ادب جي ٻين صنفن جي مقابلي ۾ ناول جو ھڪ الڳ مقام آھي. شاعري ۾ شاعر وٽ ٻولي سان گڏوگڏ رنگي برنگي دنيا کان علاوه، شاعري جون مختلف صنفون، رديف، قافيو، وڻندڙ ٻولي ۽ انيڪ خيال ھوندا آھن جنھن سان ھو پڙھندڙن جي من کي موهي ميڻ ڪري ڇڏيندو آھي. اھڙي طرح ناٽڪ يا فلم ۾ ڪھاڻي ۽ ڪردارن کان علاوه اسٽيج ھوندي آھي جنھن تي ناٽڪ نگار اسٽيج سجائي، اداڪاري جي ذريعي لفظن ۾ زندگي وجھندا آھن جنھن جي ڪري افسانوي دنيا به ڄڻ ھڪ حقيقي دنيا لڳڻ لڳندي آھي، پر ناول جي دنيا ان جي برعڪس ھڪ عجيب دنيا آھي، جتي ناول نگار کي صرف ۽ صرف لفظن سان راند کيڏي پنھنجو پيغام پھچائي پڙھندڙن کي پنھنجي سحر ۾ گرفتار ڪرڻو ھوندو آھي. ڊرامي يا فلم ۾ ته ھرھڪ منظر ٺاھي پيش ڪرڻو پوندو آھي، پر ناول ۾ اھو منظر صرف ۽ صرف لفظن سان ٺاھڻو پوندو آھي، تنھنڪري ٻين صنفن جي مقابلي ۾ ناول ھڪ تمام نازڪ ۽ مشڪل صنف آھي. ڪڏھن ڪڏھن ناول ۾ غير ضروري ھڪ سٽ يا ڪردار به پوري ناول جي سٽاءَ کي خراب ڪري ڇڏيندو آھي. تنھنڪري، ناول نگاري کي ناول جي مڙني عنصرن جھڙوڪ ڪھاڻي يا پلاٽ، ڪردار، ڊائلاگ، منظر نگاري، واقعن جي ترتيب ۽ پيغام يا ناول جو مقصد وڏي سوچ ۽ مھارت سان سنڀالي چونڊ ڪري لکڻا پوندا آھن.
اسان وٽ سنڌي ادب ۾ ناول ته تمام گھڻي عرصي کان لکجي رھيا آھن، پر سوشل ميڊيا جي انقلاب جي ڪري اڄ ڪلھ انھن جي نه صرف لکجڻ، پر پڙھڻ سان گڏوگڏ تنقيد ۽ تجزين به وڏو زور ورتو آھي جيڪا ھڪ خوش آئند ڳالھ آھي. ان کان علاوه وڏي خوشي جي ڳالھ اھا آھي ته اسان جا سنڌي ناول ھاڻي ڌارين ٻولين ۾ پڻ ترجمو ٿي پڙھيا وڃن ٿا. اميد ٿي ڪجي ته وقت سان گڏوگڏ انھن جي معيار ۾ به بھتري ايندي ۽ ترجمن جي بدران، اصلوڪين ڌارين ٻولين خاص ڪري انگريزي ۾ پڻ معياري ناول لکيا ويندا. خير، ويجھي ماضي ۾ جيڪي ناول ڌارين ٻولين ۾ ترجما ٿيا آھن انھن ۾ زيب سنڌي جو ناول سيتا زينب پڻ شامل آھي. سيتا زينب عربي کان علاوه اردو ۽ پھاڙي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آھي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ زيب سنڌي چيو آھي ته سيتا زينب وڌيڪ پنجن ٻولين ۾ ترجمو ٿي رھيو آھي.
