خاص

ڪڻڪ ۽ کنڊ بحران جي ذميوارن خلاف تفصيلي رپورٽ کانپوءِ ڪارروائي ٿيندي: وزيراعظم

ٽوئيٽر تي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته واعدي موجب ڪڻڪ ۽ کنڊ جي قيمت ۾ اوچتي اضافي جي جاچ رپورٽ بنا ڪنهن هيٺ مٿانهين جي سامهون کڻي آياسين، اهڙيون رپورٽون عام ڪرڻ جو پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪوبه مثال نٿو ملي. اڳوڻين حڪومتن ۾ پنهنجي مفاد ۽ مصلحتن سبب اهڙيون رپورٽون جاري ڪرڻ جي اخلاقي جرئت نه هئي. وزيراعظم چيو ته اعليٰ اختياراتي ڪميشن کان تفصيلي فرانزڪ رپورٽ جو انتظار ڪري رهيو آهيان. ڪميشن جي رپورٽ 25 اپريل تي ٿيندي جنهن کانپوءِ ڪڻڪ ۽ کنڊ بحران جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي. رپورٽون اچڻ کانپوءِ ڪوبه بااثر ماڻهو عوام جو پئسو نه کائي سگهندو. ياد رهي ته ملڪ ۾ کنڊ جي بحران تي وزيراعظم عمران خان طرفان قائم ڪيل جاچ ڪاميٽي جي رپورٽ سامهون اچي وئي آهي