آمريڪا هٿيارن جو وڪرو ڪري پاڻ سان گڏ پوري دنيا کي جگنين جا ميدان بڻائي ڇڏيو آهي. هاڻي هر ملڪ ڳرن ھٿيارن وٺڻ تي مجبور آهي. ڇو ته کين هر حال ۾ پنهنجو دفاع ڪرڻو آهي. هن وقت وڏن هٿيارن جي جاءِ تي سمارٽ وار ڊوائيس اچي چڪي آھي. مسلم ملڪن جو وڏي ۾ وڏو دشمن آمريڪا آهي. جڏهن ته يهودي لابي آمريڪا کي پنهنجو سرواڻ سمجهي ٿي، ان ڪري آمريڪا پنهنجي ويجهن ساٿين کي اهڙي ٽيڪنالاجي ڏيئي رهيو آهي، جيڪا مسلم ملڪن وٽ ناهي. خاص طور تي اسرائيل وٽ جيڪا ٽيڪنالاجي آهي اها ڪنهن ٻئي وٽ ناهي.
تازو آمريڪا ۽ چين ۾ جيڪو تڪرار ٿيو آھي، تنهن بابت آمريڪي عملدارن موجب هيڪرز جيڪي آمريڪا جي وڏين ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپنين ۽ ادارن کي نشانو بڻائي رهيا آهن، انهن جو تعلق چين سان آهي. هيڪنگ جي تازن واقعن دروان آمريڪي خزاني واري کاتي کي نشانو بڻايو ويو. ان کي آمريڪي عملدار “وڏو واقعو” قرار ڏين پيا. جڏهن ته چين ان جي ترديد ڪندي لاتعلقي اختيار ڪئي آهي. ٻئي پاسي آمريڪا بضد آهي ته ايف بي آءِ ۽ سائبر سيڪيورٽي اينڊ انفرااسٽرڪچر سيڪيورٽي ايجنسي (سي آءِ ايس اي) وائٽ هائوس جي اليڪشن مهمن کي نشانو بڻائيندڙ ڪردارن جو تعلق چين سان آھي. آمريڪي خزاني واري کاتي جي هيڪنگ کانپوءِ آڪٽوبر ۾ ٻن اهم آمريڪي صدارتي مهمن کي نشانو بڻايو ويو. سيڪيورٽي ادارا انهن هيڪنگ گروپن کي مختلف ڳجھن نالن سان سڏين ٿا. اهو گروپ جيڪو ٽيلي ڪام ڪمپنين کي هيڪ ڪرڻ ۾ ملوث هو، ان کي “سالٽ ٽائيفون” جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.
ٻين ڪمپنين انهن هيڪرز کي “فيمس سپيرو”، “گھوسٽ ايمپرر” ۽ “ارٿ اسٽايرر” جو نالو ڏنو آھي. آمريڪا پاران “زرڪونيم” يا “ججمينٽ پانڊا” آپريشن سان ڳنڍيل هئا. برطانيه جي نيشنل سائبر سيڪيورٽي سينٽر موجب 2021ع ۾ برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن جي اي ميلز کي به انهن ڪارروائين ذريعي نشانو بڻايو ويو ھو ۽ ڊيٽا چوري ڪئي هئي ۽ هاڻي هو آمريڪا جي ٽيڪنالاجي کي به نشانو بڻائي سگهن ٿا، جنهن سان اسرائيل توڙي ٻيا يهودي ملڪ غير محفوظ بڻجي ويا آهن. ٻئي پاسي بيگناهه فلسطينين کي شهيد ڪندڙ اسرائيلي فوجي ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿيڻ لڳا آهن، جنهن سبب انهن ۾ خودڪشي جو رجحان ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. اسرائيلي فوج جي ترجمان موجب غزه ۾ هزارين اسرائيلي فوجين روز روز جنگي صورتحال کان بيزار ٿي جنگيون وڙهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي يا ائين کڻي چئجي ته اسرائيلي فوجين ذهني دٻاءُ سبب جنگي فرضن تان هٿ کڻي ڇڏيو آهي.
اسرائيلي اختيارين موجب فوجين ۾ خودڪشين جو انگ خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آهي، هوڏانهن اسرائيل جي اڳوڻي بچاءَ واري وزير يوگيلانٽ پارليامينٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. غزه جنگ تي نيتن ياهو سان اختلافن سبب يوگينيٽ پارليامينٽ مان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. آمريڪا انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي اسرائيل جي فوج جي ھڪ بٽالين تي پابندي وجھڻ جي تياري ڪري رھيو آھي. ھي پھرين اھڙي پابندي ھوندي. حريدي يھودي به يھودين جي ھڪ شاخ آھي، جن کي قدامت پسند سمجھيو وڃي ٿو. انھن مان گھڻا فوج ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪندا آھن. اسرائيل جي ھر شھريءِ لاءِ فوج ۾ مقرر وقت تائين خدمت انجام ڏيڻ جو لازمي قانون آھي. فوج ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪندڙ حريدي يھودين جو چوڻ ھوندو هو ته اھي پنهنجو وقت توريت ۽ ٻين مذهبي ڪتابن پڙهڻ ۾ گذارين ٿا، پر ڪيترائي حريدي نوجوان ان شرط تي فوجي سروس قبول ڪن ٿا ته کين فوج ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ کين مذهبي فرض پوري ڪرڻ لاءِ گھربل وقت ڏنو ويندو. ”ناحال حريدي“ نالي هڪ غير سرڪاري تنظيم دفاع واري وزارت جي سهڪار سان اسرائيلي فوج ۾ حريدي نوجوانن کي شامل ڪرڻ تي ڪم شروع ڪيو.
اهڙي طرح نيتزا يهودي بٽالين قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ هزارين حريدي سپاهي شامل ٿيا. يروشلم پوسٽ موجب 2024 ۾ هن يونٽ غزه جنگ ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. اڳوڻي اسرائيلي فوجي ڪمانڊر موجب ڪفير برگيڊ، جنهن ۾ نيٽزا يهودي بٽالين شامل آهي، اها لبنان، شام ۽ غزه جي پٽي ۾ وڙهندي رھي آهي. هن وقت ان بٽالين ۾ ھڪ ھزار سپاهي آهن، جن ۾ تربيت حاصل ڪندڙ به شامل آهن. هن يونٽ جي سپاهين کي فوج ۾ ٻه سال ۽ اٺ مهينا لازمي خدمت انجام ڏيڻي پوندي آھي. ٽائمز آف اسرائيل جي مطابق، هن يونٽ ۾ سپاهي عورت سپاهين سان رابطو نه ڪندا آهن ۽ انهن کي مذهبي فرضن ادا ڪرڻ لاءِ اضافي وقت ڏنو ويندو آهي. آمريڪي حڪومت جو قانون، تشدد، عدالت کان مٿانھون قتل، جبري گمشدگي، ريپ وغيره کي انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۾ شامل ڪري ٿو، ان ڪري اسرائيلي فوجي آمريڪي پاليسيءَ تحت ذهني دٻاءُ جو شڪار آهن جيڪا حقيقت ۾ اسرائيل جي تباهيءَ جي نشاني آهي.