خاص

وفاقي حڪومت صوبائي اختيار اورانگهي هڪ جهڙو نصاب لاڳو نٿي ڪري سگهي: سردار شاھ

سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت صوبائي اختيار اورانگهي هڪ جهڙو نصاب لاڳو نٿي ڪري سگهي، 18 هين ترميم بعد صوبا پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ لاءِ خود مختيار آهن، جاري بيان ۾ ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت هڪ جهڙي تعليمي نصاب تي اڳ ئي خدشا ظاهر ڪري چڪي آهي، وفاق پنهنجا فيصلا نٿو مڙهي سگهي، تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾ پهرين کان پنجين درجي تائين هڪ جهڙو تعليم نصاب لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.