ٿيڻ ائين گهرجي ها ته طالبان جي انقلاب کي سڀ اسلامي ملڪ جيئن جو تيئن مڃين ها يا جڏهن افغانستان ڪا ڪافر رياست هجي ها ۽ طالبان انهن جي ڪُنگرن کي ڪيرائي ڪلمو بلند ڪن ها ته مڃون ها ۽ دنيا به ڏسي ها ته واقعي هنن وڏو ڪم ڪيو آهي، پر هي ڪا ستين صدي ٿورئي آهي ۽ ايڪيهين صدي ۾ شيون ائين ممڪن ناهن، جيئن پهرين هيون ته بس هاٿين جو لشڪر ڪاهي، گهوڙن جا ٽاٻڙڪا ڪري، تلوارن جا تجلا ڏيکاري، جنگي طبل وڄائي، ملڪ ميڙي، لٽي، ڦري کڻي ويندا هئا، پر هاڻي ائين ناهي، يا ائين هجي ها ته اهي افغاني طالبان ماضيءَ ۾ به سچا، کرا ۽ پيرن تي پختا هجن ها ته ماڻهو انهن کي مڃين ها، پر هي ته تبليغي جماعتن وانگي (اڪثر ڪري) اهو ٿا ڪن ته جيڪو نماز پڙهي ٿو، ان کي ويٺا ٿا نماز سيکارين، اسلام اتي وڃيو پکيڙين جيڪو اڳ ۾ ئي اسلامي ملڪ آهي. هي ته آهن ئي آمريڪا جي اشاري تي پوءِ ڪهڙي ڳالھ کي مڃون. ڀلا ائين به ناهي ته سڀ جا سڀ 22 عرب ملڪ ۽ انهن کي ملائي جلائي 50 کن اسلامي ملڪ (جن جي آبادي ٻه ارب چئي سگهجي ٿي) هنن طالبان جي پيروي ڪندا يا انهن اسلامي ملڪن وٽ اسلامي حڪومتون ناهن ۽ اهي سڀ مسلمان ملڪ هنن جي اهڙي جادوئي انقلاب جا منتظر هئا يا اهي هنن طالبان جي اثر ۾ اچي پنهنجن ملڪن اندر هلندڙ حڪومتن کي ڪرائيندا يا بغاوت جو علم بلند ڪندا يا پاڻ کي انهن حڪومتن کان آزاد ڪرائيندا، پر اسان واري رياست جو به قبلو لڳي ٿو ته درست ناهي يا ائين ٿو لڳي ڄڻ هن کي عالمي واءُ سواءُ جي کڙڪ نٿي پئي يا ڄاڻي واڻي ٿا ڪن، جو طالبان جي افغاني سرڪار ڪيرائڻ سان ئي بيان ڏئي ويٺا هئا ته ”طالبان غلامي جون زنجيرون ٽوڙيون آهن، هاڻي انهن صحيح ڪيو“ معنيٰ هنن ته ان ڳالھ جي به تصديق نه ڪئي ته طالبان صحيح آهن يا انهن کي غلط چوڻ جي همت نه ٿا ڀانئن يا هنن جي بيان جي مطابق انهن طالبان جا اڳيان قدم يا انهن جو لوڪل ايجنسين ۽ سي آءِ اي وٽ هجڻ يا پلجڻ صحيح هو، انهن هن مهل تائين آمريڪا جي اشاري تي جيڪو ڪجھ به ڪيو آهي يا هنن جي ڪري پاڪ آرمي جيڪو ”ضرب عضب، ردالفساد آپريشن“ ڪيو يا هاڻي عزم استحڪام يا جيڪي 87 هزار ماڻهو هنن طالبان جي ڪري مئا يا ٻيا ڊرون حملن ۾ مئا، اهي آمريڪا صحيح ڪيا يا غلط يا طالبان مظلوم آهن، انهن جو سي آءِ اي نقصان ڪري ويٺي آهي.