خوشبو بلوچ ڪهاڻي کيتر ۾ نئون نالو ناهي ۽ نه ئي هي ڪهاڻيون ڪنهن سيکڙاٽ ڪهاڻيڪار جون آهن، پر اهي هڪ انتهائي سنجيده ليکڪا جون آهن. جن کي ورائي ورائي پڙهجي. هن ڪتاب ۾ پرويز بلگرامي جي اردوءَ ۾ راءِ ڏنل آهي، ارپنا خوشبوءَ پنهنجي بابا جي نانءُ ڪئي آهي، هن ڪتاب ۾ 27 ڪهاڻيون جيڪي ترتيب سان “سماج ۽ سچائي” (جيڪا ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي آهي) ۽ ٻين ڪهاڻين ۾ غيرت، اڀاڳي، ڏُک جنين ڏيج، فيس بڪ جي محبت، گلابي جوڙو، محبت جو ڀرم، ڪامريڊ، اڌوري محبت، بي قصور، ماءُ ۽ مذهب، ڏکن پٺيان سک، ڪائنات، ويساھ گهاتي، ڊراپ سين، کاٽ، رحمدل، ٽٽل خواب، ٻٽو معيار، فرق، اخلاقيات، موازنو، قومي ٻولي، هڪطرفي محبت، چنڊ ۽ ماني ۽ ڦڏائي شامل آهن. ٽائيٽل ڪهاڻي (سماج ۽ سچائي) انتهائي حساس ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ڪردار، سماجي رويا ۽ دوستيون ڪنهن ازلي رشتي وانگي نڀائن ٿا. ڪردار (متڪلم) جڏهن گهر پڄي ٿو ته عابده (سندس دوست) جا خيال کيس ورائي ٿا وڃن،Flashback ۾ اهي خيال (متڪلم) ڪردار جي دماغ ۾ انيڪ خيال اڀاري ٿا ويهن، ڪردار ۾ هڪ زبردست احساس ۽ انساني دوستي جو نرم گوشو اڀري ٿو پئي، جنهن جي اپٽار ڀرپور ٿيل آهي. (عورت رائيٽر گهڻي ڀاڱيFeminist هوندي آهي ۽ ڪنهن حد تائين مرد به) هن ڪهاڻيءَ ۾ رائيٽر به ان ساڳي حس کان ڪم ورتو آهي ۽ ڪهاڻي پڻي ۾ هڪ محبتي ڳالھ ماپائي ورتي اٿائين ڇو ته عام لقاءُ ۾ يونيورسٽيءَ جون ڇوڪريون جيڪي پيار ۽ عشق ۾ مبتلا ٿي وينديون آهن، اهي ان ڳڻتي ۾ به هونديون آهن ته انهن جا مالڪ انهن جي ڳالھ مڃيندا الائي جي نه. ان ڪري سوسائٽي جي اهڙي سيٽ اپ ۾ اها ڳالھ پيءُ ماءُ جي لاءِ ڳري ٿي پوندي آهي ته جيڪا ڇوڪري يونيورسٽي پڙهڻ وڃي ٿي، اها رڳو خير سان پڙهي موٽي اچي، ڇو ته ڪجھ ڇوڪريون اتان کان واپس گهر ناهن اينديون، پر، پرڻو ڪري وري پنهنجو گهر وسائينديون آهن.