قبضاگيري يا سرڪاري زمينن کي ڦٻائڻ سنڌ جي وڏن مسئلن مان هڪ وڏو مسئلو آهي. هتي سرڪاري زمينن تي قبضا ڪرڻ وارو هتان جو مقامي ماڻهو به آهي ته ٻاهران کان آيل افغان پناهگير به تمام ديده دليريءَ سان سرڪاري زمينن تي قبضا ڪري انهن کي مختلف مقصدن جي لاءِ استعمال ڪري ٿو. نه صرف ايترو، پر اهي ماڻهو قبضا ڪري انهن تي مختلف ڪاروبار ڪن ٿا، پر انهن کي ٻين ماڻهن جي هٿن ۾ وڪڻي به ڇڏين ٿا. سنڌ حڪومت ان سڄي صورتحال ۾ خاموش تماشائي بڻيل آهي، پر خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته 15 اپريل 2025 کان سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ ڪراچيءَ جي سينٽرل ضلعي ۾ قبضي ختم ڪرائڻ جي لاءِ هڪ مهم جو آغاز ٿيو آهي. هڪ وقت هو جو ڪراچي جو شهر فرانس جي شهر پيرس سان ڀيٽيو ويندو هو. ڪراچيءَ ۾ آلودگي نه هجڻ جي برابر هئي، ڪراچي باغن جو شهر هو. هتي روڊ رستا، ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جي طرفان کان ڌوتا ويندا هئا ۽ ماحول ايترو سٺو هو، ايتري وڻڪار هئي جو هتي لڳ ڀڳ روز هلڪي برسات ٿيندي هئي، پر هاڻي اهي سڀ شيون ماضيءَ جو قصو بڻجي چڪيون آهن ۽ ڪنهن خواب وانگر انهن کي ياد ڪري سگهجي ٿو.
هن وقت ڪراچيءَ ۾ جيڪو به ماڻهو رهي ٿو ان کي ۽ جيڪو ماڻهو اتان وڃي گهمي اچي ٿو ان کي اندازو آهي ته ڪراچي ماحولياتي گدلاڻ جو بي انتها شڪار آهي، اتان جي هوا ۾ ساهه کڻڻ صحت جي لاءِ هاڃيڪار بڻجي چڪو آهي. ڪراچيءَ جي ٽريفڪ بغير ڪنهن قانون ۽ ضابطي جي اتان جي رهاڪن کي نفسياتي دٻاءُ جو شڪار ڪري بيمار ڪري ڇڏيو آهي. هن ايتري وڏي شهر ۾ جتان جي زمين جو چپو چپو تمام گهڻو قيمتي آهي، اتي الائجي ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو اچي قبضو ڪري مختلف جاين تي ننڍا ننڍا ڪاروبار ڪري ڪراچيءَ جي خوبصورتي ۽ ان جي قيمت کي بي قدرو ڪري ويٺا آهن، جنهن جي ڪري ڪراچيءَ ۾ ڏوهن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي. هن وقت ڪراچي ائين ٿو لڳي ڄڻ مافيائن جو شهر بڻجي ويو هجي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ته شهري زندگيءَ جون جيڪي سهولتون آهن انهن ۾ اضافو ٿيڻ گهرجي، انهن کي وڌيڪ جديد طريقي سان ماڻهن کي جيڪي اتي رهڻ جي قيمت ادا ڪري سگهن ٿا انهن جي لاءِ مختص ڪجي ۽ گڏوگڏ ننڍن شهرن کي به جديد طرز سان ترقي ڏئي خوبصورت بڻائجي ته جيئن گهٽ کان گهٽ ماڻهو وڏن شهرن جو رخ ڪري سگهن ۽ سندن پنهنجا شهر جديد طرز سان وڌندا ۽ ويجهندا رهن، پر سنڌ حڪومت وٽ ان قسم جي ڪابه پلاننگ نظر نٿي اچي، جنهن جي نتيجي ۾ جنهن به ماڻهو کي ڪاوڙ اچي ٿي اهو ڪراچيءَ جو رخ ڪري ٿو ۽ ڪراچيءَ جي ڪنهن ٽڪر تي قبضو ڪري ويهي ٿو رهي. ڪراچيءَ جا مخلتف علائقا جهڙوڪ: گارڊن، ڪياماڙي، منگهو پير ۽ ان کان علاوه پوري ڪراچيءَ جي لڳ ڀڳ حالت ساڳي آهي. روڊن ۽ رستن جي حالت انتهائي خراب آهي، نه صرف روڊن جي پاسن کان، پر روڊن تي به ماڻهن جا قبضا ٿيل آهن ۽ انهن کي اتان هٽائڻ وارو ڪير به ڪونهي. ان ڪري راهگير جيڪي پنڌ هلن ٿا يا اهي مسافر جيڪي مختلف گاڏين ۾ سفر ڪن ٿا انهن جي لاءِ انهن روڊن ۽ رستن تان لنگهڻ عذاب بڻجي ويو آهي. ڪراچيءَ ۾ آبادي بنا پلاننگ جي وڌي رهي آهي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو ڪراچيءَ جي اوسي پاسي ننڍيون ننڍيون آباديون وڌي ويون آهن، جنهن ۾ گهڻو ڪري غير قانوني طور تي رهيل افغان پناهگير آباديون آهن، جن کي اڃان تائين سنڌ حڪومت پنهنجي ملڪ روانو ناهي ڪيو. ان کان علاوه شهر جون عمارتون پراڻيون، بي رنگ ۽ کنڊر ٿي ويون آهن جن سڄي شهر جي خوبصورتي کي داغدار ڪري ڇڏيو آهي، پر سنڌ حڪومت انهن جي مينٽيننس يا انهن جي خوبصورتي جي اضافي جي لاءِ ڪابه ٽائون پلاننگ اڃان تائين نه ڪئي آهي. ائين ٿو لڳي ته ڪراچي دشمنن جي هٿ ور چڙهيل ڪو شهر هجي جنهن کي دشمنن تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو هجي. سواءِ ڪجهه روڊن ۽ ڪجهه علائقن جي جيڪي امير ماڻهن جي رهڻ وارا علائقا آهن سڄو ڪراچي هن وقت کنڊر بڻيل دهشتگرديءَ جو شڪار شهر نظر اچي ٿو. اهڙي وقت ۾ ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جو ڪي ايم سي جي هيڊ آفيس ۾ قبضن جي خلاف مهم جي حوالي سان فيصلو ڪرڻ هڪ تمام اميد افزا ڳالهه آهي. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته قبضن خلاف ڪارروائي شهرين کي مشڪلات کان بچائڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته قبضن جي ڪري شهرين کي تمام گهڻين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، ڇو ته ماڻهن صرف روڊن ۽ رستن تي قبضا ناهن ڪيا، پر ڪراچيءَ جي برساتي نالن تي به غير قانوني تعميرون ٿيل آهن جن کي ختم ڪيو ويندو ۽ اهو آپريشن عدالتي حڪمن جي تعميل هوندي. هن آپريشن ۾ ميئر ڪراچي ضلعي انتظاميه سميت سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ هڪ اسٽريٽيجڪ پلان جوڙيو ويو آهي ۽ مهم جا سڀئي پاسا تفصيل سان ڏٺا ويا آهن. ڪراچيءَ جي ميئر مطابق ڪراچيءَ جي روڊن، رستن، برساتي نالن ۽ قبرستانن تي غير قانوني تعميرن کي ختم ڪيو ويندو ۽ انهن تان قبضا ختم ڪرائي اهڙن ماڻهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
اميد آهي ته مرتضيٰ وهاب ميئر ڪراچي جلد ئي هن شهر جي سڀني ضلعن مان غير قانوني طريقي سان ڦٻايل زمينون قبضي کان آجون ڪرائيندو. ڪراچيءَ ۾ وڻ پوکرائي ڪراچيءَ جي گدلاڻ کي ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ ڪراچيءَ ۾ غير قانوني طريقي سان آباد ماڻهن کي تڙي ڪڍيو ويندو، جن جو تعلق افغانسان ۽ ٻين ملڪن سان آهي، جن نه صرف هن شهر کي قبضي هيٺ آندو آهي، بلڪه هتي ڏوهن جي دنيا جو به هڪ ڄار پکيڙي ڇڏيو آهي.