خاصنئون

فيسبڪ جي هڪ ٻئي وڏي غلطي منظر تي اچي وي

 

پرڏيهي خابرو ادارن پاران چيو ويو آهي ته فيسبڪ پنهنجي 15 لک نون صارفن جون اي ميل ايڊريسون غلطيءَ سان پنهنجي ويب سائيٽ تي جاري ڪري ڇڏيون آهن. جنهن بابت  فيس بڪ انتظاميا هڪ بيان ۾ چيو آهي ته نَوَنِ صارفن جا اي ميل ڪنهن به ٽئين پارٽي کي نه ڏنا آهن ۽ انهن کي ڊليٽ ڪرڻ جو عمل به جاري آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙن سڀني صارفن کي ان باري ۾ اطلاع ڏني ويندي. واضح رهي ته ڪجهه مشهور خابرو ادارن پاران فيسبڪ جي باري ۾ چيو ويو هيو ته فيسبڪ پنهنجن صارفن جي اجازت کان بغير انهن جون اي ميل ايڊريسون پنهنجي ويب سائيٽ تي جاري ڪيون هيون. جنهن کان علاوه فيس بڪ پنهنجي صارفن  جي پاس ورڊ کي به  پنهنجي سسٽم ۾ رکيو آهي جتان ان جا ملازم انهن پاس ورڊن تائين پهچ رکن ٿا. جنهن کان علاوه فيس بڪ جي باني کي هڪ ٻئي الزام هيٺ عدالت ۾ به پيش ٿيڻو پيو هيو، ان الزام ۾ چيو ويو هيو ته فيس بڪ پاران پنهن جي صارفن جي معلومات کي انهن جي اجازت کان بغير ڪيمبرج اناليٽيڪا کي فروخت ڪيو هيو. جنهن الزام هيٺ فيس بڪ جي باني کي پنهنجي صارفن کان معافي به وٺڻي پئي هئي.