ايران کان تيل خريد ڪرڻ وارن ملڪن کي به اقتصادي پابندين جو منهن ڏسڻو پوندو، آمريڪا
آمريڪا جي صدر ٽرمپ ايران کان تيل خريد ڪندڙ ملڪن جي اقتصادي پابندين تي حاصل استثنيٰ کي مڪمل طور ختم ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي پابندين باوجود ايران کان تيل خريد ڪندڙ ملڪن ۾ جاپان، اتر ڪوريا، ترڪي، چين ۽ ڀارت شامل آهن. اهڙن ملڪن کي آمريڪي صدر چيو آهي ته يا ته اهي ايران کان تيل خريد ڪرڻ بند ڪن يا وري آمريڪي اقتصادي پابندين لاءِ تيار رهن. انهن ملڪن کي اقتصادي پابندين باوجود تيل جي خريداري لاءِ مليل مدو 2 مئي تي ختم ٿي رهيو آهي ۽ آمريڪي صدر ٽرمپ جي بيان بعد ان تاريخ ۾ اضافي جو ڪو به امڪان نه آهي. ٻئي طرف اهو واضح نه آهي ته انهن تجارتي معاهدن کي منسوخ ڪيو ويندو. يا اهڙن معاهدن کي آخري معاهدو قرار ڏنو ويندو. يا انهن کي جاري رکيو ويندو. واضح رهي ته گذريل سال آمريڪا عالمي ايٽمي معاهدي کان دستبردار ٿيندي ايران تي سخت پابنديون مڙهيون هيون جڏهن ته ايران سان تيل جي برآمدڪرڻ وارن ملڪن کي انهن پابندين کان 2 مئي 2019 تائين استثنيٰ ڏنو هيو.