بلاگخاصنئون

“سماج ۽ سچائي” تي تبصراتي راءِ

خوشبو بلوچ ڪهاڻي کيتر ۾ نئون نالو ناهي ۽ نه ئي هي ڪهاڻيون ڪنهن سيکڙاٽ ڪهاڻيڪار جون آهن، پر اهي هڪ انتهائي سنجيده ليکڪا جون آهن. جن کي ورائي ورائي پڙهجي. هن ڪتاب ۾ پرويز بلگرامي جي اردوءَ ۾ راءِ ڏنل آهي، ارپنا خوشبوءَ پنهنجي بابا جي نانءُ ڪئي آهي، هن ڪتاب ۾ 27 ڪهاڻيون جيڪي ترتيب سان “سماج ۽ سچائي” (جيڪا ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي آهي) ۽ ٻين ڪهاڻين ۾ غيرت، اڀاڳي، ڏُک جنين ڏيج، فيس بڪ جي محبت، گلابي جوڙو، محبت جو ڀرم، ڪامريڊ، اڌوري محبت، بي قصور، ماءُ ۽ مذهب، ڏکن پٺيان سک، ڪائنات، ويساھ گهاتي، ڊراپ سين، کاٽ، رحمدل، ٽٽل خواب، ٻٽو معيار، فرق، اخلاقيات، موازنو، قومي ٻولي، هڪطرفي محبت، چنڊ ۽ ماني ۽ ڦڏائي شامل آهن. ٽائيٽل ڪهاڻي (سماج ۽ سچائي) انتهائي حساس ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ڪردار، سماجي رويا ۽ دوستيون ڪنهن ازلي رشتي وانگي نڀائن ٿا. ڪردار (متڪلم) جڏهن گهر پڄي ٿو ته عابده (سندس دوست) جا خيال کيس ورائي ٿا وڃن،Flashback ۾ اهي خيال (متڪلم) ڪردار جي دماغ ۾ انيڪ خيال اڀاري ٿا ويهن، ڪردار ۾ هڪ زبردست احساس ۽ انساني دوستي جو نرم گوشو اڀري ٿو پئي، جنهن جي اپٽار ڀرپور ٿيل آهي. (عورت رائيٽر گهڻي ڀاڱيFeminist هوندي آهي ۽ ڪنهن حد تائين مرد به) هن ڪهاڻيءَ ۾ رائيٽر به ان ساڳي حس کان ڪم ورتو آهي ۽ ڪهاڻي پڻي ۾ هڪ محبتي ڳالھ ماپائي ورتي اٿائين ڇو ته عام لقاءُ ۾ يونيورسٽيءَ جون ڇوڪريون جيڪي پيار ۽ عشق ۾ مبتلا ٿي وينديون آهن، اهي ان ڳڻتي ۾ به هونديون آهن ته انهن جا مالڪ انهن جي ڳالھ مڃيندا الائي جي نه. ان ڪري سوسائٽي جي اهڙي سيٽ اپ ۾ اها ڳالھ پيءُ ماءُ جي لاءِ ڳري ٿي پوندي آهي ته جيڪا ڇوڪري يونيورسٽي پڙهڻ وڃي ٿي، اها رڳو خير سان پڙهي موٽي اچي، ڇو ته ڪجھ ڇوڪريون اتان کان واپس گهر ناهن اينديون، پر، پرڻو ڪري وري پنهنجو گهر وسائينديون آهن.
