بلاگنئون

خان جون بيڪار حڪمت عمليون

نيت ڀلي چڱي هجي يا نه پر ان نيت سان ڪيل غلط فيصلا پوءِ به ڳچي ۾ ٿا پون. مثال طور: نيت خراب هجي ۽ فيصلا صحيح ڪجن ته به ڳالھ ڳچي ۾ ٿي پئي يا فيصلن جو اطلاق نيتن کان الڳ نٿو ڪري سگهجي. اهڙيءَ طرح رسڪ فيڪٽر کي گھٽائي نٿو سگهجي، فيصلا ڪيئن به هجن يا ڪجن، پر نقصان جا انديشا ٽاري نٿا سگهجن. اهڙا فيصلا يا نيتون هلي هلي آخر ۾ برداشت کان ٻاهر ٿيو ٿا وڃن، جو اهڙا نقصان ۽ رسڪ برادشت نه ڪري سگهجن. ان ڪري سياسي فيصلا به ساڳي ڳالھ آهن جن ۾ سياستدان پاڻ سان گڏ عوام کي به نقصان ۾ ٿا وجهن، پوءِ ان ۾ انهن جي لاءِ پنهنجو رسڪ فيڪٽر ڀل وڌي وڃي، پر اهڙن سياستدانن کي امرتا ملي ٿي وڃي جن جي فيصلن سان عوام جي زندگي ۽ مستقبل سنوارجي ٿو وڃي، جنهن جا مثال ملڪ جي سياست ۾ ملن ٿا. سياستدانن جا اهڙا فيصلا ڀلي عوام تي اثر انداز نه به ٿين، پر سياستدان پاڻ هاءِ رسڪ ٿي ٿا وڃن، جو انهن جا پنهنجا فيصلا انهن جي ڳچيءَ ۾ ٿا پون. ڇو ته عوام رڳو روڊن تي هنبوشيون هڻڻ کانسواءِ ڪجھ به ناهي ڪري سگهندو، پوءِ اهو مذهبن جون ڪَلون ثابت ٿين يا سياستدانن جي لاءِ نچن ۽ ڳيچ ڳائين، جيڪا مهم هاڻي خان جي سياست ۾ ڪجھ ڳچ آهي. عوام جو جوش ڪنهن به آئين ۽ قانون ۾ تڏهن نٿو اچي جڏهن اڳواڻ پاڻ ملڪي ناموس تري تي رکي، نقصان انديشا ۽ فتنا فساد ڪرائڻ چاهين ٿا. تڏهن عوام ته عاشقي جي حد تائين انهن اڳواڻن جي ها ۾ ها ٿو ملائي، ان ۾ عجب ناهي. ڏور يا ويجهر ماضي ۾ اهڙا جلسا جلوس سڀني پارٽين جي حصن ۾ نظر آيا، جنهن ۾ نون ليگ جلسا ڪيا ته به ماڻهو نچن ڪڏن پيا يا پيپلزپارٽي به. ماڻهن کي اها ڳالھ سمجهائڻ ڏکي هوندي آهي ته جنهن سرڪار مهانگائي جا طوفان آندا، جنهن پارٽيءَ بيروزگاري آندي، جنهن ادارا گروي رکيا، جنهن آءِ ايم ايف وٽ اسٽيٽ بينڪ کپائي ڇڏي، جنهن سرڪاري اوگرا جا اخيتار وڪڻي ڇڏيا، ان سياسي پارٽيءَ جي وڄايل دهل تي ڇو ٿا نچو؟ پر عوام جو عشق انڌو هوندو آهي، انهن کي نٿو سمجهائي سگهجي، ساڳي ڳالھ مذهبي ٽولن وٽ به آهي ته اهي هڪ اشاري ته لکين ماڻهو جمع ڪري ٿا وٺن.

