ڀارت خطي ۾ پنهنجي پکيڙ واري نيت جي تڪميل لاءِ هڪ نه کٽندڙ فضا قائم ڪري ڇڏي آهي. انساني حقن بابت عالمي ڪميشن اداري پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب سن 1989ع کان هن وقت تائين ڀارتي فوج آزادي جي تحريڪ کي دٻائڻ جي خاطر تقريبن ٻارھن هزار عورتن کي جنسي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ هڪ لک کان مٿي ڪشميرين کي شهيد ڪيو، اهڙيءَ ريت هڪ لک پنجاھ هزار ٻارن ۽ نوجوانن کي گرفتار ڪري، مختلف اذيت گاهن ۽ قيد خانن ۾ قيد ڪري رکيو آهي. راشٽريا سوايم سيوڪ سنگ (آر ايس ايس) ريسرچ اينڊ ايناليسس ونگ (را) ۽ ٻين پاران پکڙيل نفرت انگيز نظرين ۽ امتيازي قانونن ڪروڙين مسلمانن جي خلاف خوف ۽ تشدد جي لهر پيدا ڪري ڇڏي آهي. تعصب رکندڙ ڀارتي ليڊر شپ 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جي صورت ۾ هڪ آزاد ۽ خود مختيار مملڪت کي ظاھري طور تي ته قبول ڪيو، پر وقت بوقت ڀارت پاڪستان جي سلامتي کي ڪمزور ڪرڻ جون سازشون شروع کان ئي ڪندو پيو اچي. ننڍي کنڊ جي ورهاست دوران هندستان جي مذهبي اڪثريتي علائقن جي نسبت سان شموليت ٿيڻي هئي، جھڙي طرح رياست جهونا ڳڙھ، مناوا ۽ حيدرآباد دکن کي ڀارت ۾ شامل ٿيڻو هو. ساڳي ريت مسلمان اڪثريتي علائقا جھڙوڪ: رياست ڄمون ۽ ڪشمير کي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻو هو. ان لاءِ ڪشميري عوام پهريان ئي قراردادون منظور ڪري ڇڏيون هيون، پر ڀارت هميشه پنهنجي انا کي سامهون رکندي، ڪشمير جهيڙي کي اڀاري، پاڪستان جي خلاف سازش ڪرڻ ۾ مصروف رهيو آهي. والاريل ڪشمير کي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ نه ڏنو ويو. ڀارت والاريل ڪشمير جو فيصلو ڪرڻ لاءِ اقوام متحده سان بار بار رابطو ڪيو، جنهن تي سلامتي ڪائونسل والاريل ڪشمير جي عوام کي پنهنجو فيصلو ووٽ جي ذريعي ڪرڻ جي اجازت ڏني، پر ڀارت ان فيصلي تي نه بيٺو ۽ پير پٺيان ڪري پٺتي هٽي ويو. جڏهن ته ڪانگريس حڪومت ڀارتي آئين ۾ ترميم آڻي ٻن شقن 370 ۽ 35-A جو اضافو ڪري، پنهنجي ناجائز قبضي واري والاريل ڪشمير کي ھڪ خود مختيار رياست جو درجو ڏيئي، ان کي ڀارت جو اٽوٽ انگ يعني جدا نه ٿيندڙ حصي جو راڳ آلاپڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
گذريل ستهتر سالن کان پيل هڪ ڊزن کان وڌيڪ قراردادون، جيڪي اقوام متحده ۽ سلامتي ڪائونسل ۾ سماجي، انساني ۽ ثقافتي مسئلن سان گڏ انساني حقن تي مشتمل آهن. ڀارت 05 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڪشمير جي آزاد حيثيت کي ختم ڪري، ان کي ڀارتي ايجنڊا ۾ ضم ڪري ڇڏيو، ڀارت جو اهو قدم بين الاقوامي اصولن جي خلاف آهي، ڀارت يو اين او جي نرم رويي جو ناجائز فائدو ماڻيندي، والاريل ڪشمير ۾ هل هنگامو ڪيو ۽ ڪشميرين جي زندگيءَ ۾ بيچيني پيدا ڪري ڇڏي. ڀارت ۾ مسلمانن جي اربين رپين جي ملڪيت کي نقصان پهچايو ويو ۽ هزارين بي گناهه مسلمانن کي جاني توڙي مالي ڇيهو رسايو ويو. اقليتن