خاصنئون

 سنڌ ۾ مليريا جا ڪيس وڌي ويا

جنوري کان جولاءِ 2019 تائين مليريا ڪنٽرول پروگرام جي عملدارن پاران صوبي اندر مليريا جا 52377 ڪيس رڪارڊ ڪيا ويا آهن. مليريا ڪنٽرول پروگرام جي عملدارن مطابق هنن ڪيسن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. سنڌ ۾ هن سال رڪارڊ ٿيندڙ ڪيسن ۾ ٺٽي اندر 10191، سجاول ۾ 4428، لاڙڪاڻي ۾ 4121، ٽنڊو محمد خان ۾ 3994، بدين ۾ 3602، ميرپورخاص ۾ 3523 ۽ عمرڪوٽ ۾3183 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. هنن ڪيسن ۾ شهري جي مقابلي ۾ ٻهراڙي وارن علائقن جي ڪيسن جو تعداد وڌيڪ آهي. ياد رهي ته سنڌ صوبي ۾ مليريا ڪنٽرول پروگرام جا 600 سينٽر ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن مان ڪٿي به هن عرصي دوران مليريا ڪارڻ موت ٿيڻ جو ڪوبه واقعو رپورٽ نه ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته گذريل سال صوبي اندر مليريا جا 109000 ڪيس ظاهر ٿيا هئا.