بلاگنئون

رياست ڳالهين لاءِ تيار ئي ناهي

سول ۽ فوجي اڳواڻن کي گڏجي ويهي سوچڻ گهرجي ته آخر ڪرڻو ڇاهي؟ ۽ ٿئي ڇا پيو، انٽرنيشنل برادري ۾ هن ملڪ جي بدنامي وڃي ٿي وڌندي ۽ ڪير به هن رياست مان ۽ پنجاب جي مرڪزيت مان خوش ناهي، ڪنهن جو پاڻي ڦري ٿا وڃن، ڪنهن جون زمينون ڳڙڪائي ٿا وڃن، ڪنهن جا معدني وسيلا هڙپي ٿا وڃن، ڪنهن صوبي کي مرڪز جي حڪومت نصيب ناهي، يا رياست به سياڻپ ٿي ڪري جسٽس فائز عيسيٰ کي چيف جسٽس ته ڪن ٿا، پر هو پنهنجي دور ۾ بلوچن جي درد تي مرهم نه رکي سگهيو ۽ ڪڏهن به گمشده بلوچن جي ڳالھه نه ڪيائين، صادق سنجراڻي ڪڏهن سينيٽ مان ڪو بل پاس يا پيش نه ڪرايو ته بلوچن سان ظلم پيو ٿئي، انوارالحق ڪاڪڙ وري ڊاڪٽر ماهرنگ کي هڪ ئي ڌمڪي چاڙهي ته اسلام آباد جي ڌرڻي کي ختم ڪيو. ڪٿي 71 واري تاريخ ته نه پئي ورجائجي، جو ڪو به صوبو پنجاب کي مڃڻ لاءِ تيار ناهي ۽ هر صوبي ۾ پنهنجي پنهنجي حڪومتي رٽ موجود آهي. هڪ صوبو چولستان جي منصوبي جو آرڊيننس پاس ڪرائڻ ۾ مصروف آهي ته ٻيا صوبا اوندھ انڌيري ۾ پيل آهن، انهن کي خبر ئي ناهي ته پنجاب جي نيت ۾ ڇا آهي؟ ان ڪري ته پنجاب پاڻ کي الڳ ٿو سمجهي، هن جي نظر ۾ جيڪي به زمينون ۽ درياءَ آهن اهي ٻين صوبن جا هوندي به پنجاب جا آهن. سمنڊ، جبل، جهر جهنگ، مالي وسيلا، معدني دولتون جيڪي ٻين صوبن ۾ آهن، اهي سڀ جون سڀ پنجاب جون آهن. ان ڪري ٻين صوبن سان مشاورت ته ٺهيو، پر وات ٽُڪاڻي به پنجاب جي نيت ۾ ناهي ته اهي ويهي ڪل پارٽي ڪانفرنس ڪرائي صوبن جي درد کي سمجهن ته آخر حل ڇاهي؟ اهي ڳالهيون ڪير طئي ڪندو جو اختر مينگل به چئي ٿو ڏئي ته بلوچستان ۾ ڪهڙي هنڌ حڪومت جي رٽ آهي اهو ٻڌايو؟ گذريل هفتي ڪوئيٽا جي دوري تي وزيراعظم ويو ته بي ايل اي جي باغي نوجوانن ٿاڻن کي يرغمال ڪيو ۽ انهن جا هٿيار ۽ ورديون کڻي هليا ويا، پر ڪنهن به پوليس جي سپاهيءَ مزاحمت نه ڪئي ۽ ڪير به ٻڙڪ نه ڪڇيو.