زيب سنڌي جي انھن ڳالھين ۽ سوشل ميڊيا تي سيتا زينب جي مشھوري مونکي به ڪتاب پڙھڻ لاءِ ھرکائي وڌو. مون ڪتاب ته گُھرايو، پر مھينو کن مون ان ۾ ھٿ ئي نه وڌو، ڇو ته ھڪ ته مون وٽ پڙھڻ لاءِ ٻيو مواد ئي ڪافي ھو ۽ ٻيو ته مون زيب سنڌي جو نالو ته ننڍي ھوندي کان ٻڌو آھي، پر ڪڏھن ان جو ڪو ڪتاب پڙھيو ناھي، پر سوشل ميڊيا تي ناول جي ڪيل تعريف ۽ مشھوري مون کان ٻيا سڀ ڪتاب ڇڏرائي ھي ناول پڙھڻ تي مجبور ڪيو.
زيب سنڌِي جو ھي ناول ‘سيتا زينب’ ھڪ روايتي ۽ ھندو مسلم پيار جھڙي مدي خارج موضوع تي لکيل آھي. ھي ڪو نئون موضوع ھرگز ناھي، اھڙي موضوع تي ماضي ۾ به گھڻو لکيو ويو آھي. ناول جي ڪيل مارڪيٽنگ ڏسي مونکي به لڳو ھو ته ھي ڪا ھڪ نئين الستي شئي ھوندي، پر ائين بلڪل به ناھي. در حقيقت ‘ساڳيا لاٽو، ساڳيا چگھ’ وارو اڻ وڻدڙبدبودار پراڻو راڳ آھي. پر آئون چاھيان ٿو تہ ڪتاب جي مختصر ڪھاڻي بيان ڪيان تہ جيئن پڙھندڙن کي ڪھاڻي ۽ ان جي ڪردارن کان آگاھ ڪري سگھجي ۽ وڌيڪ پوءِ ڳالھائجي
ظاھري طور ته ھي ڪھاڻي سيتا نالي ھڪ ھندو مھيلا جي آھي جيڪا سلمان نالي ھڪ مسلمان ڇوڪري جي عشق ۾ پروگرام موجب ھئو مئو ٽرڻ کانپوءِ رات جي سانت ۾ پنھنجي حويلي مان ڀڄي ھڪ ننڍڙي ريلوي اسٽيشن تي پھچي ٿي ته جيئن ھوءَ پنھنجي عاشق سان گڏ فرار ٿي شادي ڪري سگھي، پر پنھنجي پي جي وفات جي ڪري سلمان ريلوي اسٽيشن نٿو پھچي سگھي. سيتا ان ڳالھ کان بلڪل بيخبر آھي ڇو ته سيتا ۽ سلمان جي درميان ڪنھن قسم جو ڪو به رابطو ناھي. رابطي نه ھئڻ جو سبب اھو آھي ته سيتا کان شنڪر نالي سندس ڀاءُ شڪ پوڻ تي ڪجھ ڏينھن اڳ ئي موبائيل فون کسي چڪو آھي. سيتا جو سلمان سان رابطو صرف گھر جي لينڊ لائين ذريعي رھندو آھي.
سيتا جو تعلق ھڪ تمام وڏي گھراڻي سان آھي. سندس پيءُ گوپالداس جيڪو ھڪ وڏي سياسي ۽ سماجي شخصيت ھو، فوت ٿي چڪو آھي. سندس ماءُ جانڪي ٻائي پڻ ھڪ سخت قسم جي عورت آھي. سندس ڀاءُ شنڪر ھڪ قسم جي غيرتي ۽ غنڊي قسم جو ماڻھو آھي. شنڪر اڳ ۾ ئي سيتا جي ننڍي ڀيڻ گيتا ۽ سندس مڙس روي کي انڪري قتل ڪرائي چڪو آھي جو انھن ڀڄي شادي ڪئي ھئي. سيتا جو گھران ڀڄي نڪرڻ ۽ سلمان جو اسٽيشن تي نه اچڻ، سيتا جي زندگي کي خطري ۾ وجھي ٿو ڇڏي. ريلوي اسٽيشن تي سيتا کي ننڍڙي ڏاڙھي سان عابد علي نالي ھمراھ ملي ٿو وڃي جيڪو دراصل اسٽيشن ماسٽر آھي. عابد علي، سيتا کان مٿئين پوري ڪٿا پڇي ٿو ۽ جڏھن ھوءَ کيس ٻڌائي ٿي ته ھوءَ مسلمان ٿيڻ لاءِ پڻ راضي آھي ته عابد، سيتا کي تسلي ڏئي ان کي پنھنجي گھر ۾ وٺي اچي پناھ ڏئي ٿو.
