خاص

آرمي چيف ۽ گهرڀاتين جا ٽيڪس تفصيل ليڪ، 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ طلب

پاڪستان جي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) کان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ سندس خاندان جا ٽيڪس تفصيل ليڪ ٿيڻ جو نوٽيس ورتو آهي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايف بي آر مان آرمي چيف قمر جاويد باجوا ۽ سندس گهر ڀاتين جا ٽيڪس ادائگي جا دستاويز ليڪ ٿيڻ ٽيڪس جي معلومات جي رازداري بابت قانون جي واضح ڀڃڪڙي آهي. جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم جي روينيو بابت خاص مددگار طارق محمود پاشا جي سربراهي ۾ ان سنگين غفلت جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.