو اسلوب” جي عنوان سان آهي، ڪل 183 صفحن تي آڌاريل آهي، حميد صاحب جيڪي ڪانفرنسن جي مقالن جا ڪتاب ترتيب ڏنا انهن مٿي لکيل مهاڳ هن ڪتاب جو حصو آهن، مٿي ڄاڻايل سڀني سُرن تي سندس تحريرون ته هر سر مان چونڊ بيت پڻ آهن، سر ڪاپائتيءَ جي ڪتاب جي مهاڳ جو عنوان آهي، “ڪتيم سڀ ڄمار” لکي ٿو: “شاهه سائين سان ڏاڍي دل اٿم ته هيڪر ٿيان هيڪاندي، شايد ايئن ڪو چوٽين چڙهي سگهان پر هيءَ دل ڌتاريندڙ دنيا، ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ سان وچڙائيندڙ وچتروستيون، ڪيئن دلبريون ڪيئن دلبا، ڪئين دستور، وک وک تي ڪيئن راهون، ڪئين رستا، هر طرف واٽون ويهه ٿيون واري ڪار آهي، شاهه سائينءَ جي تخليق ڪيل دنيا ۾ جڏهن به داخل ٿيو آهيان ته پاڻ کي هڪ طلسم ۾ وڪوڙيل ڀانيو اٿم، پر هيءُ طلسم ڪو ٽٽڻ جو هجي ته مان سائين کي ساحر چوان پر سائين اُڀو کنيو وڃي. اهڙي هنڌ هڻي ٿو جتي طلسم، طلسم نٿو رهي، پر حق حقيقي واري واٽ نظر اچيو وڃي، پر سوال آهي ته اُن واٽ تي پهچڻ کانپوءِ اسان مان ڪيترا آهن جيڪي ان حق حقيقيءَ واري واٽ تي هلي منزل ماڻين ٿا، شاهه سائينءَ جي ڪلام کي پڙهڻ سان ايئن ضرور ٿيو آهي ته:
ويٺي آهيان واٽ تي آهيان آسروندي
مون کي تان سي نه ڇڏيندا هوتا
حميد سنڌيءَ جي ڪهاڻين ۽ ڪتابن جا عنوان اڪثر شاهه جي بيتن مان چونڊيل آهن، کيس لطيف سرڪار سان عقيدت هئي، جنهن جو ثبوت مٿيان ترتيب ڏنل ۽ لکيل ڪتاب آهن.