خاصنئون

ناسا پاران مريخ تي آيل زلزلي جي پهرين ريڪارڊنگ جاري

 

آمريڪي خلائي اداري ناسا تاريخ ۾ پهريون دفعو زمين کان علاوه ڪنهن ٻئي سياري تي آيل زلزلي کي ريڪارڊ ڪيو آهي. اهو ڪارنامو ناسا جي مريخ تي موڪليل جديد ترين خلائي جهاز انسائيٽ مارس لينڊر سرانجام ڏنو آهي. سائنسدانن جو خيال آهي ته مريخ جي زلزلن کي ڄاڻڻ سان اسان مريخ جي اندروني زميني بناوٽ کي سمجهي سگهون ٿا. انسائيٽ خلائي جهاز گذريل سال نومبر ۾ مريخ تي لاٿو ويو هيو. ان کي خاص طور تي مريخ جي اندروني خبر ڏيڻ لاءِ ڊيزائين ڪيو ويو آهي. انسائيٽ جهاز مريخ جي اندروني گرمي پد، مٽي جي ڪيفيت، ان جي گردش ۽ زلزلي جي سرگرمين تي تحقيق ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته مريخ تي ايندڙ زلزلا ان سياري بابت اسان جي تمام گهڻي مدد ڪري سگهن ٿا.