دبعي ۾ رهندڙ هڪ هندستاني شخص ڏيڍ ارب جي لاٽري کٽي ويو
دبعي ۾ رهندر هڪ هندستاني شخص هري ڪرشن ڏيڍ ارب رپين ( يعني 12 ملين درهم جي) لاٽري کٽي ورتي آهي. هن جو تعلق هندستان جي شهر ڪيرالا سان آهي.۽ هو دبعي ۾ ڊولپمنٽ مينيجر جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي. لاٽري بابت هن چيو ته هن ان ساڳي لاٽري جي ٽڪيٽ ٻه دفعا اڳ۾ به خريد ڪئي هئي پر ٻئي دفعا اهي ٽڪيٽون وڃائي ويٺو هئس. پر ٽيون دفعو خريد ڪيل ٽڪيٽ تي هي انعام نڪتو آهي. جنهن جي خبر لاٽري واري اداري جي هڪ عورت هن کي فون تي ٻڌائي ته هن کي ان ڳاله جو يقين ئي نه آيو هيو پر ان کان پوءِ هن اداري کي پاڻ فون ڪئي جنهن تي هن کي پڪ ٿي وئي.هن چيو ته اها صرف قسمت جي ڳاله آهي.