سنڌ اندر اسڪولي ٻارن جو تعداد گهٽجڻ لڳو
سنڌ جي تعليم کاتي جي اداري ريفارم سپورٽ يونٽ جي سالياني اسڪول شماري رپورٽ موجب سنڌ صوبي جي سرڪاري اسڪولن ۾ گذريل ست سالن دوران شاگردن جي انگ ۾ 1 لک 68 هزار کان وڌيڪ گهٽتائي ٿي آهي. گرلز اسڪولز ۾ شاگردياڻين جو تعداد پهريون 17 لک 58 هزار 853 هو جيڪو گهٽ ٿي 16 لک 52 هزار 25 بچيو آهي ۽ 24 لک 63 هزار 307 هو جيڪو هاڻ وڌي 25 لک 77 هزار 103 ٿي ويو آهي. تعليم کاتي انگ ۾ گهٽتائي جو سبب غير فعال اسڪولن جي بندش کي قرار ڏنو آهي. ان کان علاوه تعليمي ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ جي باوجود صوبي ۾ 23 هزار اسڪول بجلي کان محروم آهن. سال 2017 ۾ به سنڌ جا هزارين اسڪول بنيادي سهولتن کان محروم آهن ۽ رپورٽ موجب سنڌ جا 16 هزار 359 اسڪول جي چئوديواري جڏهن ته 15 هزار 478 اسڪولن ۾ باٿ روم کان بغير ڪم ڪري رهيا آهن. 18 هزار 128 اسڪولن ۾ پيئڻ جو پاڻي به ميسر نه آهي.گڏيل طور تي شاگردن جو انگ 42 لک 29 هزار 128 ٿي ويو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ ۾ 2011ع ۾ پرائمري ايلمنٽري اسيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري اسڪولن جو ڪل انگ 48 هزارهئو جيڪو گهٽ ٿي 42 هزار وڃي بچيو آهي. گرلز اسڪولن جو انگ 7 هزار هو جيڪو گهٽ ٿي 5 هزار وڃي بچيو آهي جڏهن ته اسڪولن ۾ شاگردن جو انگ 17 لک 58 هزار 853 هو جيڪو گهٽ ٿي 16 لک 52 هزار 25 بچيو آهي.