سياسي سمجھ ۽ دورانديشي وارا فيصلا اڳواڻن جو سياسي مستقبل ضرور ٿا ٺاهين، انهن جي سياسي عمر ۾ واڌ ٿا ڪن، انهن جي سياسي بصيرت تي چار چنڊ ٿا لڳائين، پر غلط فيصلا ۽ گھٽ سياسي سمجھ ملڪ اندر انتشار جي صورتحال پيدا ٿا ڪن. مثال طور: ڪرڪيٽ وانگي ٿرڊ ايمپائر جي فيصلي کي نه مڃڻ پاڻ راند جي منحرفين ۾ شامل ٿيڻ هوندو آهي، ان ڪري گيم اسپرٽ ۾ اها ڳالھ ضرور هوندي آهي ته ماڻهو غلطين مان سکي. ضد يا سياسي جهيڙا ان ڳالھ جا حامل ناهن ته انهن تي ڀاڙي سياسي سگھ حاصل ڪري سگهجي. اهڙي ڳالھ ته سياسي سمجھ رکڻ وارا فورن سمجهي ٿا وٺن، اهي سياست ۾ حرفتي پيرا کڻي ڪنهن اهڙي نتيجي تي پڄن ٿا جنهن مان ڪو کڙ تيل نڪري. بدلي جي سياست ڪرڻ واري ڳالھ پاڻ ٻج ٿي پوکي جيڪو وري ايندڙ سرڪار ۾ اهي حڪومتي دور وارا جڏهن مخالف ٿين ٿا اهي وڪڙ ۾ ڦاسن ٿا ۽ وقت جي سرڪار ڪري ٿي وٺي. سياست به وڏي سمجھ ٿي گهري جيڪا غلطين سان ۽ سياسي مصلحتن سان سکي سگهجي ٿي. ڪورٽن کي گھٽ وڌ چوڻ، عسڪري ادارن کي گھٽ وڌ چوڻ، بغاوت ڪرڻ، ميڊيائي مهم  (ٽوئيٽر ٽرينڊ) ذريعي بغاوت وڌائڻ، جنهن جو اعتراف خان پاڻ ڪيو ۽ سائيبر ڪرائيم وارن جا الڳ ڇاپا، جنهن ۾ هن جي ڪارڪنن جون گرفتاريون، ڪورٽن ۾ انهن سائيبر ڪرائيم جي وٺ پڪڙ وغيره وغيره، پر جڏهن خان پاڻ ٿو چئي ته اهي ماڻهو هن جا ”ڪيبورڊ واريئرز“ آهن جيڪي ڪمپيوٽرن تي ويهي هيڪنگ ٿا ڪن، جيڪي ٽوئيٽر (ايڪس) تي ٽريبنڊ ٿا هلائين، جيڪي سوشل ميڊيا تي مهم سازي ٿا ڪن، سوشل ميڊيا تي سروي ٿا هلائين، جيڪي عسڪري ادارن کي نشانو ٿا بڻائين. تقريبن سترنهن ملڪن جا ماڻهو (يا ڪجھ ڳچ) جيڪي هن جي اشاري تي ”پيڊ ورڪرز“ آهن. انهن کي اهڙي مهم سازي ۽ اڪائونٽ هيڪنگ ۽ ٽرينڊ هلائڻ جا ڏوڪڙ ٿا ملن. مصيبت اها به آهي ته انگريز ملڪ يا غير اسلامي ملڪ جڏهن هن جي مدد ڪن تڏهن ڪا به ڪنسپائريسي ناهي، ڪابه سازش ناهي، ڪابه مداخلت ناهي. جڏهن ساڍا ٽي سال هي ايوان جي ڪرسين تي ويهي پي ڊي ايم کي ننديدو رهندو هيو، انهن کي چيڀاٽيندو هو، انهن کي ڪنڊيم ڪندو رهندو هو، تڏهن صحيح هو، پر جڏهن بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب وئي تڏهن هن چورن سان ويهڻ پسند نه ڪيو. هاڻي اها ڪهڙي سياست چئون يا ڪهڙي سياسي ميچوئرٽي سمجهون يا هي اڳتي هلي ڪهڙي پختي سياست ڪري سگهندو، جيڪو هر دفعي عوام کي رياست سان وڙهڻ ٿو سيکاري ۽ سول نافرماني (جيئن هي پاڻ به ڪندو هو) هاڻي به ساڳي ڳالھ ٿو ڪري.

رڳو جلسا جلوس ڪري ماڻهن کي مختلف شهرن مان گڏ ڪري به پاڻ مڃائي نٿو سگهجي، سياستدان ڪيتري به هير ڦير ڪري پر آل رائونڊر هجي. رڳو ايمانداري به ڪم جي ناهي (سياست ۾) يا اهڙي ايمانداري جنهن ۾ رهو حلال باقي ٻوٽيون حرام. خان جي ڪلهن تي چڙهي جهانگير ترين ۽ فرح گوگي ڪرپشن ڪري ويا، خان انهن جو سهولتڪار بڻجي ته ڀلي بڻجي. اها ڳالھ مڃون ٿا ته سسٽم خراب آهي، ماڻهو خراب ناهن. اها ڳالھ به آهي ته لالوکيت ۾ رهي لنڊن جي قانون ۽ ضابطن جا خواب نٿا لهي سگهجن، صدر ۾ رهي سنگاپور کي آئيني ۾ نٿو ڏسي سگهجي، پر جنهن ملڪ ۾ روڊن جي حالت زار هجي، ٽرانسپورٽيشن جي حالت بيڪار هجي هڪ ئي ملڪ ۾ ٻه ملڪ هجن، هڪڙا زرعي سيڪٽر جا ماڻهو مجبور هجن ته ٻيا وري صنعتي زونز ۾ عياشي ڪندا هجن. ڏيکارڻ لاءِ ترقي يافتا پاڪستان وري پنڻ لاءِ غريب پاڪستان، ائين ئي سياست به ورهايل هجي ٿي جيئن هڪڙي منفي ته ٻي مثبت، اتي ماڻهن کان سول نافرماني ڪري ڇا ڪبو؟

