مون جمال قاشقجي جي قتل جو حڪم نه ڏنو هو: سعودي ولي عهد
آمريڪا جي خابرو اداري سي بي ايس جي پروگرام (60 منٽس) کي ڏنل سڄي انٽرويو ۾ سعودي ولي عهد چيو آهي ته جمال قاشقجي جي قتل جو حڪم نه ڏنو هو. تنهن هوندي به سعودي حڪومت جو حصو هجڻ سبب مان ان قتل جي ذميداري قبول ڪريان ٿو. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن حڪومت جا اهلڪار ڪنهن سعودي شهري خلاف ڪو جرم ڪن ٿا ته ان جي ذميداري مون تي به اچي ٿي. جمال قاشقجي جي قتل جي ذميواري جنهن اهلڪارن تي اچي ٿي انهن تي جرم ثابت ٿيو ته انهن کي جرم مطابق سزا ڏني ويندي. جڏهن ته هن وقت تائين منهنجي ماڻهن خلاف ڪوبه ثبوت نه مليو آهي جنهن مطابق انهن مٿان قتل ثابت ٿي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته سعودي تيل جي کوهن تي حملو سعودي عرب تي حملو نه پر سڄي دنيا جي تيل جي انڊسٽري تي حملو هو. جنهن حملي سبب دنيا جي 5.5 سيڪڙو توانائي جي ضرورت ۾ رخنو آيو آهي. هن حملي سبب آمريڪا، چين ۽ پوري دنيا متاثر ٿي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سعودي عرب تي حملو هڪ اسٽريٽيجڪ ڏوهه آهي. اسان جو خطو سڄي دنيا کي 30 سيڪڙو توانائي فراهمِ ڪرڻ سان گڏ 20 سيڪڙو عالمي تجارت جي راهداري فراهم ڪندو آهي. دنيا جو 4 سيڪڙو جي ڊي پي اسان پيدا ڪندا آهيون. دشمن ياد رکن ته اسان تي جنگ مڙهڻ جي نتيجي ۾ عالمي معيشيت تباهه ٿي ويندي. ايران کي گهرجي ته هو يمن جي باغين کي سپورٽ ڪرڻ بند ڪري اسان به يمن سان جنگ بندي چاهيون ٿا.

