بلاگنئون

سنڌو درياءَ ۾ چاڙھ يا ٻوڏ ۽ سنڌ حڪومت

پنجاب جي دريائن ۾ ٻوڏ پنهنجي جاءِ تي ضروري ناهي اها ساڳي ٻوڏ سنڌ ۾ پهچي، پاڻي جڏهن سوين ڪلو ميٽرن جو سفر ڪري هيٺ اچي ٿو تڏهن ان جي وهڪري جي شدت گهٽجي وڃي ٿي. راوي، چناب ستلج جو پاڻي پنجند تائين پهچندي ڪافي گهٽجي وڃي ٿو. گڊو بئراج مان 12 لک ڪيوسڪ پاڻي جي لنگهڻ جي گنجائش ٻڌائي وئي آهي، جيڪا هڪ وڏي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪافي آهي. هن وقت سنڌو درياءَ ۾ چاڙهه جي باوجود سڄي سنڌ مان ڪافي ڪينال جي بند هجڻ، لٽجي وڃڻ جون خبرون گردش ڪري رهيون آهن جن ۾ ريڻي ٻوڏ ڪينال، ڪارو نارو واھ روهڙي کان، جوهي ڪينال قابل ذڪر آهن. جوهي ڪينال جيڪو دادو ڪئنال مان نڪري ٿو، جيڪو خيرپور کان جوهي تائين جو علائقو آباد ڪري ٿو.

ان کانسواءِ ڪوٽڙي بئراج مان نڪرندڙ واهن جي پڇڙي وارن آبادگارن جون دانهون پڻ ٻڌجن ٿيون. اهڙي صورتحال ۾ ٻوڏ جو خوف پکڙجي ويو آهي. سنڌ حڪومت ۽ آبپاشي کاتي جو عملو ڪا ذميوار ڳالھ يا تسلي، خاطري ڪرائڻ جو ڀروسو يا ويساھ پيدا ڪري نه سگهيا آهن. آبپاشي کاتي جي عملدارن کان صحافين کي سوال پڇڻ کپي ته ٻوڏ دوران ريڻي ٻوڏ ڪينال ۽ ٻين اهڙن ڪينالن ۾ پاڻي ڇوڙ ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ يا پڇڙي وارن کي ٻوڏ جي باوجود پاڻي جي شڪايت ڇو آهي؟ آبپاشي کاتي جي عملدارن کي اهڙن سوالن جا جواب ڏيڻ گهرجن.

ريڻي ڪئنال: گڊو بئراج جي کاٻي پاسي کان نڪرندڙ هي ڪئنال سنڌ جي گهوٽڪي، سکر ۽ خيرپور ضلعن جي زمين آباد ڪري ٿو. ڪئنال جي ڊيگهه اٽڪل 175 ڪلو ميٽر ۽ ان مان نڪرندڙ شاخن جي ڊيگهه اٽڪل 686 ڪلو ميٽر آهي. اصل ۾ ھن ڪئنال جو نالو، سنڌ جي قديم نديءَ ‘ريڻيءَ’ جي حوالي سان تجويز ڪيو ويو ھو. اھا ندي قديم دور ۾ به ھاڪڙي درياءَ جي ھڪ شاخ ھئي. تاريخدانن جي راءِ ۾ ‘ريڻي نديءَ’ جا نشان اڃان تائين به موجود آھن. هي دراصل فلڊ ڪئنال (ٻوڏ دوران وهندڙ واهه) آهي.

گڊو بئراج ۾ پاڻيءَ جي سطح 2.5 لک ڪيوسڪ کان وڌي وڃڻ جي صورت ۾ هي ڪئنال کوليو ويندو آهي. 412400 ايڪڙ زمين لاءِ پاڻي مھيا ڪندڙ هن ڪئنال جي ڊسچارج ڊزائين 10000 ڪيوسڪ آهي. واپڊا پاران ريڻي ڪئنال کي نئين سر تعمير ڪرڻ جي شروعات آڪٽوبر 2002ع ۾ ڪئي وئي. تعمير جو ڪم ٻن مرحلن ۾ شروع ٿيو. جنھن جو پھريون مرحلو جون 2014ع ۾ جڏهن ته ٻئي مرحلي جو ڪم 2018ع ۾ مڪمل ٿيو. ٻيو نارا ڪئنال بابت وضاحت ٿيڻ کپي. ايسٽرن نارا ڪئنال: سکر بئراج جي کاٻي ڪناري وٽان نڪرندڙ هڪ واهه جو نالو آهي ۽ هيءُ بئراج جو سڀ کان وڏو واهه آهي. هن ۾ پاڻيءَ جو وهڪرو 13649 ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته هن جي پاڻيءَ مان 22 لک ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي. هن واهه جي ڊيگهه 226 ميل ۽ ويڪر 346 فوٽ ۽ اونهائي 11×5 فوٽ آهي.