پاڪستان ۾ هن وقت سياسي، اقتصادي ۽ سماجي زندگيءَ تي اسٽيٽسڪو وارو رجحان غالب نظر اچي ٿو، جنهن ۾ طاقتور وڌيڪ طاقتور ٿيندي ۽ غريب ڪمزور ٿيندي نظر اچي ٿو. اها طاقت جي راند غريب عوام جي زندگين ۾ مثبت تبديليءَ لاءِ وڏي رڪاوٽ آهي. هن رجحان کي برقرار رکڻ جو مطلب آهي ته حالتن کي جيئن جو تيئن رکيو وڃي ته جيئن ٻين ماڻهن يا خيالن کي نظام ۾ اچڻ جا موقعو نه ملي سگهي. اسان کي پنهنجي ملڪ ۾ ٽيڪس جو نظام اڃان تائين بهتر ٿيندي نظر نٿو اچي. جڏهن ته دنيا اهڙن معاملن کي ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ڪيترو ئي اڳ درست ڪري ملڪ کي ترقيءَ جي دور ۾ شامل ڪري چڪي آهي، پر اڄ به اسان جي ملڪ ۾ سهولت يافته طبقو ٽيڪس جي نظام کان ٻاهر آهي. جيترا ٽيڪس لڳايا وڃن ٿا اهي به آءِ ايم ايف جي زرو ڀرڻ تي لڳايا وڃن ٿا ۽ غريب عوام جيڪو اڳ ۾ ئي ٽيڪس جي بار کان ٻيڻو ٿي چڪو آهي ان تي لڳايا وڃن ٿا.
ملڪ جا ادارا به هڪ خاص پراڻي نظام تحت هلي رهيا آهن. ڪنهن به تيز يا بنيادي تبديلي کان پاسو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ۽ تبديلي کي هٿ سان روڪڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته جيئن اسٽيٽسڪو کي قائم رکيو وڃي، جنهن جو فائدو انهن ڌرين کي ملي ٿو جيڪي ان نظام کي پنهنجن مفادن جي مطابق ڦيرا گهيرائي استعمال ڪن ٿيون. جن ملڪن ۾ ان قسم جو رجحان هوندو آهي اتي ڪجهه منفي ته ڪجهه مثبت نتيجا نظر ايندا آهن. مثبت صورت ۾ امن ۽ سلامتي سرمائيڪاري ۾ آساني، ادارتي ڪارڪردگي شامل ٿي سگهن ٿا، پر انهن جا ناڪاري نتيجا تمام خطرناڪ هوندا آهن. اهڙي صورت ۾ يا ته ترقيءَ جو خاتمو ٿيندو آهي يا سست رفتار ٿي ويندي آهي. سماج ۾ اڻبرابري ۾ واڌ اچي ويندي آهي، عوام اندر سڄي صورتحال کي ڏسندي ڪاوڙ ۽ مايوسي پيدا ٿيندي آهي، نوجوان ۽ اهل طبقو پنهنجو ملڪ ڇڏي ٻاهرين ملڪن ڏانهن وڃڻ کي ترجيح ڏيندو آهي. ڊگهي عرصي تائين اهڙي رجحان جي قائم رهڻ سان عوامي جذبا ان کي ٽوڙڻ لاءِ انقلابي تبديلي طرف وڌندا آهن. هن وقت اسان جو ملڪ به قرضن جي بار هيٺان دٻيل آهي، جنهن ۾ ٽيڪس جو بار عام ماڻهو تي پوي ٿو، جاگيردار، سرمائيدار ۽ بااثر طبقا ان جي دائري کان ٻاهر نظر اچن ٿا. اشرافيه مسلسل فائدا حاصل ڪري رهي آهي. عوام کي ان جو فائدو نه ملڻ جهڙو نظر اچي ٿو ۽ هن وقت پاڪستان ۾ امير ۽ غريب جي وچ ۾ فرق هڪ خطرناڪ کاهيءَ جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي. ڇو ته اسان جي ادارن ۾ احتساب جو نظام نظر نٿو اچي.