دراصل ھي ڪھاڻي آھي ئي اسٽيشن ماسٽر عابد علي ۽ سندس گھرواري خديجا جي جيڪي اسٽيشن جي ڀرواري ريلوي ڪوارٽرز ۾ رھن ٿا. عابد ۽ سندس زال مذھبي قسم جا ماڻھو آھن. سيتا انھن وٽ ڪلمو پڙھي مسلمان ٿئي ٿي. عابد سيتا جو نالو زينب رکي ٿو ۽ سيتا زينب کي پنھنجي گھر ۾ رھائڻ واري ڳالھ کي مخفي رکي ٿو. اتان کانپوءِ عابد علي ۽ خديجا جي ڪھاڻي شروع ٿئي ٿي ۽ تقريبن آخر تائين ھلي ٿي.
ھوڏانھن سيتا زينب جو ڀاءُ شنڪر ۽ سندس ماءُ سيتا زينب جي ڳولها ڪن ٿا. شنڪر شھر جي بدنام غنڊي دلمراد کي سيتا جي ڳولھڻ جي سپاري ڏئي ٿو. جڏھن ته سيتا جي ماءُ پوليس جي ڊي آءِ جي سان فون تي ڪال ڪري سيتا زينب جي ڳولها لاءِ مدد جي اپيل ڪري ٿي. دلمراد ھڪ ڪرائي جو قاتل آھي جيڪو شنڪر جي چوڻ تي سندس ڀيڻ گيتا ۽ ان جي مڙس کي اڳ ۾ ئي قتل ڪري چڪو آھي.
ان پوري پسمنظر ۾ سلمان ناول مان مڪمل طور تي گم آھي، پر عابد، سيتا کان نمبر وٺي ھڪ دفعو سلمان سان رابطو ڪري ٿو جنھن کي سلمان پنھنجي نه اچڻ جو سبب ٻڌائي ٿو ۽ کيس چوي ٿو ته سيتا زينب جي باري ۾ ھو وڌيڪ ڪجھ نٿو ڳالھائڻ چاھي. ھو عابد علي کي چوي ٿو ته سيتا کيس وساري ڇڏي ته بھتر آھي.
ڪھاڻي اڳتي ھلي ٿي ۽ ان دوران ھڪ رات عابد علي پنھنجي زال سان ننڊ ۾ ستل ھو. رات جو تھجد جي ڪري اٿيو ته پنھنجي زال کي اٿارڻ کانسواءِ، سيتا زينب جي ڪمري ۾ ھليو ويو جيڪا روئي رھي ھئي. عابد کيس ڳلن تي ھٿ رکي نياڻين وانگر سمجھائي رھيو ھو. انھن جي آواز تي عابد جي زال ننڊ مان اٿي سيتا زينب جي ڪمري ۾ ھلي وڃي ٿي. ٻنھي کي رات جي اويلي ٽائيم گڏ ڏسي، خديجا کي انھن تي بدگماني ٿئي ٿي. خديجا ۽ عابد ۾ ان ڳالھ تي گرما گرمي ٿئي ٿي. ٻئي پنھنجي ڪمري ۾ اچي جھڳڙو ڪرڻ لڳن ٿا ۽ ان دوارن عابد، خديجا کي طلاق ڏئي ٿو ڇڏي. سيتا زينب اھو ٻڌي، عابد جو گھر ڇڏي، ڪراچي ۾ پنھنجي يونيوسٽي دور جي دوست الماس وٽ ھلي ٿي وڃي. الماس انساني حقن جي تنظيم ۾ ملازمت ڪندڙ ھڪ بردبار ۽ دلير عورت آھي. جڏھن ته سندس مڙس رفيق ھڪ وڪيل آھي.
