بلاگنئون مارشلا ۽ جمهوريت May 12, 2026 Zahida Abro جمهوريت جو مطلب آهي عوام جي حڪومت عوام جي لاءِ، 5 سالن کانپوءِ ووٽ سان حساب ورتو ويندو آهي. وزيراعظم پارليامينٽ کي جواب ڏيندو آهي، عدالت آزاد هوندي آهي، ميڊيا آزاد هوندي آهي. جيڪڏهن حڪمران غلطي ڪري ته ايندڙ اليڪشن ۾ عوام انهيءَ کي گهر موڪلي ڇڏيندو آهي. جمهوريت جو فائدو اهو آهي ته دنيا جو هر ترقي يافته ملڪ جمهوريت سان هليو آهي، پاليسي ڊگهي هلندي آهي. ڇاڪاڻ ته ادارا مضبوط هوندا آهن، عوام ڳالهائي سگهندو آهي، تنقيد ڪري سگهندو آهي ۽ ليڊر کي ڊپ ٿيندو آهي ته سڀاڻي ووٽ گهرڻو آهي، پر جمهوريت کي نقصان تڏهن ٿيندو آهي. جڏهن ووٽ برادري پئسي يا نعري تي وڪرو ٿيندو آهي، جڏهن ليڊر 5 سال صرف پنهنجي ڪرسي بچائڻ ۾ مصروف هجي، جڏهن پارليامينٽ قانون جي بجاءِ گارگند جو هنڌ بڻجي وڃي، جڏهن تعليم، صحت ۽ انصاف تي ڪم نه ٿئي، بلڪه صرف رستن ۽ نالين تي اليڪشن وڙهي وڃي. مارشل لا جو مطلب آهي فوج جو سڌو سنئون حڪومت سنڀالي وٺڻ، آئين معطل ٿي وڃي ٿو، پارليامينٽ گهر موڪلي ويندي آهي، هڪ شخص يا ڪجھه ماڻهو سڀ فيصلا ڪن ٿا، عدالت ۽ ميڊيا ڪنٽرول ۾ اچي وڃن ٿا.ماڻهو سمجهن ٿا ته مارشل لا جو اهو فائدو آهي ته فيصلا تڪڙا ٿيندا آهن، فائل نٿا رڪجن، ڪرپٽ ماڻهو ڊپ کان سڌا ٿي وڃن ٿا، رستو صاف هوندو آهي ۽ ٽرين ٽائيم تي هلندي آهي. مارشل لا جو نقصان اهو ٿيو ته وقتي صفائي کانپوءِ ادارا ڪمزور ٿي وڃن ٿا. جڏهن مارشلا جو دور ختم ٿيندو آهي ته سياستدان وري ٻڙي کان پنهنجو ڪم شروع ڪن ٿا، دنيا پابندي هڻي ٿي، قرض مهانگو ٿي وڃي ٿو ۽ سرمائيدار ملڪ کان ڀڄي وڃي ٿو. پاڪستان جي 78 سالن ۾ اٽڪل 38 کان 39 سال جمهوريت رهي، جنهن ۾ 1973ع جو آئين ٺهيو. ايٽمي پروگرام مڪمل ٿيو، موٽروي بڻيو، سي پيڪ آيو، پر گڏوگڏ ڪرپشن وڌي، خانداني سياست هلي ۽ 5 سال اڳ ۾ حڪومتون ڪيرايون ويون. منهنجي خيال ۾ لڳ ڀڳ 40 سال مارشل لا رهي آهي، جنهن ۾ صنعت لڳي، ڊيم ٺهيا، ڊالر 60 جو رهيو، افغان جهاد ۾ ڊالر آيا، پر گڏوگڏ آئين معطل ٿيو، بنگلاديش ڌار ٿيو، ٽي جنگيون لڳيون، انصاف جو نظام ڪمزور ٿيو ۽ سياستدانن کي لاڏلي بنجڻ جي عادت پئجي وئي. اصل نقصان مارشل لا اهو ڏنو ته آئين کي ڪاغذ بڻائي ڇڏيو، جنهن جو مطلب آهي ته سڀاڻي ڪوبه بندوق وارو اچي چئي سگهي ٿو ته مان قانون آهيان. سياستدانن کي سبق مليو ته طاقت اليڪشن سان نه، پر ڪنهن ٻئي اداري کان ملندي آهي. اصل نقصان ڪمزور جمهوريت اهو ڏنو ته جڏهن عوام ووٽ ڏنو ته ليڊر ڪارڪردگي نه ڏيکاري، اسڪول، انصاف، اسپتال، امن ۽ روزگار نه ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ عوام چيو ان کان ته ڊڪٽيٽر بهتر هو. اصل نقصان اسان عوام اهو ڏنو ته اسان 48 سيڪڙو ٽرن آئوٽ تي حڪومت ٺهرائي پوءِ شڪايت ڪئي اسان برادري جي بنياد تي چور کي ووٽ ڏنو وري رناسين. اسان ڪڏهن ليڊر کان سوال نه ڪيو ته ٽيڪس ڪيڏانهن ويو. حل اهو آهي ته ووٽ کي عزت ڏيو، ادارا پنهنجي حدن ۾ رهن، محافظ بارڊر تي، عدالت انصاف تي، سياستدان پارليامينٽ ۾، حڪومت کي 5 سال پورا ڪرڻ ڏيو. سٺي يا خراب هلڻ ڏيو، نه ته ڪوبه پلاننگ نه ڪندو، ليڊر کان نعرو نه سوال پڇو ته اسڪول ڪيترا ٺهيا، اسپتالون ڪيتريون ٺهيون ۽ نوڪريون ڪيتريون ڏنيون ويون، انفرااسٽرڪچر ڇو ڪونه ٺهيو، پبلڪ ٽرانسپورٽ ڇو ڪونه ڏني وئي، ٻارن جي پارڪن تي بلڊر مافيا بلڊنگون ڇو ٺاهيون، وڻ ڇو ڪونه پوکيا ويا، ٻيلا ڇو ڪٽيا ويا.آخري ڳالھه ته مارشلا بخار لاءِ پيناڊول آهي، جيڪا وقتي آرام ڏئي ٿي، بيماري پاڙ کان نٿي پٽي، جمهوريت هڪ اهڙي دوا آهي جيڪا ٿوري ڪساري آهي، ٽائيم وٺي ٿي، پر مرض جي پاڙ پٽي ڇڏي ٿي. شرط ته ملڪ ۽ عوام وزن پورو مڪمل ڪن، يعني اسان پنج سال پورا هلڻ ڏيون. Post Views: 14