نئون

ملڪ اندر هر سال 53  هزار ٻارڙا خراب پاڻي واپرائڻ سبب موت جو شڪار ٿي رهيا آهن

يونيسيف مطابق پاڪستان اندر هر سال 53000 ٻار خراب پاڻي واپرائڻ سبب موت جو شڪار ٿي وڃن ٿا. خراب پاڻي سبب ٻارن ۾ ٽائيفائيڊ، ڪالرا ۽ هيپاٽائيٽس جا مرض پکڙجي رهيا آهن، جنهن سبب ملڪ اندر هزارين ٻارڙن جون جانيون خطري هيٺ آهن. ان کان علاوه خراب پاڻي سبب ملڪ اندر 40 کان 50 سيڪڙو بيماريون به ٿين ٿيون. 2012 ۾ گڏيل قومن جي اداري چيو هو ته ملڪ اندر خراب پاڻي جي نڪاسي واري نظام ۾ ڪم جي ضرورت آهي، جنهن جي خرابي سبب ملڪ ۾ اربين ڊالرن جو نقصان ٿي رهيو آهي. هڪ اندازي مطابق اهو نقصان ساليانه 5.7 ارب ڊالرن جو آهي جيڪو ملڪ جي بجيٽ جو تقريبن 4 سيڪڙو آهي. ان ڏس ۾ ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ پاڻي نه صرف خراب ٿي رهيو آهي پر اهو گهٽجي به رهيو آهي. اهڙو ملڪ جتي ماحوليات، سياستدانن جي ايجنڊا تي ئي نه هجي اتي اڃان به خراب حالتن لاءِ تيار رهڻ گهرجي. اهڙي صورتحال کي ڏسندي ماهرن ان ڳالهه جي به وارننگ ڏني آهي ته سال 2025 تائين ملڪ اندر پاڻي جي کوٽ هڪ خشڪ سالي جي صورت اختيار ڪري ويندي.