سيتا زينب جي وڃڻ ۽ خديجا کي طلاق ڏيڻ کانپوءِ عابد پريشان رھڻ لڳي ٿو. ھو سيتا زينب جي تلاش ڪرڻ نڪري ٿو، پر ھوءَ کيس ڪٿي به نٿي ملي. جڏھن ته خديجا جو به ڪو والي وارث ناھي. ڇو ته سندس پيءُ ماءُ مري چڪا آھن. ھن وٽ به ڪاڏي وڃڻ جي واھ ناھي. عابد خديجا کي پنھنجي گھر ۾ رھائي ٿو. جيئن ته ٻئي مذھبي قسم جا ماڻھو آھن، انڪري ھڪ ٻئي جي منھن نه ٿا چڙھن. خديجا ڪنھن غير مرد ۽ نامحرم شخص جي سامھون اچڻ کي گناھ ڪبيرو سمجھي ٿي.
ھوڏانھن سيتازينب جي تلاش ۾ سندس ڀاءُ شنڪر ڪراچي ۾ الماس جي گھر وڃي ٿو پھچي، پر الماس ھيٺيون مٿيون ڳالھيون ڪري کيس ٽاري روانو ڪري ٿي ڇڏي. شنڪر جي اتي پھچڻ واري ڳالھ سيتا زينب کي گھڻو پريشان ٿي ڪري ڇو ته ھو شنڪر مان تمام گھڻو خطرو محسوس ٿي ڪري، پر الماس کيس يقين ٿي ڏياري ته ھن شنڪر کي يقين ڏياريو آھي ته زينب ڪراچي ۾ ھنن جي گھر ناھي، پر ڏٺو وڃي ته گھر کان نڪرڻ کان وٺي ڪراچي پھچڻ تائين زينب ھڪ ڊنل ۽ پريشان ڪردار آھي. ھوءَ الماس وٽان به وڃڻ ٿي چاھي. الماس ڪوشش ڪري سلمان سان رابطو ڪري ٿي، پر سلمان کيس سيتا زينب کي اپنائڻ کان ٺڙ ٺپ جواب ڏئي ٿو ڇڏي. سلمان جو موقف آھي ته پيءَ جي مري وڃڻ کانپوءِ ھن کي سڄو گھر ۽ چار پنج ننڍن ڀائر ڀينرن کي سنڀالڻو آھي. جنھنڪري ھو ڪو به رسڪ نٿو کڻي سگھي. جڏھن الماس اھا ڳالھ سيتا زينب کي ٻڌائي ٿي ته سيتا زينب مختلف دوائون کائي خودڪشي جي ڪوشش ٿي ڪري. سيتا کي اسپتال داخل ڪيو ٿو وڃي جتي ڊاڪٽر ھن جي بچڻ جو ڪوبه امڪان ظاھر نٿا ڪن.
ٻئي پاسي عابد ۽ خديجا نامحرم طور گڏ رھي رھيا آھن. ھو ھڪئٻي سان منھن ڏئي ڳالھائڻ جي بدران. ھڪ ٻئي کي پٺي ڏئي ڳالھائين ٿا. عابد، خديجا کي عدت پوري ڪرڻ لاءِ گھر ۾ رھائي ٿو ڇو ته ھن جو ڪو والي وارث ئي ناھي.. ان وچ ۾ ھو خديجا جي رشتي جي ڳولا پڻ ڪري ٿو ته جيئن خديجا ڪٿي سٺي زندگي گذاري. سڀ کان پھريان عابد پنھنجي ويجھي دوست شريف سان رشتي جي ڳالھ ڪري ٿو جيڪو انڪار ڪري ڇڏي ٿو. آخر ۾ عابد، عبدالرحيم نالي مسجد جي ھڪ پيش امام کي خديجا سان شادي لاءِ راضي ٿو ڪري ڇو ته ان ھمراھ جي زال گذاري وئي آھي ۽ کيس ٻه ٻار آھن. نڪاح ٿيڻ، کانپوءِ عابد، خديجا ۽ ان جي گھوٽ کي روانو ڪرڻ لاءِ اسٽيشن تي وٺي ٿو اچي جتي ھو ٽرين جو انتظار ڪرڻ ٿا لڳن. جڏھن عابد، خديجا ۽ ان جي مڙس کي ٽرين ۾ چاڙھي ٿو ته ھو گھڻو اداس آھي، پر حالات جي ھٿان مجبور آھي. اتي اوچتو سيتا زينب، عابد کي ڏسي ٽرين مان لھي ٿي جنھن سان گڏ ھڪ نوجوان ڇوڪرو آھي. سيتا زينب، عابد کي ٻڌائي ٿي ته اھو ڇوڪرو سندس ور سلمان آھي.. ان کانپوءِ اھي ٽرين ۾ چڙھي روانا ٿين ٿا. شايد امريش پوري جي جملي ‘جا سمرن جا، جي لي اپني زندگي’ تي سوچيندو ،اسٽيشن ماسٽر عابد علي، اداس ، نراس ۽ اڪيلو، ٽرين کي ڏسندو رھجي وڃي ٿو ۽ ناول ختم ٿي وڃي ٿو.
