بلاگنئون

اميدوارن کي پولنگ ايجنٽ جي تربيت ضرور ڪرڻ گهرجي چونڊن واري ڏينهن ان جي گهڻي اهميت آهي

ملڪ اندر عام چونڊن ٿيڻ ۾ هاڻي صرف 28 ڏينهن بچيا آهن. چونڊ نه ٿيڻ بابت جيڪا غير يقيني واري صورتحال هٿ وٺي پکيڙي وئي هئي ۽ روز افواهه سازي ڪري چونڊ عمل کي غير يقيني بڻايو ويو هو. اها صورتحال يقين ۾ بدلجي چڪي آهي ته چونڊون ٿي رهيون آهن. هاڻي عوام پڻ يقيني صورتحال ۾ اچي ويو آهي ته چونڊون ڪنهن به صورت ۾ 8 فيبروري 2024 تي ٿي رهيون آهن. چونڊ عمل جا ڪيترائي اهم مرحلا آهن. سياسي پارٽين طرفان مقرر ڪيل اميدوار، انهن جي چونڊ مهم ماڻهن تائين منشور ۽ پيغام پهچائڻ، ماڻهن کي چونڊن جي ماحول سان جوڙي رکڻ، ڪارنر ميٽنگون، ريليون، ننڍا وڏا جلسا، رُٺل پرچائڻ، مخالف اميدوارن جي ڪوتاهين جو ذڪر ڪرڻ اهو سڀ چونڊن جي عمل جو حُسن آهي. انهيءَ سان چونڊ سرگرمي ٿيندي نظر اچي ٿي، پر هڪ اهم مرحلو چونڊن واري ڏينهن هوندو آهي. ائين سمجهون ته جيڪڏهن هڪ سال تعليم پرائي ٽي ڪلاڪ جي پيپر ۾ ڪجهه نه لکجي ته يقينن امتحان ۾ ويهندڙ اميدوار پاس نه ٿيندو. چونڊون به ائين ئي آهن. اميدوار ڪيتري به محنت ڪري، جيڪڏهن چونڊ ڏينهن تي پنهنجي ووٽرن کي پولنگ اسٽيشن تي وٺي اچڻ ۾ ڪامياب نه ٿو ٿئي ته پوءِ ان کي چونڊ کٽڻ جو آسرو نه ڪرڻ کپي. خاص طور تي وڏين پارٽين جي سامهون بيٺل اميدوارن کي ڇو ته وڏين سياسي پارٽين کي بهرحال وٿي حاصل هوندي آهي، ڇو ته ڪجهه ماڻهو پاڻمرادو اچي انهن کي ووٽ ڪري ويندا آهن. انهيءَ ڏينهن پولنگ اسٽيشن جي اندر اميدوار جي پولنگ ايجنٽ جي اهميت انتهائي گهڻي هوندي آهي. پولنگ جي اندر پولنگ ايجنٽ جي اها ئي حيثيت هوندي آهي، جيڪا اميدوار کي حاصل هوندي آهي، ڇو ته اميدوار جي نمائندگي پولنگ ايجنٽ پولنگ جي اندر ڪري رهيو هوندو آهي، جتي هو پوري ڪوشش ڪندو آهي ته سندس اميدوار جي حق ۾ پوندڙ ووٽن جي حفاظت ڪري سگهي، ان کي چوري ٿيڻ نه ڏئي ۽ اهو پڻ يقيني بڻائي ته سامهون وارو اميدوار ڀلي ڪيترو به طاقتور هجي ڪوشش جي باوجود غلط ووٽ ڪاسٽ نه ڪرائي سگهي ۽ جڏهن پولنگ جو ٽائم پورو ٿي وڃي ته پوءِ پولنگ ايجنٽ پرزائڊنگ آفيسر کان رزلٽ حاصل ڪري جيڪا پڻ هڪ ڇپيل پروفارمه واري ڪاغذ تي هوندي آهي. جنهن کي فارم 45 چيو ويندو آهي ۽ ڪيتريون ئي ٻيون ڳالهيون آهن، جيڪڏهن پولنگ ايجنٽ تربيت يافته آهي ته انهي پولنگ تي پنهنجي اميدوار کي بهتر پوزيشن ۾ آڻي سگهي ٿو، پر ائين ٿيندو ڪونهي، مختلف پارٽين جا اميدوار پنهنجي اليڪشن مهم ته بهتر هلائيندا آهن، پر پولنگ ايجنٽ جي تربيت انهن جي مهم جو حصو ڪڏهن به نه رهي آهي. شهر هجن يا ٻهراڙيون صرف خانه