جڏهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇهن ججن سپريم جڊيشل ڪائونسل کي خط لکيو ته انهن جي مٿان ايجنسين جو دٻاءُ آهي ته فيصلا ايجنسين جي مرضيءَ مطابق ڪيا وڃن.
ملڪ ۾ طوفان مچي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ سپريم ڪورٽ جا سڀئي جج گڏجي ويٺا جن فيصلو ڪيو ته هڪ سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ ڪميشن قائم ڪئي وڃي جيڪا انهيءَ معاملي کي ڏسي، پر پي ٽي آءِ انهيءَ ڳالهه کي تسليم نه ڪيو تمام گهڻو احتجاج ڪيو ويو ته هڪ رٽائرڊ جج حاضر سروس ججن کي ڪيئن ٿو گهرائي سگهي. جڏهن ڪميشن متنازع ٿي وئي ته جسٽس تصدق حسين جيلاني پاڻ ڪميشن جي سربراهي ڪرڻ کان معذرت ڪري ورتي ۽ سپريم ڪورٽ فيصلو ڪيو آهي ته هاڻي ست رڪني بئنچ اربع کان انهيءَ لکيل خط جي باري ۾ ٻڌڻي ڪندي. هتي واضح ڪندا هلون ته جن جج صاحبن خط لکيو هو ته انهن تي ايجنسين جو دٻاءُ آهي انهن وٽ آئيني اختيار موجود آهي ته هو ڪنهن به آفيسر کي ڪورٽ جي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ تي توهين عدالت جو نوٽيس ڪري سگهن ٿا، پر هنن نه ڪيو جڏهن ته ساڳي ڪورٽ ملڪ جي نگران وزيراعظم انوارالحق کي ٻه دفعا ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ۽ هو پيش ٿيو هو. ايئن محسوس ٿيو ته ملڪ جو وزيراعظم ملڪ جي ايجنسين کان وڌيڪ ڪمزور آهي ان ڪري کيس عدالت ۾ گهرايو وڃي ٿو، پر ايجنسين جي آفيسرن کي گهرائڻ جي سگهه هنن جج صاحبن وٽ نه هئي.
هنن جج صاحبن گذريل ٻن مهينن ۾ هڪ سياسي پارٽي پي ٽي آءِ جي 51 ڪيسن جو فيصلو ٻڌايو آهي جن مان 46 فيصلا پي ٽي آءِ جي حق ۾ ڏنا ويا آهن. خبر ناهي اهي فيصلا هنن دٻاءُ ۾ اچي ڏنا آهن يا انصاف جا تقاضا پورا ڪيا ويا آهن. اهوئي سبب آهي جو پي ٽي آءِ هنن ججن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۾ عوامي ريليون ڪڍيون، پر جڏهن پي ٽي آءِ جي دور حڪومت ۾ جسٽس رٽائرڊ شوڪت صديقي کي ڪڍيو ويو هو ان وقت هي جج صاحب پڻ خاموش هئا، ايستائين جو جسٽس رٽارئرڊ شوڪت صديقيءَ سان سماجي تعلقات به ختم ڪري ڇڏيا هئا. هيءَ ويجهي تاريخ آهي جيڪا هر ڪنهن کي ياد آهي. اسين سمجهون ٿا ته خفيه ايجنسين جو ۽ اسٽيبلشمينٽ جو حڪومت ۾ ۽ ڪورٽن ۾ عمل دخل رهي ٿو جيڪو بلڪل غلط آهي ان کي ختم ٿيڻ گهرجي. هر ادارو پنهنجي پنهنجي ذميواري آئين ۾ مليل اختيار تحت ادا ڪري، پر بدقسمتيءَ سان ائين ٿئي نٿو جيڪو ملڪ ۽ جمهوريت کي نقصان ڏيئي رهيو آهي، پر اها به حقيقت آهي جو سياسي پارٽيون ان وقت دانهن ڪن ٿيون جڏهن اهڙي قسم جي دخل اندازي انهن جي خلاف ٿئي ٿي، پر جڏهن انهن جي فائدي ۾ ٿئي ٿي ته پوءِ خاموش رهن ٿيون. هاڻي جڏهن ڪميشن جي سربراهه معذرت ڪئي آهي ۽ ست رڪني سپريم ڪورٽ جي بئنچ ٺهي چڪي آهي ته انهيءَ بئنچ مان ملڪ جي عوام کي اها اميد ضرور آهي ته سپريم ڪورٽ اهڙو فيصلو ڪندي جنهن سان نه صرف خفيه ايجنسين کي ڪورٽن ۾ دخل اندازي کان روڪيو ويندو، پر جيڪڏهن ججن طرفان لکيل خط صرف الزام تراشي ۽ ميڊيا ٽرائل آهي ته پوءِ انهن تي به قانوني ايڪشن ضرور ٿيندو.
ٿيڻ ته ايئن کپي ته اها ٻڌڻي به براهه راست ملڪ جي عوام کي ڏيکاري وڃي، جهڙيءَ طرح سان ڪجهه اهم ڪيسن جون ٻڌڻيون ملڪ جي عوام کي براهه راست ٽي وي تي ڏيکاريون ويون آهن. اهو به ڏسڻو آهي ته پي ٽي آءِ جي پرزور اصرار تي سپريم ڪورٽ جي بئنچ ٺهي آهي، هاڻي پي ٽي آءِ انهيءَ بئنچ تي تنقيد ڪرڻ لاءِ ڪهڙو يوٽرن وٺي ٿي. اهو ته واضح آهي ته پي ٽي آءِ تنقيد به ضرور ڪندي، ڇو ته ان جو نشانو هڪ ئي ماڻهو آهي يعني چيف جسٽس پاڪستان محترم قاضي فائز عيسيٰ.