نئون

احتساب عدالت نواز شريف جي ڪيسن کي هلائڻ جي درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

احتساب عدالت نوازشريف پاران ريفرنسز کي هلائڻ واري درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. احتساب عدالت نواز شريف جي درخواست کي رد ڪندي ٽنهي ريفرنسز کي الڳ الڳ ٻڌڻ جو فيصلو برقرار رکيو. احتساب عدالت جي جج فيصل بشير اهڙو فيصلو ٻڌايو. نواز شريف نيب پاران داخل ڪيل ٽي ريفرنسز هڪ فليگ شپ انويسٽمينٽ، ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ڪمپني کي گڏائي ٻڌڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ کي درخواست ڪئي هئي. هاءِ ڪورٽ جي هدايتن جي روشني ۾ احتساب عدالت شريف خاندان جي درخواستن کي ٻيهر ٻڌڻ بعد فيصلو ٻڌايو. ياد رهي ته احتساب عدالت ريفرنسز گڏ هلائڻ جي درخواست تي ڪالهه فيصلو محفوظ ڪيو هو.