ڪردار جي صلاحيتن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ سندس گفتگو (ڊائيلاگ) هڪ بهترين طريقو ٿئي ٿو، جيڪو ڪهاڻي اندر اڻجي، جيڪو ڪردار جي شخصيت، جذبات ۽ اتساهه کي ظاهر ڪري ٿو. ليکڪ وٽ معاشري مان کنيل ڪردارن جا مختلف زاويا، آواز، لهجا ۽ ڳالهائڻ جا نمونا هوندا آهن، جيڪي پلاٽ اندر اڻي رکجن ٿا ته جيئن ان جي ڪردار جي پسمنظر ۽ ان جي شخصيت کي ظاهر ڪري سگهجي، جيڪاTechnique ڪردارن کي يادگار ۽ ڌار ڪري بيهاريندي آهي. پڙهندڙن کي آکاڻي ٻڌائڻ بجاءِ ڪهاڻيءَ جا اڻيل ڪردار هجڻ گهرجن، جن کي عمل ۽ گفتگو ذريعي پيش ڪيو وڃي. مثال طور: “وريام هڪ بهادر ماڻهو آهي” چوڻ بدران، وريام کي ڪجھ بهادري وارو ڪم ڪندي ڏيکاريو وڃي ته جيئن اهو ڪردار پاڻ ظاهر ٿي سگهي، جيڪو پڙهندڙن کي ڪردارن بابت پنهنجن نتيجن کي ڪڍڻ جي اجازت ڏئي ۽ پڙهندڙ انهن کي پڙهڻ ۾ وڌيڪ ٽائيم ڏئي. ان ڪري ليکڪ جيڪڏهن پنهنجن ڪردارن ۽ پيغام تي گرفت آڻي ته ڪردارن کي لاجواب ڪري سگهي ٿو. اهو ڪردارن جي وڪالت ڪري سگهي ٿو ته جيئن پڙهندڙ به لطف اندوز ٿين، ان ڪري ليکڪ ان ساڳي صلاح تحت ڪهاڻيءَ جي جوڙجڪ ۽ پلاٽ جي مضبوطيءَ تي ڌيان ڏئي جيڪو پڙهندڙن کي لاڳتي سحر ۾ مبتلا ڪري سگهي ۽ پڙهندڙن کي اهي ڳالهيون، لقاءَ ۽ واقعا ياد رهجي وڃن. ان ڪري لکڻ کان اڳ پلاٽ جو خاڪو ٺاهجي ان ۾ ڪردارن جي اڻت بيهاري ڏسجي ۽ انهن جي مقالن جي جوڙجڪ به ڪجي ته جيئن اهي زوال کان بچي لازوال ٿي وڃن.
وري ساڳي ڪهاڻي “سماج ۽ سچائي” تي ڳالهايون، ڇو ته هيءَ ڪهاڻي پريم ۽ احساس واري آهي ۽ ليکڪ ان ڳالھ تي جس لهڻي ته هن ان موضوع تي قلم کنيو آهي، توڙي جو پيج نمبر 34 تي هن جملي تي ڪهاڻي ڊهي ٿي پئي ته “نسيمه هاڻي ڪجھ به نٿو ٿي سگهي ان ڪري ته خادم شاھ انڪار ڪري چڪو آهي“ پر، ڪهاڻي اتي Climax ڇڏي اڳتي وڌي ٿي وڃي، اتي هڪ ڪهاڻي جو حوالو ضرور ڏبو، ان ڪري ته اسان جيڪي به ليکڪ آهيون اهي سڀ جا سڀ پوسٽ ماڊرنسٽ آهيون، اسان سڀ هن حال ۽ هن حالتن کيCondemn ٿا ڪريون، اهو ائين آهي ته جيئنBig Bang جو انڪار ڪجي مثال بگ بينگ جي لاءِ دليل اهو به آهي ته جيڪڏهن شيشي جو بال، مٽي يا ٺڪر جو بال مٿان ڪنهن اوچائيءَ تان هيٺ ڪيرائجي ته اهو برابر برابر ٽڪرا نه ٿيندو، ڪِرڻ سان ڪي گول ته ڪي ٽڪنڊا ته ڪي چهنبدار ته ڪي ٽيڏا ڦڏا ٽڪرا ٿيندا، ته پوءِ دنيا جي گولي ڦاٽڻ يا ٽٽڻ سان سڀ ٽڪرا گول مٽول ڇو ٿيا؟ يا ان جو Sientific Reason ڪير ڳولهي، ان ڪري پوسٽ ماڊرنسٽBig Bang جي ٿيوري کي نندين ٿا. ساڳي ڳالھ وانگي اسان به هن معاشري جي اصولن ۽ اصلوڪين ڳالهين کي ننديون ٿا. ان ساڳيContext ۾ رائيٽر به ان ڳالھ کي نندي ٿو ته پيار ۽ محبت جون مَت ڀَيد ۽Classifications هن دور ۾ يا اسان جهڙن معاشرن ۾ نندي سگهجن ٿيون. خوشبوءِ جي هيءَ ڪهاڻي ان ساڳي بحث ۾ ايتري ته ڀرپور آهي جو “جمال ابڙو” جي ڪهاڻي “شاھ جو ڦر” سان ڀيٽي سگهجي ٿي يا امر جليل جي ڪهاڻي “ڌرتيءَ جي ڌوڙ آسمان جا تارا” سان ڀيٽجي (هتي ڪهاڻيءَ جو موازنو ناهي پر، هڪ تمثيل وٺي سگهجي ٿي). محبتن جي ڪٿا گيري ته پنهنجي جاءِ تي پر جيڪاCondmenation هن ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي سا ساراهه جوڳي آهي. ڇو ته خوشبوءَ جي ڪهاڻين منجھ Subjectivityانتهائي ڀرپور آهي معنيٰ خوشبوءِ هڪ تاثر ٿي ڇڏي ۽ پڙهندڙن جيCourt ۾ بال اڇلي ٿي ته اهي پاڻ فيصلو ڪن ته هاڻي ڇا ٿيڻ گهرجي.
