مڪي پاڪ جي دل ۾، جتي هر ساهه روحانيت سان ڀريل آهي، اتي هڪ نئون شاهڪار وجود ۾ آيو آهي، جنهن کي قرآن ڪريم ميوزيم سڏيو وڃي ٿو. هي ميوزيم رڳو هڪ عمارت ناهي، بلڪه هڪ اهڙي دنيا آهي، جيڪا تاريخ، ثقافت ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي ميلاپ سان ٺهي آهي. قرآن ڪريم ميوزيم مڪي جي حره ڪلچرل ڊسٽرڪٽ ۾ واقع آهي، جيڪو 67,000 چورس ميٽر جي وڏي علائقي تي پکڙيل آهي. هي جڳهه ان ڪري به خاص آهي جو اها غارِ حره جي ويجهو آهي، جتي اسان جي پياري نبي حضرت محمد ﷺ تي پهرين قرآني وحي نازل ٿي هئي. جڏهن مان ان بابت سوچان ٿو ته دل ۾ هڪ عجيب سڪون ۽ جذبو پيدا ٿئي ٿو ته هن مقدس زمين تي هاڻي هڪ اهڙي جاءِ به آهي، جيڪا ان عظيم واقعي کي جديد انداز ۾ پيش ڪري ٿي. هن ميوزيم جو افتتاح 6 مارچ 2025 تي شهزادي سعود بن مشعل بن عبدالعزيز جي هٿان ٿيو، جيڪو هن ڳالهه جي شاهدي آهي ته سعودي عرب پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت کي دنيا جي سامهون آڻڻ لاءِ ڪيئن محنت ڪري رهيو آهي. هي جڳهه هر ان شخص لاءِ هڪ سڏ آهي، جيڪو قرآن جي گھرائين کي سمجهڻ چاهي ٿو. هن ميوزيم جي سڀ کان وڏي خصوصيت ان ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال آهي، جيڪا زائرين کي هڪ اهڙي دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي، جتي اهي ماضيءَ کي محسوس ڪري سگهن ٿا ۽ حال کي ويجهي کان ڏسي سگهن ٿا. هتي انٽر ايڪٽو ڊسپلي ذريعي زائرين کي قرآن جي لکجڻ ۽ محفوظ ٿيڻ واري عمل کي سمجهڻ جو موقعو ملي ٿو، سوچيو ڄڻ اوهان پاڻ انهيءَ سفر جو حصو آهيو، جتي قرآن کي لکيو ويو ۽ سنڀاليو ويو. ڊيجيٽل تعمير ذريعي اوهان ڏسي سگهو ٿا ته مختلف دورن ۾ قرآن ڪيئن محفوظ ڪيو ويو ۽ اهو ڏسي دل خوش ٿي وڃي ٿي ته اسان جي هن مقدس ڪتاب جي حفاظت لاءِ ڪيئن محنت ڪئي وئي. ان کان علاوه ويزئل اسٽوري ٽيلنگ ذريعي اهڙيون ڪهاڻيون ٻڌايون وڃن ٿيون، جيڪي ڏيکارين ٿيون ته قرآن پاڪ انساني تهذيبن تي ڪيئن اثر وڌو. انهن سڀني شين کي ڏسي لڳي ٿو ته هي ميوزيم رڳو ڄاڻ مهيا نٿو ڪري، پر اوهان جي اندر قرآن لاءِ هڪ گهرو احترام ۽ محبت پيدا ڪري ٿو.