خاص طور تي مسلمانن جي مٿان ظلمن جا پهاڙ ڪيرايا ويا. والاريل ڪشمير ۾ انتها پسند ڀارتي حڪومت ڪشميرين جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جا جتن ڪري رهي آهي. نئين سٽيزن ايڪٽ تحت مودي سرڪار غير هندو شهرين سان مذهب جي نالي تي ٻئي درجي جي شهرين جيان سلوڪ ڪري رهي آهي. والاريل ڪشمير ۾ قبضي وارن علائقن اندر آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ لاءِ اجتماعي سزائون ڏيئي، ڳوٺ، وسنديون، واهڻ ۽ شهر جي هن پار وارن علائقن کي تباھ ۽ برباد ڪيو وڃي پيو. سوين ماڻهن جي اکين جو نور به ختم ڪيو ويو آهي. گولا باري سان اسڪولن جون سوين عمارتون تباھ ٿي ويون آھن. چادر ۽ چار ديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو آهي. مودي سرڪار جيڪا نياڻين جي تعليم لاءِ مهم هلائيندڙ فوجي درندا ڪشميري عورتن جي آبروريزي ۾ مصروف آهن، ڀارتي درندا صفت فوجي هر قانون کان مٿانهان ٿي ويا آهن. سرچ آپريشن جي آڙ ۾ گهرن ۾ زبردستي گھڙي مال ۽ ملڪيت لٽڻ ۾ مصروف آهن. هزارين ٻار، پوڙها ۽ نوجوان فوج جي ٽارچر سيلن ۾ قيد و بند آهن ۽ حق خود اراديت گهرڻ سبب سزائون ڀوڳي رهيا آهن.
نريندر مودي سر عام جنگي گناهن جو ارتڪاب ڪري رهيو آهي، هو ڪنهن به طريقي سان پنهنجو جنگي جنون روڪڻ لاءِ تيار نه آهي. گذريل سال به ڀارت بابت جيڪا انساني حقن جي لتاڙ بابت رپورٽ جاري ٿي هئي، اها تمام گهڻي خطرناڪ ۽ خراب هئي، ان تحت ڀارتي رياست مني پور ۾ نسلي ڇڪتاڻ دوران انساني حقن جون خلاف ورزيون ڪيون ويو. مني پور ۾ گهوگهي ۽ مني قبيلن جي وچ ۾ پرتشدد واقعن ۾ 200 کان مٿي گهراڻا بي گهر ٿيا، قبضي وارين وادين ۾ پبلڪ سيفٽي ايڪٽ يو اي پي اي تحت هزارين ماڻهو جن ۾ گھٽ عمر وارا نوجوان ۽ ٻار به شامل آهن. انهن کي گرفتار ڪيو ويو، هر ايندڙ ڏينهن سوين بي گناهه ۽ بي قصور ڪشميرين کي جعلي مقابلن ۾ شهيد ڪيو وڃي پيو. رمضان جي مهيني ۾ به صيهوني ۽ ڀارتي فوجين مسجدن جي حرمتن کي پائمال ڪندي، نمازين جي مٿان ڳوڙھا گئس سان حملا ڪيا. ايمنسٽي انٽرنيشنل جي رپورٽ مطابق اسرائيل ۽ ڀارت نسل پرستي جا مرتڪب ٿي رھيا آھن، جنھن جو اندازو ان عمل مان بخوبي لڳائي سگهجي ٿو ته فلسطين ۽ ڪشمير جا باشندا عليحدگي، بي دخلي ۽ اخراج جي ظالماڻي پاليسين سان زنده رهڻ تي مجبور آهن، جيڪي انسانيت جي خلاف گناهن جي مترادف آهن. بي جي پي حڪومت ڪشميرين جو آواز دٻائڻ جي لاءِ ڪابه ڪسر نه ڇڏي آهي. ڀارت پنهنجي جنهن پکيڙ واري نيت ۽ جنگي جنونيت ۾ مبتلا آهي، اها سيڪيولر ڀارت کي ھندو انتها پسند رياست جي قالب ۾ وجهي، ڪشميري عوام ۽ ڀارتي اقليتن کي ڀت سان لڳائڻ وارين سازشن ۾ مصروف آهي. اقوام متحده ۽ انساني حقن جي ادارن کي گھرجي ته ڪشمير جو مسئلو يو اين او جي قراردادن جي روشني ۾ مستقل طور حل ڪرڻ جي لاءِ ڀارت مٿان دٻاءُ وڌو وڃي، جيئن خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڏنل قربانين کي ضايع ٿيڻ کان بچائي سگهجي.