جيڪڏھن اسان ھن ناول جي خوبين ۽ خامين کي ڏسنداسين ته ھن ۾ خوبيون گھٽ ۽ خاميون تمام گھڻيون آھن. آئون ڪوشش ڪندس ته پڙھندڙن کي ھڪ مڪمل تجزيي سان آگاھ ڪيان. اھڙي طرح ساڳيون ڳالھيون ناول جي ليکڪ ۽ نون لکاڙن تائين پڻ پھچن ته جيئن مستقبل ۾ ھو اھڙيون غلطيون نه ورجائين. ھي ڪو ذاتي جھيڙو يا ويڙھ ناھي. ھي ھڪ ادبي رايو آھي جنھن سان ڪنھن کي به اختلاف ٿي سگھي ٿو. ھر ڪو پنھنجي عقل، سمجھ ۽ تجربي مطابق لکندو ۽ رائي ڏيندو آھي، ان لاءِ ئي اختلاف رائي جو احترام ڪرڻ لاءِ چيو ويندو آھي.
ھن ناول جي خوبين جي ڳالھ ڪجي ته ناول جي ڪھاڻي ۽ ٻولي تمام زبردست ۽ ھڪ تسلسل سان آھن. شروع کان آخر تائين ڪھاڻي جا واقعا، بيانيي ۽ ڊائيلاگن سان ڪردارن جي ذريعي اڳتي وڌن ٿا ۽ پنھنجي اختتام تي پھچن ٿا. ناول نگار ڪردارن جي نفسيات ۽ شخصيتن کي ڪردارن جي ذريعي ئي پيش ڪيو آھي، نه ڪي پاڻ انھن جي شخصين جي خوبين يا خامين کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. جيڪا سٺي ڳالھ آھي. ٻولي، لفظن جي چونڊ پڻ لائق تعريف آھي.
جيڪڏھن ناول جي ڪردارن ۽ منظر ڪشي جي ڳالھ ڪجي ته، ڪردارن ۾ عابد علي، جانڪي ٻائي، شنڪر، خديجا ۽ الماس جا ڪردار تمام سٺا ۽ جاندار ڪردار آھن. عابد علي ۽ الماس جا ڪردار بھترين مثبتي ۽ شنڪر جو بھترين منفي ڪردار آھن. اھي ڄڻ حقيقي زندگي جا ڪردار لڳن ٿا. ناول جي اھم ڪردارن سيتا زينب يا سلمان بلڪل بي جان، بيڪار ۽ اڻ وڻدڙ ڪردار آھن. انھن ڪردارن ۾ نه زندگي جي جستجو آھي ۽ نه ئي بھادري. ان تي آئون بعد ۾ ڳالھائيندس. جيڪڏھن منظرڪشي جي ڳالھ ڪجي ته، منظرڪشي ڪا خاص نه آھي. ضرورت مطابق ڪجھ جاين جڳھين جا عڪس آھن سي به ڪافي حد تائين ڌنڌلا آھن، پر اھو چوڻ بلڪل مناسب نه ٿيندو ته ناول ۾ منظرڪشي آھي ئي ڪانه.