هڪ ڪهاڻيڪار جي لاءِ موضوعن جي چونڊ به هڪAdvocacy جي گهرجائو هجي ٿي ته اهي انهن شين کي يا ته سهڻي طريقي سان نندين يا احسن طريقي سان انهن جي وڪالت ڪري ڪردارن جي ڳالھ کي پڪو ڪري هلائين. جيئنDo respect & have respect واري ڳالھ هنڊائي سگهجي ٿي، تيئن سڀني جي اها راءِ هوندي ته ڪتابن ۾ سينئر ۽ جونيئر ليکڪن جا رايا ڏجن ۽ وٺجن جيڪا مثبت ڳالھ آهي. هن ڪتاب ۾ اداري (چانڊوڪي پبليڪيشن واهي پانڌي) پاران اميتاز اسير جيڪو لکيو آهي اهو پڙهي لڳو ته ڪتاب تي ڄڻ مهاڳ لکيل هجي، ڏاڍو ادبي، ٺيٺ، زبردست ٻوليءَ سان ڀرپور انتهائي لاجواب لکيل آهي. ان کانپوءِ سيما عباسي صاحبه به نهڪر ڪري ڪري اهڙو بهترين لکيو آهي جو وري وري پڙهجي. هن ڪتاب ۾ خوشبو بلوچ جي پنهنجي سَڳي ڀيڻ (زليخا گُنب) جو رايو به شامل ڪيو آهي. علي عاجز شر صاحب به هن ڪتاب جي باري ۾ لکي ڪتاب جو وزن وڌايو آهي، پر، سڀ کان وڌيڪ ذڪر جوڳو ڪتاب جو پنهنجي پاران آهي (جيڪو ڪتاب جو مقدمو آهي) جنهن ۾ ليکڪا مرڪي اها ڳالھ به مڃي ٿي ته ادب ڪو سٿرو ڪم ناهي ۽ لکڻ انتهائي اوکو ۽ پنهنجي هڙان وڙان ڏئي هنڊائڻ وارو ڪم آهي، ان ڪري ادبي پورهيو هڪ حد تائين ڄڻڪ بي سود ٿي ٿو پئي. اهي سڀ رايا پڙهي ڏاڍو ڀلو لڳو، ۽ اميد ٿي ڪجي ته اها روايت هلندي ايندي باقي ادبي Egoistic Approach۽Trends ۾ ڪجھ به ناهي رکيو، ان ڪري هرڪو هر ڪنهن کي مڃي ۽ داد ڏئي ته جيئن ادبي فضا خوشگوار ٿي پئي ۽ ادبي ضد ۽ بحث ڪجھ دير موڪل تي هليا وڃن.
ڪهاڻي “غيرت” ڳوٺاڻي پسمنظر ۾ لکيل هڪ انتهائي بهترين ڪهاڻي آهي، جيئن پهرين ٽائيٽل ڪهاڻي مان شهريTime & Space ۽ ڪهاڻي جيDiction مان مزو ماڻي سگهجي ٿو، اتي وري هن ڪهاڻي ۾ ڀرپور ڏسي سگهجي ٿي ته ڪيئن نفسيات جي ڌاري ۾ وهندڙ ڪردارن جي دماغن ۾ اهي احساس ٿا اڀرن ته “نه نه مان ائين ٿيڻ ڪو نه ڏيندس، جيترو ٿي سگهيو پنهنجي ڌيءَ کي سک ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس” معاشرتي نفسيات جي طور تي ليکڪا اها ڳالھ هنڊائي ٿي ته ڳوٺاڻي ماحول ۾ نياڻي سکي ستابي نه ٿي سگهي، ان ڪري هڪ ته هوءَ خود ڪفيل نه ٿي هجي (اها هڪ سراسري راءِ آهي) ٻيو ته جنهن گهر ۾ پرڻجي وڃي ٿي اتي مرد سان ٻنين ٻارن ۽ مال پَٺي ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي زندگي گذاري ٿي ان ڪري ڏک سندس ڏيج ٿي ٿا پون (جيڪا شيءِ زرعي سيڪٽر ۾ گهڻي آهي). انPsychological Perspective ۾ ليکڪا به ڪردارن جي دماغ ۾ اها شيءِ وجهي ٿي ته اهي ڪهاڻي جي پورائي ۾ اهي احساس ڀرين. ڪهاڻي “اڀاڳي” ۾ رواني ڏاڍي ڀلي آهي، پر، ڪهاڻيءَ جو ڪلائيمڪس به اچانڪ مٽجي ٿو وڃي، جيڪو انقلابي يا ڀرپور مزاحمت وارو ناهي جيڪو هجڻ گهرجي ها.
ڪهاڻي “ڏک جنين ڏِيج” ۾ ليکڪا وٽ اها نهڪر به آهي، جنهن جي ساراھ ڪجي، ان ڪري ته ليکڪا به معاشري جي اوڻاين ۽ دردن جي سمجھ رکي ٿي، جيئن ان ڪهاڻيءَ جي پيج نمبر 50 تي لکيل آهي ته “سندس ڀاءُ جو رشتو اڳ ئي سندس سئوٽ سان طئي هو ۽ روايت موجب سندس پيٽ لکيل هو” خوشبوءِ جي مڙني ڪهاڻين اندر سوشل سماجي لقائن کي ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ڪهاڻي “فيس بُڪ جي محبت” ڄڻ تمثيلي ۽ تاثراتي ڪري پوري ڪئي وئي آهي. هونئن ڪهاڻين جا اڪثر ڪلائيميڪس چڱا آهن ۽ ڪنهن سبق آموز ڳالھ تي پورا ٿا ٿين. ڪهاڻي “گلابي جوڙو” جي ٽائيٽل مان لڳو ته ڪنهن ڳاڙهي ڪنوار جي جوڙي جي ڳالھ هوندي پر، ڪلائيمڪيس تي خبر پئي ته هڪ غريب استاد جڏهن مارڪيٽ پڄي ٿي ته ڪو بشني سندس پرس مان پئسا ڪڍي ٿو وڃي ۽ هوءَ خالي پرس ۽ خالي احساس کڻي واپس موٽي ٿي اچي. هونئن مجموعي طور تي ڪهاڻين ۾ احساسِ ڪمتري، غربت، رشتن جو نه ٿيڻ، پيٽ لکي ڏيڻ، عورتن سان ظلم، محبت ۾ ناڪامي کان وٺي سئوٽ ماسات سان زوري رشتا ۽ رشتن کي بچائڻ لاءِ محبتن جون قربانيون ۽ سماجي اڻبرابرين جي ڏيٺ ۾ خوشبوءِ جون ڪهاڻيون ڏاڍيون شاندار ۽ شاهڪار آهن، جن جي جيتري تعريف ڪجي اوتري گهٽ آهي.
بهرحال ڪهاڻيون انتهائي بهترين آهن. اميد آهي ته خوشبو بلوچ ائين ئي ڪهاڻي کيتر ۾ زبردست ڪهاڻيون ڏيندي رهندي ۽ انتهائي جدت ۽ جديد طرز تي آڌاريل ڪهاڻيون جن ۾ سوشل اشوز ۽ سماجي اٿل پٿل تحت جيڪي به اوڻايون اچن ٿيون انهن ۾ پاڻ آزمائيندي رهندي ۽ پڙهندڙ به محظوظ ٿيندا رهندا.
***