سعودي عرب جي تيل جي کوهن تي حملي بعد عالمي منڊي ۾ تيل مهانگو
سعودي عرب ۾ تيل جي کوهه تي ڊرون حملي بعد عالمي مارڪيٽ ۾ تيل مهانگو ٿي ويو آهي. خبرن مطابق سعودي عرب ۾ ٿيل حملي بعد تيل جي پيداوار ۾ 5 سيڪڙو گهٽائي اچڻ بعد هي اضافو ٿيو آهي. تفصيلن موجب حملي بعد خام تيل جي قيمتن ۾ 10.68 ڊالرن تائين اضافو ٿي ويو آهي. ياد رهي ته ڪجهه وقت اڳ خام تيل جي هڪ بيرل جي قيمت ۾ ان طرح ئي اضافو ٿيو هو جنهن کانپوءِ آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جي تيل جي ذخيرن مان تيل جي نيڪالي جي منظوري ڏني هئي. جنهن سبب تيل جي عالمي قيمت ۾ ڪجهه گهٽتائي آئي هئي. ٻئي طرف سعودي عرب پاران چيو ويو آهي ته تيل جي کوهن ۾ بحالي واري ڪم ۾ ڪجهه هفتا لڳي ويندا جنهن سبب اڃان ڪجهه هفتا وڌيل قيمتون برقرار رهنديون. ياد رهي ته ڇنڇر جي ڏينهن سعودي عرب ۾ تيل جي ٻن کوهن تي ڊرون حملو ڪيو ويو هو جنهن بعد آمريڪا ايران تي ان حملي جو الزام لڳايو، جڏهن ته ايران الزام مسترد ڪري ڇڏيو هو. ٻي طرف يمن ۾ موجود هوثي باغي ۾ سعودي عرب ۾ حملا ڪندا رهيا آهن. جنهن سبب انهن حملن جو شڪ انهن تي به ڪيو پيو وڃي.