ايڊيٽوريل

آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس باني پي ٽي آءِ جي مستقبل جو فيصلو

مئي 2023ع جي 9 تاريخ تي پي ٽي آءِ جيڪو فوجي تنصيبات ۽ شهيدن جي يادگارن تي حملو ڪيو هو، ان کي هڪ سال پورو ٿي ويو آهي. شايد اهو ڏينهن پي ٽي آءِ خاص طور تي باني پي ٽي آءِ جي لاءِ فيصلاڪُن ڏينهن هو. خبر ناهي ڪهڙي خيال ۾ باني پي ٽي آءِ اهو عمل ڪيو هو. ڳالهيون ته اهي آهن ته کيس پوري پڪ هئي، ماڻهو جڏهن هزارن جي تعداد م ملڪ ۾ موجود فوجي ڇانوڻين جي دروازن اڳيان مظاهرا ڪندا ته پوءِ فوج ۾ موجود ننڍا وڏا آفيسر ۽ جوان انهن ماڻهن جو پورو پورو ساٿ ڏيندا ۽ پوءِ ملڪ ۾ انقلاب اچي ويندو، ان انقلاب جي ذريعي موجوده چيف آف آرمي اسٽاف کي هٽائي ٻيو چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪيو ويندو. باني پي ٽي آءِ کي وزيراعظم جي ڪرسي تي بحال ڪيو ويندو ۽ اهڙي قسم جي فيصلي جي پٺڀرائي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پڻ ڪندي جنهن جو ان وقت چيف جسٽس عمر عطا بنديال هو، پر ٿيو ان جي ابتڙ ماڻهو نڪتا پر چند سوَن جي تعداد ۾ ۽ جيڪا يقين دهاني پي ٽي آءِ کي ڪرائي وئي هئي ته فوجي ڇانوڻين مان کين سهڪار ملندي اها پڻ نه ملي سگهي. نتيجي طور اهو پورو پلان ناڪام ويو. انهيءَ ڏينهن اهو فيصلو ٿي ويو ته اسٽيبلشمينٽ ڪنهن به صورت ۾ پي ٽي آءِ خاص طور تي باني پي ٽي آءِ جي ڪردار کي تسليم نه ڪندي، پر باني پي ٽي آءِ جي مقبوليت جيڪا سپريم ڪورٽ ۾ به هئي، هاءِ ڪورٽن ۾به هئي، بيوروڪريسي ۾ به هئي ۽ ڪنهن حد تائين اسٽيبلشمينٽ اندر پڻ هئي، انهيءَ ڪري ان تي سختي ٿي نه سگهي، کيس هڪ دفعو آزاد ڪيو ويو ۽ پوءِ ٻيهر کيس آگسٽ مهيني ۾ گرفتار ڪري سزائون ڏيئي جيل اندر رکيو ويو، پر جيل ۾ باني پي ٽي آءِ سان ورتاءُ هڪ لاڏلي قيدي جهڙو ٿيندو رهيو. ساڻس ملاقات سندس مرضيءَ مطابق کاڌو سندس پسند مطابق، مطلب گذريل 8 مهينن اندر کيس ايتريون سهولتون مليون جيتريون اڍيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ کي به نه هونديون.
انهن سڀني ڳالهين جو پي ٽي آءِ اهو فائدو ورتو جو عام ماڻهن کي ٻڌائيندا رهيا ته اسان جو فوج سان ٺاهه ٿي رهيو آهي بس ڪجهه ڏينهن جي دير آهي. ڪورٽن اندر ڪجهه جج به پنهنجو لاڙو پي ٽي آءِ طرف واضح نموني ڏيکاريندا رهيا. اهو اثر عام پبلڪ تي ته به پيو، پر ڪامورا شاهي پڻ ان خوف ۾ مبتلا ٿي وئي ته شايد پي ٽي آءِ جلد چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي، حڪومت ۾ واپسي ڪندي، پر ايئن نه ٿيو. ان کانپوءِ سڀني ڏٺو ته باني پي ٽي آءِ موجوده چيف آف آرمي اسٽاف کي سڌو مخاطب ٿي ان مٿان الزام مڙهيندو رهيو. آخرڪار آءِ ايس پي آر کي 7 مئي تي سڀ ڳالهيون واضح ڪرڻيون پيون جنهن ۾ چيو ويو هو ته فوج جو سڌو يا اڻ سڌو رابطو پي ٽي آءِ سان نه آهي، پي ٽي آءِ هڪ انتشار پسند سياسي ٽولو آهي ۽ هو 9 مئي جي سانحي ۾ مڪمل ملوث آهي. جيڪڏهن پي ٽي آءِ چاهي ٿي ته ساڻس رعايت ٿئي ته سڀ کان پهرين باني پي ٽي آءِ عوام جي اڳيان اچي واضح طور تي معافي وٺي ۽ جيڪڏهن کين سياسي ڳالهه ٻولهه ڪرڻي آهي ته پوءِ سياسي پارٽين سان ڪري، فوج ساڻن نه رابطي ۾ آهي ۽ نه ئي رابطو رکندي.
هاڻي واضح ٿي ويو ته پي ٽي آءِ طرفان ٿيندڙ سڀ دعوائون ڪوڙيون هيون ته ساڻن اسٽيبلشمينٽ رابطي ۾ آهي يا اگر هو ڳالهيون به ڪندا ته صرف اسٽيبلشمينٽ سان نه ڪي ملڪ جي سياسي پارٽين سان، پر ان پريس ڪانفرنس سندن پت وائکي ڪري ڇڏي. باني پي ٽي آءِ جو سياسي مستقبل بلڪل اونڌاهو ڪري ڇڏيو هاڻي جيڪڏهن هو عوام جي آڏو اچي معافي گهري ٿو ته به سندس سياست ختم ۽ جيڪڏهن معافي نٿو گهري ته اسٽيبلشمينٽ کيس معاف ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. مطلب هڪ پاسي باهه ٻئي پاسي پاڻي وچ ۾ باني پي ٽي آءِ. باني پي ٽي آءِ جا ڪيل غلط سياسي فيصلا کيس انهيءَ جڳهه تي وٺي آيا آهن جو محسوس ٿو ٿئي ته هاڻي سندس وٽ سياسي دڳ نه بچيو آهي ۽ اسٽيبلشمينٽ وٽ اگر پي ٽي آءِ قابل قبول به آهي ته به باني پي ٽي آءِ کانسواءِ. بظاهر نظر ايئن ٿو اچي ته باني پي ٽي آءِ جو سياسي مستقبل اونڌاهو ٿي چڪو آهي.