عبدالحميد ميمڻ/حميد سنڌيءَ جو جنم 12 آڪٽوبر 1939ع تي نوشهرو فيروز ۾ محمد اسماعيل ميمڻ جي گهر ۾ ٿيو، هن لاڙڪاڻي، دادو، سکر ۽ ٻين شهرن مان تعليم حاصل ڪئي. بي اي ۽ ايم اي ايڪانامڪس ۾ ڪرڻ کانپوءِ مانچسٽر برطانيه مان “هائر ايجوڪيشن ايڊمنسٽريشن جو ڪورس مڪمل ڪيائين، عملي زندگيءَ ۾ شروعات بئنڪ جي نوڪريءَ سان ڪندي 1970ع کان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪم ڪيائين اڳيان هلي وڏن عهدن تي رهيو، سنڌ الاجيءَ جو ڊائريڪٽر، تعليم کاتي ۾ ڊائريڪٽر ڪاليجز، پبلڪ اسڪول حيدرآباد جو پرنسپال، ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ خيرپور يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو چيئرمين ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو چيئرمين رهيو. 1999ع ۾ رٽائر ڪيائين، ادبي طور سندس خدمتن جي لاءِ اهو چونديس ته بنيادي طور هُو ڪهاڻيڪار هو، سندس ڪهاڻين جا مجموعا “سيمي” 1958ع، اُداس واديون 1965ع “ويريون” 1981ع، “راڻا جي راجپوت” 1984ع، “جاڳ به تنهنجي جيءَ سان، 1996ع” “دردونديءَ جو ديس” 2002ع، “سومون سڀ ڄمار” 2007ع، “سوني زنجير” (ترجمو ڪهاڻيون) آهن. هُو گهڻ پاسائين شخصيت هو “روح رهاڻ” رسالي جو اجراء ۽ روح رهاڻ آچر جي گڏجاڻي سنڌي ادب جي تاريخ جا اهم موڙ آهن ته زندگي پبليڪيشن معرفت ڪافي ڪتاب شايع ڪرايائين، آخر تائين ادب ۾ سرگرمِ عمل رهيو کيس سندن ڪم تي ڪيترائي ايوارڊ مليا جن ۾ “تعمغه امتياز” ۽ “اعزاز فضيلت” خاص آهن.