آمريڪا پاڪستان جي 25 ڪروڙ 50 لک ڊالرن جي فوجي امداد روڪي ڇڏي
آمريڪا پاران 25 ڪروڙ 50 لک ڊالرن جي فوجي امداد کي روڪي ورتو. امداد کي دهشتگردن خلاف اثرائتا آپريشن ڪرڻ تائين روڪيوويو آهي. اها امداد 1.1 ارب ڊالر ملٽري اسسٽنس پروگرام جو حصو آهي، ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي تعلقات جو دارو مدار ڏکڻ ايشيا لاءِ نئين آمريڪي اسٽريٽيجي جي حمايت تي آهي. ان ڏس ۾ آمريڪي انتظاميه جي عهديدار چيو ته ٽرمپ انتظاميه پاڪستان جي تعاون جو جائزو وٺي رهي آهي. ياد رهي ته گذريل مهيني صدر ٽرمپ نيشنل سيڪيورٽي پاليسي جو اعلان ڪندي پاڪستان کان هڪ دفعو ٻيهر ڊومور جو مطالبو ڪندي چيو هو ته اسان پاڪستان کي هر سال ڪروڙن جي مالي امداد ڏيندا آهيون جنهن کانپوءِ ان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته پاڪستان دهشتگردن خلاف فيصلائتي ڪارروائي ڪري. آمريڪي صدر اهو به الزام لڳايو هو ته پاڪستان دهشتگردن کي پناهه فراهم ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان ۾ دهشتگردن جا محفوظ ٺڪاڻا آهن، جنهن تي خاموش نه رهنداسين.

