خاص

ڪوڙن ڪيسن ۾ ڇو جيل وڃڻو پيو؟ سوال ڪرڻ منهنجو حق آهي: نواز شريف

مسلم ليگ جي رهنما نواز شريف لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻين ڳالهين سان اهو به چيو ته ماڻهو منهنجي زال جي بيماري جو مذاق اڏائي رهيا هئا، جڏهن منهنجي زال ۽ مريم جي ماءُ بيماري جي بستري تي هئي ته به اسان سان ظلم ڪيو ويو. هن چيو ته مون تڏهن درخواست ڪئي هئي ته منهنجي زال بيمار آهي ته منهنجي ڪيس ۾ فيصلو هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪيو وڃي، هڪ هفتي کانپوءِ پاڪستان ايندس، پر نيب جي جج منهنجي درخواست قبول نه ڪئي، ڇا انهن ماڻهن جي سيني ۾ دل ناهي؟ انهن ڏکيائين باوجود پاڪستان وڃڻ جو فيصلو ڪيو. نواز شريف چيو ته ڪجهه قومي معاملا اهڙا آهن جن جو تاريخ ۾ اسان ڪڏهن حساب نه ڏئي سگهنداسين، انهن سڀني جو ڪنهن کي ته حساب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته مريم نواز تي ٿيل ڪيس جي فيصلي ثابت ڪيو ته ڪيس ڪوڙو هو ۽ سزا به غلط هئي، اسان کي ڪوڙو ڪيس ۾ جيل ڇو وڃڻو پيو؟ هڪ پاڪستاني جي حيثيت سان، مون کي اهو سوال پڇڻ جو حق آهي.