نئون

ڪراچي جي سمنڊ ڪناري وارا مشهور دو دريا هوٽل بند ٿي ويندا

ڪراچي جا سمنڊ ڪناري مشهور دو دريا هوٽل بند ٿيڻ وارا آهن. سمنڊ ڪناري موجود هنن هوٽلن کي بچائڻ لاءِ عوام طرفان سوشل ميڊيا تي ڪئمپين پڻ شروع ڪئي وئي آهي. خبرن موجب چيو ويو آهي ته دو دريا واري جاءِ تي رهائشي بلڊنگون ٺاهيون وينديون. ڏسڻ ۾ اهو اچي رهيو آهي ته هنن هوٽلن جا مداح ان قسم جي خبر مان ڏاڍو نا اميد ٿيا آهن. واضح رهي ته هن علائقي لاءِ چيو ويندو آهي ته ڊفينس  جو هي علائقو 10 سال اڳ تمام خطرناڪ هوندو هو. هتي ڏوهه عروج تي هئا ۽ هتان جي ماڻهن جي زندگي عذاب بڻيل هئي. دو دريا جي هڪ ريسٽورينٽ جي مالڪ جو چوڻ آهي ته هن جڳهه جي ليز اسان کي پنجن سالن لاءِ ملي هئي، اها به اهڙي وقت ۾ جڏهن هي علائقوخطرناڪ هو بعد ۾ اسان هتي گراهڪن جي رش کي به آڻي ڏيکاريو هر هفتي هتي هزارين ماڻهو ايندا آهن. ان کان علاوه ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي طرفان اسان کي چيو ويو هو ته هن جڳهه جي 20 کان 25 سالن جي ليز ڏني ويندي. بعد ۾ ڊي ايڇ اي چيو ته اها اسان جي ليز کي ختم ڪرڻ گهري ٿي. جنهن خلاف اسان 2014 ۾ ڪورٽ ۾ وياسين ۽ اسان کي اسٽي آرڊر ڏنو ويو. هوٽل جي مالڪ جو چوڻ آهي ته دو دريا هوٽل جو بند ٿيڻ سيڙپڪارن لاءِ هڪ وڏو نقصان هوندو. هڪ ريسٽورينٽ جي مالڪ جو چوڻ آهي ته هن هتي 25 ڪروڙن جي سيڙپ ڪئي آهي ۽ ڊي ايڇ اي جي چوڻ تي ليز ختم ڪرڻ کانپوءِ هتان وڃڻ جي صورت ۾ اها رقم واپس ڪونه ملندي. ڊي ايڇ اي ته هتان جي ڪاٺ کي کڻڻ جي به اجازت نه ڏيندي. ڳالهه صرف هڪ هوٽل جي نه آهي هن سڄي فوڊ اسٽريٽ ۾ موجود ٻين هوٽلن تي ڪل 5000 ماڻهو ڪم ڪن ٿا انهن جون نوڪريون به هن طريقي سان ختم ٿي وينديون. ان لاءِ اسان هي ڪيس وڙهنداسين.