ٽيڪنالاجي جو استعمال متعارف نٿو ڪرايو وڃي. جنهن جو مطلب اهو آهي ته نظام کي جيئن جو تيئن هلائڻ جو رجحان مضبوط نظر اچي ٿو. ان سڄي صورتحال پاڪستان جي عوام کي مايوسيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي. پاڪستان سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ طاقتور ادارا، سياسي اشرافيه ۽ وڏا جاگيردار طبقا پنهنجي طاقت ۽ اثر کي برقرار رکڻ لاءِ اهڙي ريت ڪم ڪندا آهن. اسان جهڙن ملڪن سوڌو ٻيا ڪيترائي ملڪ جتي اسٽيٽسڪو جي رجحان کي بحال رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، اتي وسيلن جي کوٽ جو بهانو ڪري سڌارن کي روڪيو ويندو آهي ۽ سرمائي ۽ سياسي طاقت جو استعمال عوام جي ڀلائي جي لاءِ ڄاڻي واڻي روڪيو ويندو آهي. ان رجحان کي سڄي دنيا ۾ سواءِ عوام جي طاقت کان ٻي ڪابه طاقت چئلينج نٿي ڪري سگهي. عوام جي طاقت هر طاقت کان وڏي طاقت آهي. عوام وٽ سندس ووٽ هڪ وڏي طاقت جي صورت ۾ موجود هوندو آهي جنهن جو صحيح استعمال ڪري هو اهڙي رجحان کي روڪي سگهي ٿو. عوام اندر باشعور طبقو مسلسل احتساب جو مطالبو ڪري ۽ پنهنجن چونڊيل نمائندن تي دٻاءُ وجهي غلط ڪارڪردگي تي سوال اٿاري، مقامي سياست ۾ حصيدار بڻجي ۽ پوءِ انهن غلط روايتن کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، تعليم ۽ شعور جو واڌارو جيستائين نه ٿيندو تيستائين عوام جي اندر انهن سڀني شين جي درست آگاهي اچڻ ان سڄي ڪڌي رجحان کي سمجهڻ ناممڪن آهي.
ضروري ۽ بنيادي سڌارو تعليمي نظام جي ترقي ۽ سڌارا آهن. ان کانسواءِ سول سوسائٽي، صحافي ۽ ميڊيا جا ادارا گڏجي ان رجحان جي خامين کي سامهون آڻڻ لاءِ قدم کڻي سگهن ٿا. جيئن ڪراچي ۾ هن وقت گٽرن جا ڍڪ چوري ٿيڻ جو رجحان تمام وڌي ويو آهي، ان کي صرف اتان جو عوام ۽ صحافي پنهنجي مسلسل آواز بلند ڪرڻ سان روڪي سگهن ٿا، ادارن جي احتساب جي گهر ڪري سگهن ٿا. پاڪستان ۾ سنڌ اهو واحد صوبو آهي جتي هميشه پنهنجن حقن جي ڳالهه ڪرڻ جي لاءِ عوام روڊن رستن تي تحريڪون هلائڻ لاءِ ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي ۽ پرامن احتجاجن ذريعي پنهنجو آواز بلند ڪيو آهي.
ان سان گڏوگڏ ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته شين کي جيئن جو تيئن رکڻ وارو رجحان به تمام گهڻو طاقتور آهي. هن وقت پاڪستان جي آئين ۾ 26 هين ۽ 27 هين ترميم کانپوءِ عوام اهو محسوس ڪري رهيو آهي ته ان رجحان کي اڃان وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عوام ۽ سول سوسائٽي کي گڏجي پنهنجي شعور سان ان رجحان کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ سرگرم ٿيڻو آهي. جيڪڏهن عوام انهن تبديلين جو مطالبو نه ڪيو ته ان رجحان ۾ اڃان وڌيڪ سختي اچي سگهي ٿي.