ھن ناول جي سوشل ميڊيا تي جيتري وٺ وٺان آھي، ڇا ھي ناول واقعي ايترو سٺو آھي؟ ان سوال جو جواب مون اھو ڏنو آھي ته بلڪل به نه. ھي ناول بي حساب غلطين، فني توڙي فڪري، سان ڀريل آھي. آئون جيڪڏھن انھن تي لکندس ته ھي تجزيو تمام گھڻو ڊگھو ٿي پوندو، پر آئون ڪوشش ڪندس ته جيتري مختصر ٿي سگھي آئون انھن شين تي لکان ضرور ته جيئن آئنده اھڙا مسئلا نه ٿين.
اصل مسئلو ته ناول جي نالي ۽ ڪھاڻي ۾ آھي. ھن ناول جو نالو ته سيتا زينب آھي جيڪا ناول جي مک ڪردار آھي، پر ھن ناول جي جاندار ڪھاڻي سيتا جي نه، پر عابد علي ۽ سندس زال خديجا جي آھي. مطلب ھن ناول ۾ ٻه ڪھاڻيون آھن. ھڪ سيتا زينب ۽ سلمان جي ۽ ٻي عابد علي ۽ خديجا جي ۽ اصل جاندار ڪھاڻي عابد علي جي آھي جنھن جي ڪري سيتا جي ڪھاڻي، پسمظر ۾ ھلي ٿي وڃي. ناول پڙھڻ کانپوءِ اھو ٿو محسوس ٿئي ته ھن ناول جو نالو سيتا زينب جي بدران اسٽيشن ماسٽر جي ڪھاڻي ھجي ھا ته وڌيڪ بھتر ھو.
پر مجموعي طور به ھي ھڪ دقيانوسي ڪھاڻي آھي جنھن ۾ ڏيکاروي ويو آھي ته يونيورسٽي جي پڙھيل لکيل وڏي گھراڻي جي ھندو ڇوڪري ھڪ مسلمان ڇوڪري سان شادي ڪرڻ لاءِ گھران نڪري ٿي باوجود اھا ڳالھ ڄاڻڻ جي ته سندس ھڪ ڀيڻ اڳ ۾ گھران ڀڄي شادي ڪرڻ جي چڪر ۾ مارجي چڪي آھي. اھو صفا غير منطقي ٿو لڳي. شادي وارو ڪم ته ھوءَ يونيورسٽي ۾ پڙھڻ دوران به ڪري پئي سگھي. جيڪڏھن ڪنھن ھيٺئين طبقي يا گھٽ پڙھيل طبقي سان واسطو رکندڙ ڪنھن ڇوڪري جي جي ڪھاڻي ھجي ھا ته پوءِ به ڪھاڻي ٿوري منطقي لڳي ھا. ٻيو اھو ضروري ته ناھي ته اسان ھندو ڇوڪرين کي شادي جي نالي تي گھران ڀڄائي، مسلمان ڪري پنھجا ناول ۽ ڊراما لکون؟ تنھنڪري مونکي سيتا زينب جي سڄي ڪھاڻي ئي دقيانوسي لڳي ٿي.
ٻيو ته ھن ڪھاڻي جي مک ڪردران سيتا زينب ۽ سلمان جا ڪردار ئي بي جان ۽ اڍنگا آھن. سيتا جي بھادري صرف اھا آھي ته ھوءَ صرف گھران ڀڳي آھي. باقي پوري ناول ۾ رڳو رني ۽ ڏڪي آھي. ۽ خودڪشي جي پڻ ڪوشش ڪئي آھي. اھڙي طرح سلمان جي ته ڪا خبر ئي ناھي ھو ڪھڙي شخصيت ۽ ڪردار جي مالڪ آھي. پوري ناول ۾ سلمان صرف ٽي دفعا فون تي ڳالھايو آھي ۽ ناول جي آخر ۾ کڏ جي ڏيڏر وانگر کڏ مان منڍي ڪڍي اچي ظاھر ٿيو آھي ته جاڙا خان ڪتي کان بيھجان، مان به ايندس.
