خاص

اڳوڻي آمريڪي صدر ٽرمپ کي گرفتاري کان ڪجهه دير پوءِ آزاد ڪيو ويو

اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ميامي ۾ عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي گرفتاري بعد آزاد ڪيو ويو ۽ هن کي واپس وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. آمريڪي ميڊيا مطابق ڊونلڊ ٽرمپ کي ميامي ۾ فيڊرل ڪورٽ هائوس ۾ ڳجهن دستاويزن جي ڪيس ۾ پيش ٿيڻ جي موقعي تي گرفتار ڪيو ويو هو، پر هاڻ کيس آزاد ڪيو ويو آهي. اڳوڻو آمريڪي صدر ڳجهن دستاويزن جي سلسلي ۾ الزامن هيٺ ايندڙ پهريون آمريڪي صدر آهي.