نيت ڀلي چڱي هجي يا نه پر ان نيت سان ڪيل غلط فيصلا پوءِ به ڳچي ۾ ٿا پون. مثال طور: نيت خراب هجي ۽ فيصلا صحيح ڪجن ته به ڳالھ ڳچي ۾ ٿي پئي يا فيصلن جو اطلاق نيتن کان الڳ نٿو ڪري سگهجي. اهڙيءَ طرح رسڪ فيڪٽر کي گھٽائي نٿو سگهجي، فيصلا ڪيئن به هجن يا ڪجن، پر نقصان جا انديشا ٽاري نٿا سگهجن. اهڙا فيصلا يا نيتون هلي هلي آخر ۾ برداشت کان ٻاهر ٿيو ٿا وڃن، جو اهڙا نقصان ۽ رسڪ برادشت نه ڪري سگهجن. ان ڪري سياسي فيصلا به ساڳي ڳالھ آهن جن ۾ سياستدان پاڻ سان گڏ عوام کي به نقصان ۾ ٿا وجهن، پوءِ ان ۾ انهن جي لاءِ پنهنجو رسڪ فيڪٽر ڀل وڌي وڃي، پر اهڙن سياستدانن کي امرتا ملي ٿي وڃي جن جي فيصلن سان عوام جي زندگي ۽ مستقبل سنوارجي ٿو وڃي، جنهن جا مثال ملڪ جي سياست ۾ ملن ٿا. سياستدانن جا اهڙا فيصلا ڀلي عوام تي اثر انداز نه به ٿين، پر سياستدان پاڻ هاءِ رسڪ ٿي ٿا وڃن، جو انهن جا پنهنجا فيصلا انهن جي ڳچيءَ ۾ ٿا پون. ڇو ته عوام رڳو روڊن تي هنبوشيون هڻڻ کانسواءِ ڪجھ به ناهي ڪري سگهندو، پوءِ اهو مذهبن جون ڪَلون ثابت ٿين يا سياستدانن جي لاءِ نچن ۽ ڳيچ ڳائين، جيڪا مهم هاڻي خان جي سياست ۾ ڪجھ ڳچ آهي. عوام جو جوش ڪنهن به آئين ۽ قانون ۾ تڏهن نٿو اچي جڏهن اڳواڻ پاڻ ملڪي ناموس تري تي رکي، نقصان انديشا ۽ فتنا فساد ڪرائڻ چاهين ٿا. تڏهن عوام ته عاشقي جي حد تائين انهن اڳواڻن جي ها ۾ ها ٿو ملائي، ان ۾ عجب ناهي. ڏور يا ويجهر ماضي ۾ اهڙا جلسا جلوس سڀني پارٽين جي حصن ۾ نظر آيا، جنهن ۾ نون ليگ جلسا ڪيا ته به ماڻهو نچن ڪڏن پيا يا پيپلزپارٽي به. ماڻهن کي اها ڳالھ سمجهائڻ ڏکي هوندي آهي ته جنهن سرڪار مهانگائي جا طوفان آندا، جنهن پارٽيءَ بيروزگاري آندي، جنهن ادارا گروي رکيا، جنهن آءِ ايم ايف وٽ اسٽيٽ بينڪ کپائي ڇڏي، جنهن سرڪاري اوگرا جا اخيتار وڪڻي ڇڏيا، ان سياسي پارٽيءَ جي وڄايل دهل تي ڇو ٿا نچو؟ پر عوام جو عشق انڌو هوندو آهي، انهن کي نٿو سمجهائي سگهجي، ساڳي ڳالھ مذهبي ٽولن وٽ به آهي ته اهي هڪ اشاري ته لکين ماڻهو جمع ڪري ٿا وٺن.