ساڳيو سوال وري اهو به آهي ته جڏهن ڪنهن به ميڊيا کي همت ناهي ته بلوچستان ۾ گهري ڪا خبر هلائي، تصويرون يا ڪا وڊيو به رڪارڊ ڪري سگهي. ڳالھه وڃي اتي پهتي آهي ته بلوچن جا نوجوان ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان نڪري بي ايل اي کي جوائن ٿا ڪن، جنهن جي سڌ پاڻ بلوچن جي اڳواڻن کي به ناهي، جيڪي ڀلي پ پ جا وزيراعليٰ هجن، انهن جي هٿ ۾ به ڪجھه ناهي رهيو، اهي به بيوس آهن، اهي پاڻ وائڙا آهن ته انهن بي ايل اي جهڙين تنظيمن کي هلائي ڪير ٿو؟ حيرت اها به آهي ته ڀارت ۽ سي آءِ اي پاڻ ۾ ملي ڀڳت ڪري بلوچن سان ٻٽ بيٺيون آهن، اهي بلوچن جي حقن جي حاصلات لاءِ انهن جي لڪيل طور تي مدد ڪري رهيون آهن، پر لوڪل ايجنسيون رڳو بلوچن جا نوجوان گهران کنڀي کڻي ٿيون وڃن، انهن ايجنسين جي هٿ وس اهو آهي ته گوادر کي سيل ڪري گوادر جي ايئرپورٽ جو افتتاح اسلام آباد ۾ ڪن يا گوادر ۾ جڏهن ڊاڪٽر ماهرنگ احتجاج ڪري ته اهي گوادر کي سيل ڪري اتي عورتن جي وڃڻ تي به پابندي هڻن. اها ڳالھ مڃڻ گهرجي ته عسڪري رٽ به اتي ڪنهن ڪم جي ناهي رهي، عسڪري اداران جا ماڻهو جڏهن وک وک تي بلوچن جي ماڻهن کان شناخت پڇي انهن جي گاڏين کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ روڪي ابتي ۽ آڏي پڇاڳاڇا ٿا ڪن، ته به بلوچستان جي اندر واقعا ٿي ٿا وڃن. عزم استحڪام رڳو بلوچن جي لاءِ آهي جيڪي ٽي ٽي پي جا مجاهد افغانستان مان پاڪستان کي ڌمڪيون پيا موڪلين جن جي لاءِ اڳوڻا فوجي جنرل اهو چئي ويا هئا ته اسان وٽ جيڪي طالبان آهن اهي ”گُڊ طالبان“ آهن ۽ جيڪي طالبان افغاستان ۾ آهن اهي ”بيڊ طالبان“ آهن ته پوءِ هيل تائين جيڪي به آپريشن ٿيا انهن جو ڪهڙو کڙ تيل نڪتو جو طالبان لوسڻ ٿيا جو لڻڻ کانپوءِ به ڦٽي نڪتا.

بلوچستان مان ماريل، پڪڙيل، کنڀيل ۽ باغي نوجوانن جون تصويرون ميڊيا تي نه ٿيون اچن، ميڊيا کي اها اجازت به ناهي ته اهي ڪهڙي طرح انهن جعفر ايڪسپريس جي يرغمالين جون شاهديون حاصل ڪري ونڊ ڪن، جيڪي باغي ماريا ويا اهي ڪٿي آهن؟ يا اهو به هوائي فائر سمجهون. ڇو ته رڳو ڳالهين جي صورت بي ايل اي جي ماڻهن يرغمالين کي ڇڏي ڏنو ۽ ڪنهن به پاسي ڪو جاني نقصان نه ٿيو، ان ڪري جو انٽرنيشنل ميڊيا اتي ايجنسين جي صورت ڪم ڪري پئي. اها ڳالھه به سمجهھ ۾ اچي ته روس، چين، يا آمريڪا جي سپر پاوري جي جهيڙي ۾ سدائين وانگي ”وڙهن سانَ ۽ لتاڙجن ٻوڙا“ واري ڳالھه بيهندي، جو روس جو غرور جيئن آمريڪا خاڪ ڪري ڇڏيو ۽ مسلمانن جي مخالف هجڻ جي باوجود به روس مسلمان بالٽڪ رياستن کي روس جي چنبي مان آزاد ڪرايو (پوءِ ڀلي ساڳيو ئي آمريڪا انهن رياستن سان اندروني طور وڙهندو به هجي، پر پنهنجي آڪڙ ۽ غرور ڏيکاري روس کي 1945 کانپوءِ سرد جنگين ۽ پراڪسي وارز ۾ اڙائي ويٺو، جو روس جون پنهنجون رياستون به ان جي قبضي مان نڪري ويون جيئن يوڪرين، پر روس اڃان تائين سڌو ناهي) ڀارت به بنگلاديش ۾ 71 واري سانحي ۾ پوري طرح ملوث هو، جو انهن بنگلاديش جو ساٿ ڏنو ۽ پاڪستان سان اها ئي ڪٽرپڻي واري ڳالھه ڏيکاري پاڻ سرخرو ٿي ويو.

