خاص

سنڌ يونيورسٽي ۾ 300 شاگردن تي ڪيس بعد ڇڪتاڻ تدريسي عمل بند پوليس ڪمانڊوز جو فليگ مارچ

شاگرد تنظيمن پاران ايڪتا ڏهاڙي جي آجياڻي طور ثقافتي ريلي ڪڍڻ بعد اختيارين تدريسي عمل بند ڪيو، بسون نه هليون. قومپرست شاگرد اڳواڻن سميت 300 شاگردن تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس ڇڪتاڻ جي امڪان سبب پوليس اٽالا طلب. يونيورسٽي ۾ سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا، رجسٽرار پاران گهرو کاتي کي خط لکڻ بعد هاءِ الرٽ ٿيو. بوائز هاسٽلن تي پوليس چڙهائي ۽ گرفتارين جي خدشي خوف پيدا ڪيو. سوشل ميڊيا تي شاگردن جو احتجاج. يونيورسٽي ترجمان جو چوڻ هو ته ڪجهه شاگردن مرضي موجب پروگرام ڪيا، ناپسنديده نعره لڳڻ تي پوليس ڪيس داخل ڪيو. سنڌ يونيورسٽي ۾ تدريسي عمل معطل پوليس اٽالا طلب فليگ مارچ خوف حراس ڇانيل رهيو، رپورٽ موجب سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي آجيان جي حوالي سان ملهايل ثقافتي ڏهاڙي تي جساف (اي)، جساف (ب) جي ميزباني ۾ ڪوٺايل تقريب ۽ ريلي ڪڍڻ کانپوءِ مختلف قومپرست شاگرد اڳواڻن سوڌو 3 سئو ڄڻن خلاف دهشتگردي وارن قلمن هيٺ ڪيس داخل ٿيڻ جي رد عمل ۾ ڇڪتاڻ واريون حالتون پيدا ٿي ويون.