ايڊيٽوريلنئون

برساتن جي باوجود سنڌ جو ننڍو آبادگار ڇو رڙيون ڪري رهيو آهي؟

سنڌ ۾ گذريل مهيني کان غير معمولي برساتون پيون آهن، جيڪي هڪ زرعي ملڪ لاءِ خوشخبري سمجهيون وينديون آهن، پر حقيقت اها آهي ته انهن برساتن جي باوجود سنڌ جو ننڍو آبادگار اڃان به پاڻيءَ لاءِ واجهائي رهيو آهي، اهو هڪ انتهائي پيچيده مسئلو بڻجي چڪو آهي. ننڍي آبادگار جي ڏکيائين ۾ آبپاشي کاتي جي ڪرپشن ۽ ننڍن آبادگارن کي پاڻيءَ جي سپلاءِ جو فقدان انهن سڀني جي پٺيان انتظاميه جي نااهلي ۽ سياسي عمل دخل نظر اچن ٿا.

ننڍو آبادگار پنهنجي ملڪ ۽ صوبي ۾ پنهنجو زرعي ڪم ڪري معيشت کي استحڪام بخشڻ ۾ هڪ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿو. جيتوڻيڪ هن وقت زمين تمام گهٽ هوندي آهي، پر سندس خاندان جو گذر بسر ۽ سندس معاشي استحڪام ان زمين جي ٽڪري تي هوندو آهي، ان لاءِ هو پنهنجون سڀ توانائيون ان زمين جي ٽڪري تي لڳائي نه صرف زرعي پيداوار ڪندو آهي، بلڪه پنهنجي علائقي جي ماڻهن جي لاءِ خوراڪ، جانورن جي لاءِ چارو ۽ ان کان علاوه اهي سڀ شيون پيدا ڪندو آهي. جنهن سان ملڪ پرڏيهي ناڻو ڪمائيندو آهي.

وڏو زميندار ٿي سگهي ٿو، زمينن سان گڏ ٻيا به ڪيترائي ڪاروبار ڪندو هجي ۽ ان جي زمين ڪجهه آباد ۽ ڪجهه غير آباد هجي، پر ننڍو آبادگار پنهنجي زرعي تي پيداوار ڪرڻ جي لاءِ سر ۽ ڌڙ جي بازي لڳائيندو آهي، پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته صوبي سنڌ ۾ ننڍي آبادگار جي لاءِ ڪي به سٺيون زرعي پاليسيون نه جوڙيون ويون آهن جنهن سان ننڍو آبادگار همت افزائي محسوس ڪري، پنهنجي زمينن مان وڌيڪ اپت حاصل ڪري خوشحال ٿي سگهي.

سنڌ حڪومت مختلف معاملن تي توجهه ڏيڻ جو ذڪر ڪندي رهي ٿي زرعي قرض به ڏيڻ لاءِ واعدا ڪري ٿي، اسڪيمون متعارف ڪرائي ٿي، آبپاشي جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بنائڻ، واهن ۽ شاخن جي مرمت ۽ پاڻيءَ جي موثر سپلاءِ جي دعويٰ ڪئي وڃي ٿي، پر انهن سڀني پاليسين جي باوجود سنڌ حڪومت جو ننڍي آبادگار ڏانهن عملي رويو مايوس ڪندڙ رهيو آهي.

جنهن جو سڀ کان وڏو سبب آبپاشي کاتي ۾ ڪرپشن عروج تي هجڻ آهي، جنهن سان پاڻيءَ جي غير منصفاڻي ورهاست، واهن جي صفائي ۽ مرمت جي فنڊن ۾ خرد برد ۽ غير قانوني ٽيوب ويلن ۽ موٽرن ذريعي پاڻي چوري ڪرڻ عام ڳالهه ٿي چڪي آهي. انهن ذڪر ڪيل شين کي نظر انداز ڪري کاتو حقيقت ۾ ننڍن آبادگارن کي نقصان ڏئي رهيو آهي. اهي ننڍا آبادگار پاڻيءَ کان محروم رهن ٿا، سرڪاري اسڪيمن لاءِ جاري ٿيل فنڊ گهڻو ڪري ڪرپشن جي ور چڙهي وڃن ٿا. ننڍن آبادگارن تائين انهن جو فائدو نٿو پهچي. ڇو ته سنڌ جي سياست ۽ انتظاميه تي وڏن زميندارن جو قبضو ۽ گهرو اثر رسوخ آهي.