پر حيرت اها به آهي ته اتي 25 ڪروڙ کان به وڌيڪ مسلمان رهن ٿا هاڻي انهن کي اتي ڪنهن به قسم جي ڪا ڳالھه نٿي لڳي جو ايوڌيا واري بابري مسجد جا جهيڙا به انهن جي ايمان کي پگهرائي نه سگهيا، نه ئي ڪي نوان مسلمان يو پي ۽ سي پي جا لونڊا پيدا ٿيا جيڪي نئين اسلامي رياست جو درد کڻي ڀارت ۾ بغاوت جا علم بلند ڪري سگهن، پر ڀارت هن ملڪ سان پنهنجي ڏاڍ ۽ مڳي واري ڳالھه رکيو ٿو اچي ۽ بلوچستان ۾ سي آءِ اي جي ها ۾ ها ملايو ويٺو آهي. هو سمجهن ٿا ته پاڪستان جي غرور کي به خاڪ ۾ ملائجي ڇو جو ايٽمي طاقت هوندي به انهن جا عسڪري ادارا ٽي ٽي آپريشن ڪري به طالبان کي چپ ناهن ڪرائي سگهيا، جيڪي منظور پشتين جهڙا باغي طالبان ۽ پروـ آمريڪن به اسلام آباد ۾ بيهي رياست کي للڪاري هليا ٿا وڃن، علي امين گنڊه پور جهڙا مرڪزي سياست ڪرڻ وارا به طالباني سياست ڪري مرڪز کي ٽوٽا ٿا چٻائين. اهي سمجهن ٿا ته اها راند ائين پئي هلندي ۽ طالبان عسڪري ادارن سان لڪ لڪوٽي راند پيا ڪندا ته تون مون کي ڳولھه ۽ مان توکي ڳولهيان ۽ اها اک ٻوٽ واري راند پئي رچندي رهندي ۽ ڪير به نه سوچي ته اها ڳالھه هاڻي نبري به سگهجي ٿي. ان ڪري ته رياست جي پريشاني رڳو پنجاب سينٽرڪ سياست آهي، ٻيو ڪجھه به نه، پوءِ ڀلي بلوچستان جا نوجوان ۽ عورتون ان حد تائين باغي ٿين جو هو پنهنجن مڙسن ۽ پٽن کي اهو چئي پنهنجا ڳھه ڳٽا لاهي ڏين ته وڃي پنهنجي وطن جي لاءِ وڙهو، پر موٽ ۾ عسڪري ادارا رڳو ايران مان نڪرندڙ ايڪسپورٽ يا اسمگلنگ ٿيندڙ شين تي مٿڪي هڻي خوش آهن، ان ڪري ته ايران جي بارڊر تان هر شيءِ پاڪستان ۾ ٽپي ٿي اچي ۽ جيڪي بلوچ واپاري آهن اهي به هاڻي اها ٽيڪس ڀري پنهنجو ڪم ٿا ڪڍن، پر هر شيءِ وڃي رڳو پنجاب ڏي ٿي، هر گاڏي لاهور ۽ اسلام آباد ڏي ڀرجي ٿي وڃي، جيڪي سستيون شيون گيس ۽ پيٽرول ڊيزل به ايران مان خريد ڪري پنجاب ۾ پنهنجا واپار ٿا هلائين.

اسلام آباد کي ڪو درد ناهي ۽ نه ئي پيپلزپارٽي جي صوبائي حڪومت کي، نه ئي صوبائي پارٽي ڪڏهن ڪا ڪانفرنس ڪري انهن بلوچن جي درد تي ڪا مرهم رکي آهي. اهي بي ايل اي جي قيادت سان ڪي ڳالهيون نٿا ڪن، پر عمران خان جي دور ۾ (ٽرمپ جي اڳئين دور ۾) عام معافي ۽ ست خون رڳو طالبان کي معاف هئا، انهن ڪڏهن به بلوچن سان ڳالهيون نه ڪيون. انهن بلوچن جي مرڪزي سياستدانن کي وڌ ۾ وڌ سبسڊيون ڏئي راضي ڪيو، جن جي زمينن مان گيس ۽ معدني دولتون نڪرن ٿيون يا جيڪي زمينون سي پيڪ جي منصوبن ۾ اچن ٿيون، پر اها ڳالهھ گهڻي واضح ٿي چڪي آهي ته بلوچن کي رڳو سي پيڪ جي سزا آهي، هن خطي کي به. هي رياست به ڪنَ کڙا ڪري ته مشرف جي دور ۾ ڊرون حملن واري جنگ پرائي هئي ته سي پيڪ ۾ به هن رياست کي رڳو راهداري ملڻي آهي، جيڪا روڊ ٽيڪس چئون، باقي نه انڊسٽري هتان جي هوندي نه ڪا پراڊڪٽ ۽ سروس هتان جي هوندي، رڳو اهي روڊ رستا جن تي اربين ڊالر چين جا خرچ ٿين ٿا، اهي به چين پاڻ خريد ڪري انهن تي سلڪ روڊ روٽ يا ون روڊ ون لنڪ ڪري هلائيندو، انڌي بُجي ۾ خوش، يا انڌي جهڙي پيڪين تهڙي ساهرين. هن رياست کي جڏهن طالبان جا اڳواڻ ملان عمر ۽ هاڻي افغانستان ۾ رحيم الله عرف شاهد عمر يا حڪيم الله محسود وغيره به لڀي ٿا پون، پر جيڪي بي ايل اي جي پويان لڪل آهن انهن سان ڪير نٿو ڳالهائي، يا ڪير ڳالهائڻ نٿو چاهي. اهي بلوچن جي درد کي سمجهڻ لاءِ تيار ناهن ته پوءِ هن رياست کي اڳتي هلي ڪنڊا ڪڍڻا پوندا جو ڳالھه ڳري ٿيندي پئي وڃي ۽ پاڻي نڪ کان مٿي چڙهندو پيو وڃي.