خان جي مٿان ايترا ته الزام آهن جيئن زرداري ۽ نواز شريف جي مٿان، اهي ويهي ڏسجن ته هي خان به انهن سان ملائي بيهارجي. مثال طور: فارين فنڊنگ کان وٺي ڪي پي جي ناڪام پروجيڪٽس تائين، ڊسڪا (پنجاب) جي اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي معاملن کان وٺي، آئين شڪني تائين يا هاڻي سول نافرماني جي سڏ تائين، پر آئين، قانون ۽ رياست سان سينو ساهي نٿو سگهجي، جيڪا ڳالھ خان جي کوپڙي ۾ نٿي ويهي. رياست جا فيصلا ٿرڊ ايمپائر تائين پڄائي تبديل نٿا ڪرائي سگهجن. جنهن رياست ۾ رهڻو ان جي هر ڳالھ، هر آئين ۽ قانون به مڃڻو پوندو. مثال طور: اٽي، کنڊ، احساس پروگرام جي ڪرپشن جي ڪيسن ۽ ان کان علاوه 12 مارچ 2022 تي خان کي جڏهن ڪورٽ منع ڪئي هئي ته هو وزيراعظم جي حيثيت ۾ بلدياتي اليڪشن جي سياسي مهم نه هلائي، ڇو ته ان کان اڳ ڪي پي جي اليڪشن ۾ خان کي ڪاپاري ڌڪ لڳو هو جڏهن اهي سڀ سيٽون (گھڻي ڀاڱي) اي اين پي ۽ جميعت علماءِ اسلام کڻي وئي هئي ۽ هن کي هار نصيب ٿي هئي. ان کان اڳ پارٽي اندر انٽرا اليڪشن ڪرائڻ واري ڳالھ تي ڪورٽ 4 جون 2021 تي خان کي نوٽيس موڪليا هئا ته هڪ ڪرسي سنڀال يا وزيراعظم جي يا پارٽي چيئرمين. هن شخص ضد ۾ وزيراعظم جي ڪرسي ڇڏي ڏني، پر پارٽي چيئرميني نه ڇڏيائين. خان کي خوف اهو به هو ته هن جو ڪو سياسي وارث ناهي، خان آهي ته پارٽي به آهي، جي خان ويو ته پارٽي به دفن ٿي ويندي، پر هن ته ڪورٽن سان ڪوڙ بدوڙ هڻي آئين ۽ قانون جون انحرافيون ڪري پنهنجي سياست خراب ڪئي ٻيو ڪجھ به نه.

عمران خان جي ڪرسي جي بچاءُ جي لاءِ عوام جي سياسي فرضن ۽ واجبن ۾ شامل آهي ته اهي عام ماڻهو هاڻي عمران جي آزاديءَ جي آزاديءَ جي جنگ وڙهن ۽ هاڻي سمورو ملڪ عمران جي پاسي ٿي بيهي، پر ڪي پي وارا هن جي پاسي ٿي بيٺا آهن اهي سمجهن ٿا ته پي ٽي آءِ رڳو ڪي پي جي پارٽي آهي جيئن هي پاڻ ماضيءَ ۾ چوندو يا ڪندو هو هنن ڪي پي وارن به پاڻ ملهايو آهي ان ڪري ته جڏهن بي آر ٽي بس پروجيڪٽ کان وٺي، صحت ڪارڊ، آءِ ٽي پروگرام، ميونسپل پالٽيءَ جا ترقياتي پروگرام، احساس پروگرام ۽ بجيٽون سڀ جون سڀ ڪي پي جي نالي هيون هاڻي به ٽي صوبا هڪ پاسي ۽ ڪي پي هڪ پاسي. اها ڳالھ سڀ مڃين ٿا ته عمران پنهنجي دور ۾ رڳو مخالفن ۽ مذهبي پارٽين کي نندڻ کانسواءِ ڪجھ به نه ڪيو. هن ساڍن ٽن سالن ۾ رڳو سياسي مخالف پيدا ڪيا. هاڻي به ساڳي ڳالھ اٿس ”معنيٰ دٻي ۾ ٺڪريون“ جو جڏهن به کڙڪايو هڪ ئي آواز، جو ڪرسي کان اڳ به ساڳي ڳالھ، ڪرسي غلطي سان مليس ته به ساڳيو راڳ ۽ هاڻي ڪرسي تان لهي جيل ۾ آهي ته به ساڳيو راڳ، پر هيل واري سول نافرماني واري ڳالھ پي ٽي آءِ جي سياسي بربادي آڻيندي ٻيو ڪجھ به. ان ڪري ته ڪيسن مان جان ڇڏائڻ مڙسي آهي، سواءِ قانوني رستن جي ٻيا سڀ رستا سياسي تباهي جا ڪارڻ هوندا، جيڪا ڳالھ خان ۽ امين گنڊاپور جهڙا سياستدان سمجهن نٿا ته هو حڪومت ۾ هوندي به هٿيارن جي ڳالھ ٿو ڪري، چئي ٿو ته سواءِ ويڙھ جي ڪو ٻيو رستو ناهي جيڪا ڳالھ حيرت جهڙي آهي ته هي پي ٽي آءِ وارا عمران جي عشق ۾ آخر ڇا ڪندا؟