خاص

منهنجي پيءُ، چاچي ۽ ڏاڏي کي قتل ڪرڻ کان اڳ منصوبابندي ڪئي وئي: ام رباب چانڊيو

دادو جي ٽرائل ڪورٽ ۾ ميهڙ جي ٽيڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي  دوران ام رباب ميهڙ ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو کي ڪيس ۾ شامل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، عدالت 17 ڊسمبر تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. ام رباب چيو آهي ته منهنجي پيءُ، چاچي ۽ ڏاڏي کي قتل ڪرڻ کان اڳ منصوبابندي ڪئي وئي، منصوبابندي تحت ڪريم چانڊيو کي ايس ايڇ او ميهڙ مقرر ڪرايو ويو. ام رباب چانڊيو جو چوڻ ھو ته ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو سردار چانڊيو ۽ مک جوابدار مرتضيٰ چانڊيو سان لاڳيتو رابطي ۾ رهيو، اسان وٽ اهو سمورو رڪارڊ موجود آهي.  سردار چانڊيو چيو ته اسان پاڻ چاهيون ٿا ته هي ڪيس تڪڙو اڪلايو وڃي، مخالف ڪيس هلائڻ بدران روز نوان ڊراما ڪري رهيا آهن، عدالت مان نڪرڻ بعد وري نئون ڊرامو ڪندا آهن.