پوري جي لاءِ پولنگ ايجنٽن کي اميدوارن طرفان ايجنٽ نامه ڏئي، پولنگ بوٿ تي موڪليو ويندو آهي. هن وقت نيشنل اسيمبلي ۾ لڳ ڀڳ 370 کان 380 پولنگ اسٽيشنون مقرر ٿيل آهن ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ 180 کان 200 تائين پولنگ اسٽيشنن جو تعداد آهي، جن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2 بوٿ هوندا آهن ۽ ڪٿي ڪٿي 4 بوٿ به هوندا آهن. مطلب هڪ صوبائي اسيمبلي جي اميدوار کي گهٽ ۾ گهٽ 4 سئو تربيت يافته پولنگ ايجنٽن جي ضرورت هوندي آهي، پر هو اها پورائي عام رواجي انداز ۾ پولنگ اسٽيشن جي دائري ۾ ايندڙ ڳوٺن جي نيڪ مردن تي بار وجهي پوري ڪندو آهي، جيڪي وري ڪجهه پڙهيل لکيل نوجوانن کي جن وٽ شناختي ڪارڊ موجود هوندو آهي. انهن کي اميدوارن جو ايجنٽ نامو ڏئي پولنگ اسٽيشن تي موڪليندا آهن. انهن مان ڪيترن پولنگ ايجنٽن جي گهربل تربيت نه ٿيل هوندي آهي، جنهن جي ڪري اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿيڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن ۽ پولنگ عملو طاقتور اميدوار جي ونگار وهندي شام جي ٽائم ۾ رزلٽ سادي پني تي لکي ڏيندو آهي ۽ ڇپيل پروفارمه پولنگ ايجنٽ کي نه ڏيندو آهي. جنهن جي بنياد تي اميدوار پنهنجي رزلٽ کي آر او يا ڊي آر او وٽ چئلينج ڪري سگهي. ڪيترين ئي ڳالهين جي پولنگ ايجنٽ کي خبر نه هوندي آهي، ٿيڻ ته ائين کپي جيئن پولنگ جي عملي جي اليڪشن ڪميشن هڪ هفتو تربيت ڪري ٿي ائين ئي چونڊن ۾ ويندڙ سياسي پارٽيون ۽ اميدوار خاص طور تي اهي اميدوار جن جي سامهون هڪ سگهاري سياسي پارٽي موجود هجي ۽ ان جو سگهارو اميدوار هجي، انهن کي پنهنجي پولنگ ايجنٽن جي گهٽ ۾ گهٽ 3 ڏينهن تربيت ڪرڻ گهرجي ان سان سندن پولنگ ايجنٽ پنهنجن حقن، ذميوارين کي بهتر انداز ۾ سمجهي پولنگ اسٽيشنن اندر پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهندا ۽ سندن اميدوار جي کٽڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري سگهندا. بجاءِ جو اهي اميدوار پوءِ اچي ميڊيا جي سامهون ڌانڌليءَ جون دانهون ڪن، ان کان بهتر آهي ته هو ڌانڌلي ڪرڻ جا دڳ بند ڪن. پولنگ ايجنٽ جي تربيت ڪرڻ ڪنهن به اميدوار جي چونڊ مهم جو حصو نه هوندي آهي، جيڪو به اميدوار پنهنجا مضبوط پولنگ ايجنٽ ويهاريندو آهي، ان جي کٽڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن. هن وقت به هر اميدوار خاص طور تي اهي اميدوار جن کي خدشو آهي ته انهن سان پولنگ جو عملو ڌانڌلي ڪري سگهي ٿو انهن کي پنهنجي پولنگ ايجنٽن جي ڀرپور تربيت ڪرڻ گهرجي ان سان سندن کٽڻ جو امڪان گهڻي حد تائين وڌي ويندو.