جنهن وقت آءِ ايس پي آر جو ميجر جنرل احمد شريف ملڪ جي ميڊيا کي پريس بريفنگ ڏيندي اهو چئي رهيو هو ته پاڪستان ۾ داخل ٿيندڙ هر غير ملڪي ڀلي اهو افغاني ڇو نه هجي ان کي پاڪستان ۾ اچڻ جي لاءِ ويزا وٺڻي پوندي. ڇو ته ڪنهن به ملڪ کي اهو حق آهي ته غير ملڪي ماڻهو کي بغير اجازت جي پنهنجي ملڪ اندر اچڻ کان روڪي.
سوال آهي ته پاڪستان کي افغانستان سان ويزا پاليسي سخت ڪرڻ جي ضرورت ڇو محسوس ٿي؟ ان جو سبب اهو آهي ته اسان جي سڀني ڪوششن جي باوجود افغانستان سان تعلقات بهتر نه ٿي سگهيا آهن. ان ڪري ڏهه مهينا اڳ حڪومت اهو فيصلو ڪيو هو ته هاڻي ڪوبه افغانستان جو رهاڪو بغير ويزا جي پاڪستان ۾ نه اچي سگهندو. اهو به ٻڌايو ويو ته افغانستان جي پاڙيسري ملڪن ۾ صرف پاڪستان ئي واحد ملڪ آهي جتي افغانستان جو ماڻهو بغير ويزا جي صرف “تذڪره” (هڪ قسم جو شناختي ڪارڊ) ڏيکاري پاڪستان اندر اچي سگهي ٿو، باقي ايران سميت جن به ملڪن سان افغانستان جون سرحدون ملن ٿيون انهن ملڪن ۾ افغاني ماڻهو بنا ويزا جي داخل نٿو ٿي سگهي. ڪنهن به ملڪ جي لاءِ اهو بهتر هوندو آهي ته ان ملڪ جا تعلقات معاشي، معاشرتي ۽ واپاري پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان تمام بهتر هجن ته جيئن هو پنهنجي ملڪ جي مصنوعات کي پاڙيسري ملڪن جي مارڪيٽ تائين آسانيءَ سان پهچائي سگهي، پر قانوني ذريعن سان. اهو به ضروري آهي ته اهو قانون سخت نه هجڻ گهرجي، ان ۾ جيتري نرمي جي گنجائش موجود هجي ضرور ڪجي. پاڪستان جا ڀارت سان لاڳاپا بهتر نه هجڻ جي باوجود واپار هلندڙ آهي، پر قانوني طور. ايستائين جو واگها بارڊر تان افغانستان لاءِ ويندڙ ڀارتي مصنوعات کي پڻ پاڪستان راهداري ڏيندو آهي. چين- پاڪستان جو تمام پراڻو دوست هجڻ جي باوجود خنجراب جي سرحدي علائقن ۾ رهندڙ چيني ماڻهو يا پاڪستاني ماڻهو بغير ويزا جي هڪٻئي جي ملڪن ۾ اچي وڃي نٿا سگهن. اهڙي ساڳي صورتحال ايران سان پڻ آهي، پر افغانستان سان پاڪستان جي پاليسي هميشه نرم رهي آهي. ڪنهن زماني ۾ ته بنا پڇا ڳاڇا جي افغاني پشتون پاڪستان اندر داخل ٿيندو هو، جنهن کي ڪابه روڪ ٽوڪ نه هئي. ان ڪري ملڪ اندر اسمگلنگ هڪ واپار جي شڪل اختيار ڪري ورتي هئي ۽ وڌي وڻ ٿي مافيا بڻجي وئي. سبب اهو ئي آهي ته افغان- پاڪستان سرحد جي ٻنهي پاسن کان رهندڙ پاڻ کي هڪ ئي قوم سمجهن ٿا، پر جڏهن افغانستان مان اسمگلنگ عروج تي پهچي وئي ته پوءِ پاڪستان حڪومت نالي ماتر هڪ دستاويز جي گهر ڪئي، جنهن کي افغاني ٻوليءَ ۾ “تذڪره” يعني شناختي ڪارڊ چيو وڃي ٿو، پر گذريل سال جڏهن غير قانوني طور تي رهندڙ افغاني ماڻهن کي زبردستي پنهنجي ملڪ افغانستان موڪلڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پوءِ حڪومت پاڪستان اها پاليسي ٺاهي ته هاڻي “تذڪره” تي ڪوبه افغاني ماڻهو پاڪستان اندر داخل نه ٿيندو. انهيءَ پاليسيءَ جي خلاف گذريل ڏهن مهينن کان چمن، قنڌار ۽ طورخم بارڊر تي ٻنهي پاسن کان اتان جي مقامي ماڻهن ڌرڻو هنيو، سندن مطالبو هو ته کين بنا پاسپورٽ ۽ بنا ويزا جي ٻنهي ملڪن طرف اچڻ وڃڻ ڏنو وڃي، پر پاڪستان حڪومت مظاهرين کي اهو مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ته وقت تبديل ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي افغانستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ويزا کان بنا اچ وڃ نٿي ٿي سگهي.
خوشي ان ڳالهه جي آهي ته پاڪستان پنهنجي فيصلي تي بيٺل رهيو ۽ احتجاج ڪرڻ وارن کي اهو مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته کين پاڪستان جي ويزا وٺڻي پوندي. چيو وڃي ٿو ته گذريل ڏهن مهينن کان اڳ چمن بارڊر تي روزانه جي بنياد تي 500 ماڻهو افغانستان کان پاڪستان ۾ داخل ٿيندا هئا، پر جڏهن کان پاڪستان ويزا پاليسيءَ جو اعلان ڪيو ته ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجا پاسپورٽ ٺهرائي ويزا لڳرائي ورتي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ چمن بارڊر تان روزانو جي بنياد تي لڳ ڀڳ 7 کان 8 هزار ماڻهو پاڪستان ۾ قانوني طريقي سان داخل ٿين ٿا، جيڪا تمام خوش آئند ڳالهه آهي. ان طريقي سان پاڪستان ۾ هر افغاني باشندي جي اچڻ جو رڪارڊ رکيو ويندو ۽ ويزا جي حد گذرڻ کانپوءِ جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو پاڪستان ۾ لڌو ويو ته ان کي قانوني طريقي سان پنهنجي ملڪ واپس موڪليو ويندو. نه صرف ايترو بلڪه ويزا جي مد ۾ به پاڪستان کي سٺو ناڻو ملندو، جنهن سان اسان کي معاشي فائدو ٿيندو. اميد آهي ته انهن ويزائن جي سلسلي ۾ به مختلف ڪئٽيگريز ٺاهيون وينديون ته جيئن افغانستان کان ايندڙ هر ماڻهوءَ جي اچڻ جو مقصد معلوم ٿي سگهي ته هو پاڪستان ڇو آيو آهي ۽ هر غير قانوني طور تي گهڙي ايندڙ افغان باشندي کي مجبور ڪيو وڃي ته اهو قانوني طريقي سان داخل ٿئي. پاڪستان کي پنهنجي پاليسيءَ تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ لاءِ يقينن عوام جي پٺڀرائي حاصل هوندي.