فرانس ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي گولڊ فش پڪڙي وئي
فرانس ۾ هڪ برطانوي شهري دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ ناياب گولڊ فش (ڪيريٽ) پڪڙي ورتي. آمريڪي اخبار موجب فرانس ۾ اينڊي هيڪٽ نالي 42 سالن جي شخص 30 ڪلو کان وڌيڪ وزني مڇي پڪڙي ورتي. اها گولڊ فش 2019 ۾ آمريڪا ۾ پڪڙيل ساڳئي نسل جي مڇي کان 13.6 ڪلو وزني آهي. آمريڪي اخبار موجب اينڊي هيڪٽ کي مڇي پڪڙڻ ۾ 25 منٽ لڳا. پرڏيهي ميڊيا موجب، پڪڙيل مڇي 20 سال پراڻي آهي، جنهن جي اينڊي هيڪٽ تصويرن ٺاهڻ کانپوءِ ان کي واپس پاڻي ۾ ڇڏي ڏنو.

