ايڊيٽوريلنئون

خيبر پختونخواهه جي قبائلي ضلعي ڪُرم ۾ امن خواب بڻيل آهي

            سالن کان دهشتگرديءَ جي ور چڙهيل خيبر پختونخواهه صوبو گذريل 12 سالن کان تحريڪ انصاف جي حڪومت هيٺ رهندو آيو آهي. گذريل اليڪشن ۾ به 80 سيڪڙو کان مٿي قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جون سيٽون تحريڪ انصاف حاصل ڪيون آهن. اتي جو وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور آهي جيڪو ڌمڪين ڏيڻ ۾ ته ماهر آهي، پر پنهنجي صوبي جي امن امان قائم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪو آهي، ڇو ته سندس پورو ڌيان اسلام آباد تي يلغار ڪرڻ طرف هوندو آهي يا هو صرف نالي ماتر ڌمڪيون ڏيندو آهي.

            اي اين پي جا اڳواڻ هجن يا مولانا فضل رحمان جي پارٽي جي يو آءِ ايف انهن جو پڻ خيبر پختونخواهه ۾ اثر موجود آهي، ان جي باوجود انهن جي ترجيحات ۾ پڻ صوبي جو امن نظر نٿو اچي، مولانا صاحب مدرسن جي بل جي لاءِ ته تمام گهڻو سنجيده ٿي ويو، پر پورو ضلعو جنهن ۾ سوين بيگاهه ماڻهو مارجي ويا آهن جتي کاڌي پيتي ۽ دوائن جي رسد نٿي پهچي خاموش ڇو آهي، اهو هڪ سوال آهي؟ خيبر پختونخواهه جي حڪومت جي غير سنجديدگيءَ سبب پهرين کان دهشتگردي جي ور چڙهيل صوبو هن وقت تباهه حالي جو شڪار نظر اچي ٿو، امن امان نظر نٿو اچي، دهشتگرد اتان جي عوام کي يرغمال ڪري ڀتا وصول ڪري رهيا آهن ۽ خيبر پختونخواهه جي حڪومت صرف ڪوڙا بيان ڏئي رهي آهي. گذريل ٽن مهينن کان ٿيندڙ قبائلي ضلعي ڪُرم ۾ هڪ زميني تنازعو ٿيو، جنهن ۾ 150 کان مٿي بيگناهه ماڻهو مارجي ويا، ان کانپوءِ انهيءَ معاملي کي فرقيواريت جو لباس پهرايو ويو. خيبر پختونخواهه جي حڪومت جرڳي جي ذريعي ان معاملي کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو بظاهر ته حل ٿيو، پر جڏهن خيبر پختونخواهه حڪومت جي اعلان مطابق کاڌي پيتي جون شيون ۽ دوائون کڻي ويندڙ قافلو ڪرُم طرف روانو ٿيو ته ان وقت هيءَ خبر سامهون آئي ته ڪرم ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر تي نامعلوم ماڻهن حملو ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ هو زخمي ٿيو آهي، هن سان گڏ ٻه ٻيا آفيسر به زخمي ٿيڻ جو اطلاع آهي. جنهن کانپوءِ ڪرم طرف امدادي سامان کڻي ويندڙ گاڏين جو قافلو روڪيو ويو آهي. ٽن مهينن کانپوءِ ٿيندڙ ڪاغذي ٺاهه ڪجهه ڪلاڪ به نه هلي سگهيو آهي. جيڪڏهن ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر محفوظ نه آهي ته پوءِ عام عوام جو محفوظ هجڻ جو تصور ڪيئن ٿا ڪري سگهون. چيو وڃي ٿو ته ڊپٽي ڪمشنر تي حملي ۾ ڪُرم ۾ وڳوڙ ڪندڙ ٻئي ڌريون ملوث نه آهن ته پوءِ آخر هي نوان وڳوڙي ڪٿان ظاهر ٿيا آهن، جيڪو ڪجهه به آهي انهن وڳوڙين کي ختم ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي، جنهن ۾ هو ناڪام وڃي ٿي ۽ عوام ڀوڳي ٿو. جنهن حڪومت جو ڊپٽي ڪمشنر محفوظ نه هجي ان حڪومت تي عوام ويساهه ڪيئن ڪري سگهي ٿو ته اها حڪومت هڪ ڪمزور ۽ هٿين خالي عوام کي تحفظ ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيندي. حڪومت چاهي خيبر پختونخواهه جي هجي يا وفاقي حڪومت هجي اهي صرف پاڻ ۾ وڙهنديون رهن ٿيون، عوام دهشتگردن جي هٿان يرغمال ٿيل آهي. سنڌي جو پهاڪو آهي ته هنڌ اهو سڙي جتي باهه ٻري. ٿي سگهي ٿو ملڪ جي باقي حصن کي ڪرم ضلعي جي ماڻهن جي تڪليف جي شدت جو ايترو احساس نه هجي جيترو ڪرم ضلعي جو عوام ڀوڳي رهيو آهي ۽ محسوس ڪري رهيو آهي. هن وقت به خيبر پختونخواهه جي ترجمان جو هڪ عام رواجي بيان سامهون آيو آهي، عام رواجي بيانن سان جيڪڏهن امن امان قائم ٿي سگهي ته پوءِ پوليس ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي هجڻ جو ڪهڙو جواز؟

            پوري ملڪ جي عوام جو پرزور مطالبو آهي ته جنهن به صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر نه آهي، سڀ کان پهرين ان صوبي جي حڪومت ذميوار آهي. ان کانپوءِ وفاقي سرڪار پڻ ذميوار آهي، جنهن وٽ وسيلن جي کوٽ نه آهي. امن امان خراب ڪرڻ وارا چند فرد آهن اهي رياست کان ڪيئن ڏاڍا ٿي سگهن ٿا؟ جيڪڏهن قاتلن کي جوڳي ۾ سزا نه ڏني ويندي صرف تنبيهه ڪئي ويندي ۽ رياست خاموش رهندي قاتل آزاد گهمندا رهندا ته پوءِ امن امان جو تصور ڪرڻ ناممڪن آهي. قاتل ڪيترا به طاقتور هجن ڪنهن به فرقي سان تعلق رکندا هجن يا ڪنهن به سياسي پارٽي جا ڪارڪن هجن اهي دهشتگردن آهن انهن سان رياست دهشتگردن وارو سلوڪ نه ڪندي ته امن خواب بڻيل رهندو. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته شايد رياست نٿي چاهي ته امن امان برقرار رهي. انهيءَ باهه کي نه وسايو ويو ته اها باهه پوري ملڪ کي پنهنجي شعلن ۾ آڻي ساڙي ڇڏيندي.