جيڪو پاڻيءَ جي ورهاست، زرعي قرضن ۽ ٻين سهولتن جي فراهميءَ ۾ وڏي پئماني تي ناانصافي جو سبب بڻجي ٿو. ننڍي آبادگار کي پنهنجي زرعي پيداوار جي لاءِ مهانگن اگهن تي ڀاڻ وٺڻو پوي ٿو، پنهنجي خرچ تي ٽيوب ويل لڳائي پاڻي ڪڍڻو پوي ٿو، جنهن جي لاءِ کيس ڊيزل جو خرچ به برداشت ڪرڻو پوي ٿو. ان کانپوءِ جڏهن هو پنهنجي پيداوار مارڪيٽ ۾ آڻي ٿو ته کيس ان جا اگهه به پورا نٿا ملن ۽ وچ ۾ مڊل مين سندس حق کائي وڃي ٿو. هونئن ته پاڪستان جي معيشت جو 60 سيڪڙو کان وڌيڪ زراعت تي ٻڌل آهي، پر سنڌ صوبي جي معيشت چئي سگهجي ٿي ته 70 سيڪڙو کان وڌيڪ زراعت تي آڌاريل آهي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت ننڍن آبادگارن ڏانهن پنهنجو رويو همدردانه ۽ مخلصاڻو ڪري ته سنڌ حڪومت کي زراعت جي شعبي ۾ تمام گهڻو لاڀ حاصل ٿيندو، روزگار جا ذريعا پيدا ٿيندا، ماڻهو خوشحال ٿيندا، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ خوشحال ٿيندي.

آبپاشي جو شعبو هن وقت ننڍي آبادگار جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته آبپاشي جي شعبي ۾ ملازمن جي ڀرتين ۾ ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون وڃن، نااهل ۽ رشوت خور ملازمن کي هڪدم نوڪرين مان ڪڍيو وڃي. آبپاشي جي نئين رٿائن ۽ ڍانچي جي تعمير ۾ پڻ وڏي پئماني تي ڪرپشن جو چوٻول ٿئي ٿو. گهٽ معيار جو سامان استعمال ڪري هن شعبي کي نقصان پهچايو وڃي ٿو، جنهن سان آخر ۾ نقصان کي منهن ڏيڻ وارو ننڍو آبادگار ئي ٿئي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ ننڍن آبادگارن جو فصل تباهه ٿي وڃي ٿو، پاڻي نه ملڻ ڪري اهي فصل سڪي وڃن ٿا ۽ آبادگارن تي قرض چڙهي وڃي ٿو.

جڏهن زرعي پيداوار گهٽجي ٿي ته سڌو سنئون ان جو اثر صوبي ۽ ملڪ جي خوراڪ جي تحفظ تي پوي ٿو. جنهن جي ڪري شيون مهانگيون ٿي وڃن ٿيون ۽ پرڏيهي ناڻو خرچ ڪري خوراڪ واريون شيون ٻاهران گهرايون وڃن ٿيون. هن سڄي ناسور کي روڪڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌ حڪومت آبپاشي جي کاتي کي صحيح رستي تي آڻڻ لاءِ فوري قدم کڻي، جنهن ۾ آبپاشي واري وزير کي گهرجي ته اهو پنهنجي شعبي ۾ ڪرپشن ۾ ملوث اهلڪارن ۽ بااثر ماڻهن خلاف سخت ۽ بنا امتياز قانوني ڪارروائي ڪري پاڻي جي ورهاست ۾ شفافيت پيدا ڪري، ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري، ڊجيٽل مانيٽرنگ سسٽم سان ننڍن آبادگارن کان وٺي وڏن آبادگارن تائين پاڻي جي وهڪري ۽ ورهاست جي نگراني ڪئي وڃي.

واهن، شاخن ۽ ننڍن ننڍن ڊسٽريوبيوٽرن جي جتي مرمت جي ضرورت آهي ۽ جتي بحالي جي ضرورت آهي ان ڪم کي هڪدم سرانجام ڏنو وڃي. ان کان علاوه کاتي جي رٿائن ۽ فنڊن جي استعمال جو ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائي وڃي ته جيئن ٿيندڙ ڪرپشن کي روڪي سگهجي. ان کان علاوه ننڍن آبادگارن ۽ عام شهرين کي پاڻي جي ورهاست جي نگراني ڪرڻ جو اختيار ڏنو وڃي ته جيئن اهي مقامي آبپاشي ڪميٽيون انهن عام آبادگارن جي نمائندگي ڪري سگهن. ان سڄي نظام مان سياسي مداخلت جو خاتمو وقت جي اهم ضرورت آهي ته جيئن اهلڪار بنا ڪنهن دٻاءُ جي پنهنجون ذميداريون نڀائي سگهن. ننڍي آبادگار جي خوشحالي صوبي ۽ ملڪ جي خوشحالي آهي.