ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ هيڊ ماسترن تي پوليس جو تشدد، 25 زخمي 30 گرفتار
ڪراچي ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس هيڊ ماسترن کي پڪو نه ڪرڻ خلاف ڌرڻو هڻي بک هڙتال ڪئي وئي احتجاج ڪندڙن پنهنجي احتجاج جو دائرو وسيع ڪندي وڏي وزير جي هائوس ڏانهن وڃڻ جي رٿابندي ڪئي ته پوليس مٿن ڪڙڪي پئي. پوليس پاران لٺبازي، واٽر ڪينن ۽ شيلنگ ڪئي وئي، جنهن سبب ڪيترائي ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين جو تعداد 25 ۽ پوليس پاران گرفتار ڪيل استادن جو تعداد 30 ٻڌايو ويو آهي. واضح رهي ته پوليس پاران تشدد ڪرڻ تي استادن پاران جوڙيل سينٽرل ورڪنگ ڪميٽيءَ پاران فيصلو ڪيو ويو ته اهي وڏي وزير جي هائوس وڃي تشدد جي دانهن داخل ڪرائيندا، جنهن بعد هنن جي وڏي وزير جي هائوس ڏانهن وڃڻ سبب پوليس ٻيهر هنن تي تشدد ڪيو ۽ گرفتاريون پڻ ڪيون.