ناول ڪھاڻي کان علاوه ڪردارن ۽ منظر ڪششي سان ھلندو آھي. ناول جا مک ڪردار بي جان آھن ئي آھن، پر اسان کي انھن جي شڪل شبيھ جي به خبر ناھي. ھتي آئون صرف سيتا زينب ۽ سلمان جي ڳالھ ڪندس. سوائي سيتا زينب جي اکين جي، اسان کي نه سيتا جي قد ڪاٺ، رنگ ڍنگ، پسند ناپسند ۽ مزاج مستي جي خبر آھي ۽ نه ئي سلمان جي. پڙھندڙ کي سڀ ڪجھ پاڻ سمجھڻو آھي. اھو صرف ان ڪري آھي ته ناول نگار بنيادي طور ناٽڪ نويس آھي جتي ناٽڪ کي اسٽيج تي پرفارم ڪيو ويندو آھي ۽ ڏسندڙ، اداڪارن جا ڪردار پنھنجي اکين سان ڏسندا آھن. ناول ۾ اھڙين شين ۽ ڪردارن جي عڪس بندي ڪرڻي پوندي آھي جيڪا ھن ناول ۾ نه آھي. اھا ڳالھ مصطفى قريشي جي ڊائيلاگ وانگر ليکڪ لاءِ اھو ٻڌائي ٿي تہ؛ ‘نوان آئيان ھين سوڻيا’
مون کي جنھن ڳالھ سڀ کان وڌيڪ پريشان ڪيو اھو آھي ٻوليءَ جو لھجو ۽ واقعن جي جڳھ جو تعين. الماس جي گھر ڪراچي کانسواءِ، ٻي ڪا خبر ناھي ته ناول جا ڪردار ڪھڙن شھرن سان تعلق رکن ٿا. ناول ۾ باقي صرف ڪجھ نامعلوم جاين جو ذڪر آھي ، جنھن ۾ سيٺ گومل داس جي حويلي، ريلوي اسٽيشن، عابد جو رھائشي ڪوارٽر، اسپتال يونيورسٽي، مسجد ۽ ھڪ نامعلوم شھر. وڏو اتفاق آھي ته ڪردارن جي ٻولي جي لھجو ساڳيو آھي. ناول جو مک ڪردار سيتا زينب به صاف اترادي سنڌي ڳالھائي ٿي ۽ وڏي ڳالھ آھي جو ھندي جو ڪو لفظ ئي نٿي ڳالھائي. آئون ھاڻي تائين پريشان آھيان ته ناول نگار شھرن جا نالا نه لکي، آخر ڇا پيو ظاھر ڪرڻ چاھي. خبر ناھي ته سلمان ۽ سيتا زينب ڪھڙي يونيورسٽي ۾ ڪيترو عرصو پڙھيا ۽ انھن جو پريم ڪڏھن ۽ ڪيئن شروع ٿيو؟
ھن ناول ۾ منطق جي به استعمال ناھي. ڪجھ شيون اڌوريون ۽ بلڪل غير منطقي آھن جنھن جي ڪري ناول جو ڪو مناسب منطقي انجام ناھي ٿي سگھيو. مثال طور جانڪي ٻائي جڏھن پوليس جي ڊي آئي جي سان سيتا کي ڳولھڻ لاءِ ٽيليفون ڪري ٿي ته، پوليس جو باگڙي جھڙو ھڪ صوبيدار، صرف ھڪ دفعو ريلوي اسٽيشن اچي عابد علي سان ملي حال احوال ڪري ٿو. ان کانپوءِ پوليس ڇا ڪيو، ڪا خبر ناھي. اھڙي طرح، خديجا کي عابد علي طلاق ڏيڻ جي ڪجھ ڏينھن کانپوءِ چوي ٿو ته ھو ان معاملي تي ڪنھن عالم کان شرعي راءِ وٺندو، پر راءِ واري معاملي تي به ناول نگار کي وڌيڪ لکڻ وسري ويو آھي. جيڪڏھن انھن ٻنھي معاملن تي منطقي ٿي لکجي ھا ته ڪھاڻي جو رخ ڪجھ ٻيو ھجي ھا، پر ناول نگار کي لکڻ دوران پاڻ ۾ شايد عابد علي جھڙو ڪو قرباني ڏيندڙ مظلوم شخص ۽ سيتا زينب ۾ خديجا جھڙي قرباني جي ڍڳي ھٿ اچي وئي تنھنڪري ھن انھن کي قربان ڪرڻ وڌيڪ مناسب سمجھيو. اسپتال ۾ مرندڙ سيتا زينب ۽ سيتا جي نالي کان ڀڄڻ وارو سلمان، ڪيئن ٿا شادي ڪن، ان جو ڪو کر پير ناھي. پنھنجي ئي طلاق ڏنل نامحرم زال سان پردي جي پويان ڳالھائيندڙ عابد علي، سيتا جھڙي نامحرم ڇوڪري کي ڪيئن ٿو ڳلن تي ھٿ لڳائي پرچائڻ جي ڪوشش ڪري؟ ڪاڏي ويو گناھ ڪبيرھ؟ اھي سڀ ڳالھيون ۽ ناول جو انجام بلڪل غير منطقي لڳن ٿا.
پڙھندڙن کي سبق ڪھڙو ٿو ملي؟ ته اسان جي معاشري ۾ اھڙين دقيانوسي شين کي روڪڻو آھي يا انھن تي فرضي ناول لکي مذھبي جنونيت کي ھوا ڏيڻي آھي؟ ڇا ڪو به ھيٺين طبقي جو ماڻھو پنھنجي زال کي طلاق ڏئي وري پاڻ ئي ان جو رشتو طئي ڪندو؟ ڇا ڪا يونيورسٽي جي پڙھيل ڇوڪري ڀلي ڪھڙي به معاشري سان تعلق رکندي ھجي، سيتا وانگر پنھنجا سڀ حالات ڄاڻندي، اھڙو فيصلو ڪندي؟ ڇا اسپتال ۾ مرندڙ ڪا ڇوڪري ۽ شادي کان ڀڄندڙ ڪو شخص بغير ڪنھن سبب جي شادي ڪندا؟ ھي ناول ڀلي افسانوي ھجي، پر ان کي حقيقي زندگي جو اولڙو ھجڻ کپي. ٿورو ته حقيقي لڳي ۽ پڙھندڙن لاءِ ڪو ته مثبت سبق ھجي.
آئون سمجھان ٿو ته آئون تمام گھڻو لکي ويو آھيان ۽ مڃان ٿو ته ڪافي سخت به لکي ويو آھيان، پر اھا حالات جي تقاضا ھئي. مون ناول کي تمام گھرائي سان پڙھيو آھي. شايد ايتري مارڪيٽنگ نه ٿيس ھا ته آئون اھو ناول سال ڏيڍ کانپوءِ تڏھن پڙھان ھا جڏھن انگريزي ۾ ترجمو ٿئي ھا. ايترو ڪجھ لکڻ کانپوءِ آئون اھا ڳالھ دھرائيندس ته ھي ھڪ دقيانوسي ناول آھي، اسان جي سنڌ اھڙي ناھي، مسئلا ضرور آھن، پر اھڙا به ناھن جي اسان جون پڙھيل لکيل ھندو ڇوڪريون شادي لاءِ گھران ڀڄي مذھب مٽائين. سيتا کي سيتا ئي رھڻ ڏيون ته بھتر آھي.
باقي مون وانگر جيڪي نوان ۽ تجرباتي ليکڪ آھن، انھن کي صلاح آھي ته سٺا ڪردار ٺاھڻ لاءِ سٺا ليکڪ پڙھڻا پوندا آھن. تنھنڪري سٺا ليکڪ پڙھو ته جيئن خبر پوي ته ھيروز ۾ ڪھڙيون خوبيون ۽ خاميون ٿينديون آھن. ان لاءِ ارسطو جو The Poetics پڙھو.